Tuesday, 8 August 2017

سنڌي جنگين ۾ ڇو هارائيندا رهيا؟ نصير اعجاز

سنڌي جنگين ۾ ڇو هارائيندا رهيا؟
نصير اعجاز.
سڪندر مقدونيءَ جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھو ته ھتان جا مقامي سردار ۽ مختلف پرڳڻن جا حڪمران قوم سان غداري ڪري پنھنجي جان بچائڻ لاءِ ساڻس ملي ويا ھئا. ڪيترن ئي سردارن کي ھن لالچون ڏئي خريد ڪري ورتو ھو. پوءِ رڳو سنڌي قوم جا جوڌا انفرادي ٽولن جي شڪل ۾ ساڻس جنگ جوٽيندا رھيا. بنا قيادت ۽ غير منظم ويڙھه ۾ ھزارين سنڌي ڪونڌر ڪسجي ويا. تاريخ جي ھڪ ٻئي موڙ تي جڏھن ڪجھه ھزارن تي مشتمل عرب فوج سنڌ تي ڪاھه ڪئي ته ديبل جي مندر تي منجنيق جو پٿر لڳڻ سان سنڌ جي شڪست جي شروعات ٿي وئي. ان وقت به اندروني ويڙھه، سازشن ۽ مقامي سردارن ۽ پرڳڻن جي گورنرن جي غداريءَ قوم کي شڪست جي ذلتن ڏانھن ڌڪي ڇڏيو ۽ غلاميءَ جو ھڪ ڊگھو دور شروع ٿي ويو. ڏاھر جي وڏي فوج به عرب ڦورن کي منھن نه ڏئي سگھي ۽ ھزارين سنڌي سپاھي مارجي ويا، ھزارين گرفتار ٿيا ۽ ھزارين نياڻيون عزتون لُٽائي ويٺيون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته راجا ڏاھر نظرياتي ۽ مذھبي ڦوٽ جو شڪار ٿيو جو برھمڻن جي غلبي سبب ٻُڌ مت جا ماڻھو بيزار ھئا. ديبل کان ويندي اروڙ تائين جتي به ٻُڌ مت جا پوئلڳ ھئا، جن ۾ اروڙ جو گورنر به شامل ھو، تن ڏاھر خلاف عربن جو ساٿ ڏنو. عربن جي ڪاھه جو اطلاع اڳواٽ ملڻ تي ڏاھر اڳتي وڌي جنگ جوٽڻ ٿي چاھِي پر سندس غدار صلاحڪارن ۽ گورنرن کيس چيو ته عرب ھتي اچي لُٽ ڦُر ڪري ھليا ويندا انڪري وڙھڻ جي ضرورت ناھي. ان صورتحال ۾ جڏھن عرب جارح آيا ته ڏاھر دفاعي پوزيشن ۾ اچي ويو ۽ جنگ ھارائي مارجي ويو.
ارغونن، تُرخانن ۽ مغلن جي دور ۾ به ساڳيا ئي ڪارڻ سنڌين جي شڪست جو سبب بڻيا ۽ سنڌي ڏن ڀرُو ٿي جيئندا رھيا. ھتي ڊچ اچي تباھي ۽ بربادي پکيڙي ويا پر سنڌي ڪجھه نه ڪري سگھيا. ٽالپر حڪمرانن جي نااھلي، بي عقلي ۽ نفاق انگريز فوج کي سنڌ تي قبضي جو موقعو ڏنو. عياشين ۾ رُڌل ٽالپر حڪمران سنڌ کي ٽڪرا ڪري الڳ حڪومتن جو بنياد نه رکن ھا ۽ پاڻ ۾ متحد ھجن ھا ته شايد سنڌ کي شڪست نصيب نه ٿئي ھا. “ميرن کي پنھنجي گھران لڳڻ” واري چوڻي به تڏھن ئي مشھور ٿي. جيئن ڏاھر جي زماني ۾ برھمڻن جي تسلط سبب ٻُڌ مت جي ماڻھن جارح عربن جي مدد ڪئي تيئن ٽالپرن جي زماني ۾ سندن مذھبي تعصب وارين پاليسين سبب نائونمل جھڙا غدار پيدا ٿيا. ميرن وٽ ڪا باقاعده فوج به ڪانه ھئي. جڏھن انگريز جارح فوج مٿان اچي پھتي تڏھن ٽالپرن رضاڪارن کي گڏ ڪيو جيڪي ڀالا، تلوارون، پراڻيون بندوقون ۽ ڪجھه توبون کڻي مياڻيءَ جي ميدان ۾ لٿا. انگريز فوج پيشه ورانه طور سکيا ورتل ۽ جديد ھٿيارن سان ليس ھئي. وٽن توبون به ھيون ته ٻيا اھڙا ھٿيار به ھئا جيڪي 100 کان 150 والن تائين مار ڪري ٿي سگھيا. ميرن جي رضاڪار فوج 8000 کن ھئي جڏھن ته انگريز فوج ان جي ٽئين حصي برابر ھئي. ايئن چئن پنجن ڪلاڪن جي ويڙھه ۾ پنج ڇھه ھزار رضاڪار سنڌي سپاھي شھيد ٿي ويا ۽ سنڌ انگريزن جي ھٿن ۾ ھلي وئي. سنڌي رضاڪار سپاھين جو حوصلو بلند ھو پر انگريزن جي رائفلن جو مار سنڌين جي حوصلن کان وڌيڪ خطرناڪ ھو. ٽالپرن موجب انگريزن جا به 3000 فوجي مئا پر انگريزن جي رڪارڊ موجب سندن انڊين آرميءَ جا ڪل 62 سپاھي مئا ۽ 194 زخمي ٿيا. مياڻيءَ جي جنگ ۾ مير شير محمد ٽالپر جي 8000 رضاڪار فوج به شامل نه ٿي سگھي جو ھو دُٻي (دو آبي) وٽ انتظار ڪندو رھيو ۽ جڏھن مياڻيءَ جي ميدان ۾ سنڌين کي شڪست ملي تڏھن ھن انگريزن کي للڪاريو. ھن انگريزن کي 48 ڪلاڪن ۾ حيدرآباد خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو پر جواب توبن جا گولا ڇوڙي ڏنو ويو. مير شير محمد به دُٻي واري جنگ ھارائي ڏھه سالن تائين گوريلا جنگ وڙھندو نيٺ اچي انگريزن آڏو پيش پيو. دُٻي واري جنگ کان وٺي “مرويسون مرويسون، سنڌ نه ڏيسون” نعري جو پڙاڏو اسان جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو. اڄ به سنڌي ان نعري جي آڌار پنھنجا حوصلا بلند رکندا ھڪ غير منظم قوم طور پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙھندا رھن ٿا، پر بنا ڪنھن نتيجي. سورھيه بادشاھه شھيد پير صبغت الله به وطن يا ڪفن جو نعرو ھڻي انگريزن سان جنگ جوٽي پر آزاديءَ جي ان جنگ جو انجام توڙي ان جا ڪارڻ سڀني جي آڏو آھن. انگريز کان اڳ آيل سمورا جارح موٽي ويا. پوئتي ڪي ماڻھو رھجي به ويا ته ھو سنڌي سماج ۾ جذب ٿي ويا. انگريز اھڙو مڪار ھو جنھن سنڌين کي منھن ڏيڻ لاءِ پنجابين جي لوڌ لڏائي آڻڻ سان گڏ غدار قبيلن کي بلوچستان مان آڻي جاگيرون ڏئي سنڌ ۾ آباد ڪيو. ايئن ھنن مقامي آباديءَ جي تناسب کي ڌڪ ھنيو
سنڌين جي انھن شڪستن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ته ڪيترائي ڪارڻ آڏو ايندا جن ۾ نظرياتي ۽ سياسي ڦوٽ، منظم فوج نه ھجڻ، نظم ضبط جي اڻھوند، جنگ جي رٿابنديءَ جو نه ھجڻ، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن جي غداري ۽ سنڌي حڪمرانن جي اٻوجھائي ۽ نا اھلي توڙي مفاد پرستي وغيره شامل آھن. ورھاڱي کانپوءِ ھٿ ٺوڪي آزاد ملڪ ۾ ته سنڌ ۽ سنڌين جون حالتون ويتر خراب رھيون آھن. جيئن ماضيءَ جي جارح بادشاھن سنڌ تي قبضي لاءِ مذھب جي آڙ ورتي تيئن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به مذھب کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو. ساڳي طرح وڌيڪ لوڌون آڻي سنڌين جي آباديءَ جو توازن خراب ڪيو. اڄ به سنڌ ۽ سنڌي غلام آھن، سندن وسيلن تي قبضو آھي، سندن ٻولي ۽ ثقافت خطري ۾ آھي، سندن وجود ميسارجڻ جو انديشو آھي. سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جون سازشون تيار ٿي رھيون آھن. سنڌين جي ويڙھه به جاري آھي پر مختلف محاذن تي شڪستون به نصيب ٿينديون رھن ٿيون.
شڪست جنگ جي ميدان ۾ ھجي يا سياسي ميدان ۾، نفسياتي، ثقافتي، سماجي توڙي اقتصادي ميدان ۾ ھجي، جيڪڏھن ڪا قوم ھارائي ٿي ته ان کي شڪست ئي چئبو.
مان اڪثر سوچيندو آھيان ته اسين سنڌي عظيم تھذيب جا وارث، جنگي جوڌا، سدائين پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ وڙھندا رھيا آھيون. وجود کي بچائڻ لاءِ وڙھيل انھن باقاعده جنگين ۽ بيقاعده ويڙھاند سان ڀريل تاريخ جا قصا پنھنجي ھر نئين نسل کي پڙھائي ۽ زباني ٻڌائي سندن حوصلا وڌائيندا پاڻ پوڙھا ٿيندا رھيا آھيون، پر ڪڏھن به کين سنڌين جي شڪستن جي ڪارڻن کان آگاھه نه ڪيوسين. ڪڏھن به انھن ڪارڻن جو تجزيو نه پاڻ ڪيوسين نه پنھنجي نئين نسل کي ان پاسي سوچڻ تي مجبور ڪيوسين ته جيئن ھو ماضيءَ جي غلطين جي ڇنڊڇاڻ ڪري مستقبل ۾ پنھنجي قومي خودمختياري بحال ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٺاھي سگھن.
سنڌ جي تاريخ مٿس حملن جي واقعن ۽ قصن سان ڀري پئي آھي.جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آھي، سنڌين ڀرپور مزاحمت به ڪئي آھي. ھزارين جوڌن پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنو آھي، پوءِ به ڪو ٿورڙو وقت ئي اھي خودمختيار رھي سگھيا آھن. ايئن به چيو وڃي ٿو ته سنڌي سدائين امن پسند قوم رھيا، خوشحال ھئا، وسيلن وارا ھئا، تنھنڪري ھنن نه ڪڏھن ٻين خلاف جارحيت ڪئي ۽ نه ڪڏھن جنگجو قوم بڻجي سگھيا. وري اھو به پڙھون ٿا ته نه رڳو سنڌ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاء ھنن گوريلا جنگيون وڙھيون ۽ “ھڻ ڀالا وڙھه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار” جيان به ميدان ۾ نڪري سڌو سنئون دشمن فوج سان مُھاڏو اٽڪايائون پر ايران ۽ آفريڪا تائين ٻين جي فوج ۾ شامل ٿي به جنگي ڪارناما انجام ڏنائون، پوءِ ڇو اسان جي تاريخ شڪستن ۽ غلاميءَ جي ذلتن سان به ڀري پئي آھي. اھو غلاميءَ جو ڳٽ جيڪو اڳي به اسان جي ڳچيءَ ۾ ھو ۽ اڄ به ان ڳٽ کي ڳچيءَ مان نه ڪڍي سگھيا آھيون.
ڇا ان کي اسان ڪافي سمجھون ٿا ته اسان زنده آھيون؟ ڇا اسين صرف ان نعري جي پڙاڏي ھيٺ مسڪينن واري حياتي گذاري زندگيءَ جا باقي ڏينھڙا گھارڻ کي مناسب سمجھون ٿا ته “سنڌي عظيم تھذيب جا وارث آھن، ان قوم کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي، اھا قوم، سندس ٻولي ۽ ثقافت سدائين زنده رھندا”. مان ايئن بلڪل نٿو چوان ته سنڌي ماٺ ڪري ويٺا آھن ۽ ڪجھه به نٿا ڪن. اسان وڙھندا رھيا آھيون، وڙھون پيا ۽ وڙھندا رھنداسين. پنھنجي ڌرتي، پنھنجي وجود، پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ پر ڇا اھو ضروري ڪونھي ته اسان پنھنجي بقا جي جنگ جي ڪا حڪمتِ عملي ٺاھيون؟ ڇا منظم جدوجھد اسان لاءِ ضروري ڪانھي؟ ڇا اھو جائزو وٺڻ لازمي ناھي ته اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيڻ ۽ ڊگھي جدوجھد جي باوجود اسان پوئتي ڇو ڌِڪبا ٿا وڃون؟ ڇا غيرمنظم جدوجھد جي نتيجي ۾ اسان پنھنجا ڪونڌر ڪُھائڻ جو سلسلو جاري رکنداسين؟
ٿي سگھي ٿو ته گھڻا ئي دوست، خاص طور سنڌ جون قومپرست تنظيمون، جيڪي اصل ۾ پريشر گروپن کان وڌيڪ ڪا شڪل اختيار نه ڪري سگھيون آھن، منھنجي ان سوچ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏين، پر مان کانئن به اھو ئي سوال ڪندس ته اھي پاڻ ڪيتري قدر منظم آھن؟
ھنن سنڌي قوم کي ڪيتري حد تائين منظم ڪيو آھي؟ ھنن ڪھڙا قابلِ ذڪر ڪارناما انجام ڏنا آھن؟ سنڌي قوم لاءِ ڇو خطرا گھٽجڻ بدران وڌندا پيا وڃن؟ ۽ جيڪڏھن ھو انھن خطرن کي محسوس ڪن ۽ سنجھن ٿا ته ھنن مستقبل لاءِ ڪھڙي حڪمتِ عملي ٺاھي آھي؟ ڇا ھو ميڊيا جھڙي ھٿيار ۽ موتمار جديد ھٿيارن سان ليس دشمنن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھن؟ ڇا ھو ھن علائقي ۾ بين الاقوامي قوتن جي مفادن ۽ منصوبن کي سمجھن ٿا؟ جيڪڏھن ھا، ته پوءِ ھنن ڪھڙي تياري ڪئي آھي ڪنھن به امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ؟
مان نٿو سمجھان ته اسان اھڙي ڪنھن به صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. منھنجي ھنن خيالن ۽ سوچ تي بحث ٿيڻ گھرجي. ممڪن آھي ته ان سان سنڌين کي درپيش خطرن ۽ حالتن جي اڃا وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ٿي سگھي. ممڪن آھي ته ان سان اسان اھو سمجھي سگھون ته جنگ کٽڻ لاءِ رڳو دليري ۽ ھمت نه پر نظم ضبط، رٿابندي ۽ ٽيڪنالاجي گھرجي.
لکيڪ سينيئر صحافي آهي، هي ليک خاص طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

Tuesday, 6 December 2016

ابڙي ۽ سمي مان نڪتل اسان تيوڻو


ابڙي ۽ سمي مان نڪتل اسان تيوڻا فقير اڄ تائين ڪنهن تي بہ هَلا ناهي ڪئي اسان پر امن 
سنڌو درياه جا پورهيت آهيون اڄ به اسان جا ڪيترائي ڳوٺ تعليم کان پري آهن وس وارن جي ستم ظريفي ڪڏهن به وسري نه سگهندي

Sunday, 4 December 2016

لڳ ڀڳت مني صدي ارغونن ۽ سندن شريڪ ڪار ترخان قبيلي جا مغل پنهنجي هم مذهب سنڌ کي ائين لٽيندا، ڦريندا ۽ ڪچليندا رهيا

تاريخ جي هيءَ هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته مذهب ڪنهن ملڪ قوم يا سماج کي ٻئي ڪنهن ملڪ، سماج يا قوم جي اڳرائيءَ، ڦرمار ۽ غلاميءَ کان بچاءَ جو ڪم ڪو نه ٿو ڏئي، چاهي اڳرائي ڪندڙ ۽ ڦرمار ڪندڙ قوم ڪا هم مذهب قوم ڇو نه هجي. مذهب هڪڙيءَ ڪنهن قوم کي ٻيءَ ڪنهن قوم  تي حملي ڪرڻ، اُن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ ان کي غلام بنائڻ کان روڪ جو ڪم به ڪو نه ٿو ڏئي، چاهي اها ٻي قوم جي هم مذهب قوم ئي ڇو نه هجي. * اڳرائي ڦرمار ۽ آڪرائي اِهي اجتماعي طاقت، ان جي انتظام ۽ استعمال جا مسئلا آهن. يعني اهي رياست جي عمل پيرائيءَ جي دائري ۾ اچن ٿا. خالص مذهب (ڪهڙي به مذهب) جو، يعني (ڪهڙي به ’نظريي‘ ۾ ) ايمان ۽ اعتقادَ جو ان سان ڪو واسطو ڪونهي. بلڪ اڪثر اهڙو ايمانُ ۽ اعتقاد ڪمزور ۽ امن پسند قوم ۾ جاسوس ۽ غدار ۽ ’پنجين ڪالم‘ * جا ماڻهو  پيدا ڪري ڏيندو آهي، جن کي ساڳئي ايمان ۽ عقيدي واري زوار ۽ اڳرائي ڪندڙ قوم پنهنجي جنگي فائدي لاءِ ڪم آڻيندي آهي. سنڌ جي تاريخ، محمود عزنويءَ جي منصوره تي حملي ڪرڻ ۽ ان کي نابود ڪرڻ کان وٺي ۽ خاص طرح ارغونن جي حملي کان سنه 1737ع ۾ مغلن جي دور ختم ٿيڻ تائين، ۽ پوءِ نادر شاهه، احمد شاهه ابداليءَ *، مدد خان ۽ شاهه شجاع جي حملن جي صورت ۾، انهيءَ پنهنجي بنيادي حقيقت جو پڌرو ۽ پختو ثبوت آهي.
لڳ ڀڳت مني صدي ارغونن ۽ سندن شريڪ ڪار ترخان قبيلي جا مغل پنهنجي هم مذهب سنڌ کي ائين لٽيندا، ڦريندا ۽ ڪچليندا رهيا. ان وچ ۾ هنن گوئا  مان عيسائي پورچو گيزن جو غنيم گهرائي به ٺٽي کي ڦرايو، شهر کي باهه ڏياري ۽ ماڻهن جو قتل عام ڪرايو. تان جو 1591ع ۾ سنڌ کي سڌيءَ طرح دهليءَ جي مغلن پنهنجي جاگير شاهيءَ ۾ داخل ڪيو. دهليءَ جا مغل بادشاهه سڀ پاڻ کي ”غازي، چوائيندا هئا، ۽ مئي کان پوءِ ”جنت مڪاني،“ ”عرش آشياني،“ ”خلد آستاني، وغيره وغيره سڏبا هئا. انهن جي ڏينهن ۾ غلام سنڌ جي مسلمان خلق جو ڪهڙو حال هو، اُهو به ٻڌڻ وٽان آهي. جهانگير پنهنجي ”ترڪ“ ۾ پنهنجي ٺٽي جوي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آهي ته ”ماڻهن سان هن ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو چؤطرف  دانهن پئجي ويئي. ۽ ٻيون ڪيئي خرابيون هن بابت ٻڌڻ ۾ آيون.“ هڪڙي سندس مغل نواب قوج عليءَ بابت، جيڪو بکر جي ماتحت هڪ جاگير جو حاڪم هو، ”ذخيره الخوانين“ ۾ ٻڌايل آهي ته ”ٻه ڪڻاهه پاڻيءَ جا سدائين وٽس باهه تي پيا ٽهڪندا هئا، ۽ ڪو به چور يا ساڌ ياٻيو ڪو ڏوهي بيڏوهي هٿ چڙهيس ته ان جا هٿ پير ٻڌي، انهن ڪڻاهن ۾ اڇلارائي ڇڏيندو هو ۽ اهي اُتي ئي رهجي پاهه ٿي ويندا هئا. تقريباً هڪ هزار کن ماڻهو ان پٽ جا هن ائين مارايا. ڪميڻپ ۽ بي پرواهيءَ ۾ هن جو ٻيو مثال ڪو نه هو.“ شاهجهان جي دور جي نواب احمد بيگ بابت، جنهن جي راڄڌاني سيوهڻ هو، ٻڌايل آهي ته هو ”بيحد سست، نااهل ۽ نڪمو ماڻهو هو..... هن حڪومت جون واڳون پنهنجي هڪ ظالم ۽ سفاڪ ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪري ڇڏيون هيون. جو پنهنجي فطرت جي لحاظ کان بيحد پست، ذليل بي رحم، ۽ بيهودو ماڻهو هو.... هو ايترو سفاڪ هو، جو حجاج بن يوسف جهڙو ظالم اظلم  به هن جي اڳيان ادنيٰ شاگرد جي حيثيت رکندو هو،  هن پنهنجي ظلم ۽ ڪٺورتا سان سڄي صوبي کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو هو..... هو هر روز شهر جي بي گناهه ماڻهن کي جهلائي درا هڻائيندو هو. دُرن جي لڳندي لڳندي، مظلومن جي کل لهي ويندي هئي ۽ اڪثر هو مري ويندا هئا. ائين ٻن ٽن سئو بيگناهن جو مرڻ هن لاءِ روزانو معمول  هو. صوبي ۾ جنهن به ماڻهوءَ بابت خبر پوندي هيست ته مالدار  ماڻهو آهي، ته ان تي ڪوڙيون تهمتون رکي، پاڻ وٽ گهرائيندو هو، ۽ معمولي سوال جواب کان پوءِ پهرين ته هن کي خوب درا هڻائيندو هو. ان کان پوءِ هن جو سڄو مال اسببا ضبط ڪري وٺندو هو. هيءُ سندس سلوڪ نه رڳو مردن سان هوندو هو پر مالدار عورتن سان به اها ئي ڪار ڪندو هو.... سڄي علائقي ۾ جنهن وٽ به سٺو ۽ قيمتي اٺ ڏسندو هو، اهو زوريءَ هن کان کسي، پنهنجي شترخاني ۾ داخل ڪري ڇڏيندو هو.... رستن جي هر لنگهه ۽ درياءَ جي هر پتڻ تي ماڻهو بيهاري ڇڏيائين، جيڪي هر ايندڙ ويندڙ تي بي سبب ڏنڊ وجهي، ۽ هر قسم جا محصول مڙهي، پيسا پيا ڦريندا هئا. ايتري تائين جو هٿين خالي واهه ويندڙ ڪو ماڻهو به انهن کان ڇٽي نه سگهندو هو..... هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين وڃڻ لاءِ به راهداري وٺڻ ضروري هئي، جنهن لاءِ رپيا ادا ڪرڻا پوندا هئا. رڳو ڪنهن کي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي مرڻ جي خبر ڏيڻ لاءِ ٻئي ڳوٺ وڃڻو پوندو هو، ته اهو به سواءِ پيسن ڏيڻ ۽  راهداري وٺڻ جي هڪ قدم به اتان ٻاهر رکي نه سگهندو هو... درياءَ ۾ خالي ٻيڙين کان به محصول ورتو ويندو هو، سوداگرن جي ٻيڙين تي هر طرح جون مصيبتون نازل ٿينديون هيون، ڪيترا ڏينهن بي سبب انهن کي روڪي بيهاريو ويندو هو ته جيئن انهن جو قيمتي سامان سيوهڻ ۾ ڪوڏين تي نيلام ٿي  وڃي ۽ واپاري تنگ ٿي مرزا يوسف کي وڏيون وڏيون رشوتون ۽ ڳرا  ڳرا تحفا تحائف ڏيئي جند ڇڏائين...
سڄي ملڪ جي چورن ۽ ڌاڙيلن کي هن پاڻ وٽ پناهه ڏيئي بيهاري ڇڏيو هو ۽ انهن هٿان هو ملڪ ۾ چوريون ۽ ڦريون ڪرائيندو هو ۽ ڌاڙا هڻائيندو هو.... بنگلا مان ناليرا جواري گهرائي، شهر جي چؤواٽن تي بيهاري ڇڏيائين. جيڪي راهگيرن جا نه رڳو کيسا پيا خالي ڪندا هئا، پر انهن جي بت جا ڪپڙا به لهرائي ڇڏيندا  هئا. چوريءَ ۽ جوا جي آمدني هر روز شام جو ’خزاني‘ ۾ باقاعدي حساب ڪتاب سان داخل ٿيندي هئي.... هڪ ڀيري نئين قلعي ٺهرائن جو هن فيصلو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين ته شهر جا سڀ ماڻهو پنهنجي سر پنهنجن مٿن تي سرون کڻي، گارو ۽گچ ڪري، قلعي جي ڀتين جي اوساري ڪن. جيڪڏهن ڪي بيمار، معذور يا پوڙها پاڻ سان مزور وٺي ٿي آيا، ته اها ڳالهه به مرزا يوسف کي قبول نه هئي. هر ڪنهن کي پوءِ ڪهڙيءَ به حالت ۾ هو، پنهنجن هٿن سان پاڻ اها بيگر وهڻي هئي. چغلخورن جو هڪ وڏو ٽولو هن پاڻ وٽ رکيو هو، جن کي هو ’حقيقت دان‘ سڏيندو هو، ۽ اُهي ملڪ جي گوشي گوشي ۾ خاص هدايتن هيٺ، هر مانيءَ مڇيءَ واري  ۽ عزت دار ماڻهوءَ کي ذليل ۽ خوار ڪندا ۽ ڪرائيندا رهندا هئا. فصل پچڻ وقت مرزا يوسف جا خاص هدايتن هيٺ، فصل پچڻ وقت مرزا يوسف جا خاص ماڻهو ان جي ايتري وڌائي چڙهائي داڻي بندي ڪندا هئا، جو هارين کي سڄو ان ڏيئي به ان مان خلاصي ڪا نه ٿيندي هئي، ۽ بقايا لاءِ کين اٽلو پنهنجو چوپايو مال نيلام ڪرائڻو پوندو هو. جيڪڏهن اهڙا مجبور ۽ مظلوم آبادگار ڳوٺ ڇڏي پاڻ بچائڻ گهرندا هئا، ته انهن جي پٺيان گهوڙا ڊوڙائي، انهن جو سڄو مال اسباب انهن کان ڦرائي وٺندو هو... مرزا يوسف ملڪ جي چڱن چڱن ماڻهن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڀڙڪائيندو هو ۽ پاڻ ۾ ويڙهائيندو هو، ته جيئن هڪ پاسي ملڪ جا بااثر ماڻهو ڪمزور ٿين ۽ ٻئي پاسي ملڪ جي وحدت قائم نه رهي سگهي، تان نه ملڪ تي هو پنهنجي حاڪميت مضبوط رکندو رهي.... جيڪڏهن ڪي ماڻهو هنن ظلمن کان تنگ ٿي، ملتان يا دهليءَ ڏانهن فرياد ڪرڻ لاءِ وڃڻ جي ڪندا هئا، ته اوسي پاسي جا نواب  ۽ ننڍا ننڍا حاڪم، مثلاً بکر، نصرپور، ٺٽي وغيره جا، انهن کي واٽ تان جهلي واپس مرزا يوسف ڏانهن ڏياري موڪليندا هئا ته هو انهن جي خبر وٺي....
سيوهڻ جي علائقي جي هن ظلمستان جو هيءُ بيان خود اتان جي هڪ سرڪاري واقع نويس، يوسف ميرڪ نالي، مخفي طور قلمبند ڪيو، جنهن کي هن پوءِ ”مظهر شاهجانيءَ“ جي نالي سان جون 1634ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏيئي، مڪمل ڪيو، جنهن جو قلمي نسخو سندس هٿ اکرن ۾ موجود آهي، ۽ جيڪو ڇپجي پڌرو به ٿي چڪو آهي. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ان دک ۽ بيڪسيءَ جي داستان کي قلمبند ڪندي ڪندي، يوسف ميرڪ جي دل مان نيٺ هڪ دانهن نڪري ويئ، جا به سندس ڪتاب ۾ درج آهي، ۽ ان کي ٿورن لفظن ۾ وطن جي غلاميءَ تي هڪ ازلي تبرا هڪ پاسي، ۽ وطن دوست رياست جي بنيادي سماجي ڪارج جو هڪ سچو ۽ جامع بيان ٻئي پاسي شمار ڪري سگهجي ٿو. چوي ٿو:
”ڪار ملڪ بجائي رسيد ڪه ملڪ نا پرسان و ملڪ بيدا دان و ملڪ بيڪسان شده. چون آدم لاملڪ گردند، هزار گونه فساد در دين و دنيا پيدا اميشود، چرا ڪه مدار علم وابستهءِ معاش است.“
ملڪُ، دينُ ۽ دنيا، يعني رياستَ، مذهبُ ۽ تهذيبُ. ۽ عالم جو يعني سماج جو مدار معاش (گذران- اُن جي وسيلن ۽ پيداوار) تي. يعني جڏهن ماڻهو پنهنجي رياست کان محروم ٿي وڃن ٿا، ۽ اها وڃي اهڙن جي هٿ چڙهي ٿي، جيڪي انهن کي نه پڇن ٿا ۽ نه انهن جو داد ڪن ٿا، ۽ هو ان ۾ بيڪس بنجي وڃن ٿا، يعني سندن گذر ۽ گذر جا وسيلا کانئن کسجي وڃن ٿا، تڏهن انهن جو نه دين سلامت رهي ٿو نه دنيا. انهن جو مذهب ۽ تهذيب ٻيئي فساد ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا ۽ سندن سماج هڪ سچي پچي ۽ بنيادي نوع جي بحران ۾ وٺجي وڃي ٿو. هو زندگيءَ جي آزمائش پنهنجي وجود جي بچاءَ جي آزمائش ۾ اچي وڃن ٿا، ۽ هنن جي اڳيان سواءِ پنهنجي نجات لاءِ ڪامل جدوجهد ڪرڻ جي ٻيو رستو ڪو نه ٿو رهي، تان  ته هو وري سماجي طور متحد ٿي، نئين سر مضبوط ٿي، پنهنجي محب وطن قومي رياست قائم ڪري سگهن، ۽ ان جي پناهه ۾ رهي ڪري، پنهنجي تهذيبي يعني ذهني ۽ معاشي خوشحاليءَ جي ماڻڻ لاءِ گهربل تخليقي ۽ پيداواري ڪم جي پوئواري ڪري سگهن.
پنهنجي محب وطن قومي رياست جي پناهه هيٺ خاص طرح ۽ هو نئن به پنهنجي منهن عام طرح، ملڪ، قوم يا سماج تهذيب جي ميدان ۾ رڳو معاشي طور ڪيتري قدر ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو، ۽ ان جي ڪوشش جو ثمر غلاميءَ ۾ ڪيئن برباد ٿي وڃي ٿو، اُن جا ڪجهه مثال به اسان کي پنهنجي تاريخ ۾ ملن ٿا.
احمد بيگ جي نوابيءَ ۾ سيوهڻ جي باغبان علائقي جي برباديءَ جو ذڪر ڪندي، ”مظهر شاهجهانيءَ“ جو مصنف يوسف ميرڪ لکي ٿو ته ”رسمن جي دور حڪومت ۾ [يعني هڪ سئو سال اڳ] هيءُ پرڳڻو آباديءَ ۽ خوشحاليءَ ۾ ڪمال درجي تي رسيل هو. مخدوم جعفر بوبڪانيءَ مرزا عيسيٰ ترخان کي ٻڌايو هو ته جڏهن [پهريون ڀيرو]921هه ذي قعده [1515ع، ڊسمبر] ۾ [ڄام نندي جي زماني ۾] شاهه بيگ ارغون قنڌار مان هن علائقي تي چڙهائي ڪري آيو هو، تڏهن هو هڪ هزار رڳو اٺ، جيڪي رات جو نارن ۽ هرلن ۾ وهي رهيا هئا، سي زوريءَ اتان ڪاهي ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءُ علائقو ٻين ڳالهين ۾ ڪيترو نه سائو ستابو ۽ آباد هو.... [ان کان علاوه] سنڌ جي واليءَ ڄام نندي جي ڏينهن ۾ چاڳلي نالي هندو وزير کي ڄام جي پٽيلي درياءَ خان سان گڏ سيوهڻ موڪليو ويو هو، جنهن هتي اچي باراني پاڻيءَ تي وهندڙ ساوه واري واهه کي وهايو هو، جنهن جو پاڻي منڇر ۾ اچي گڏ پئي ٿو. انهيءَ ڍنڍ جي اترئين پاسي ڳاهن واري رعيت پوک ڪندي ٿي آئي، ۽ ان جي ڏاکڻي پاسي بوبڪن جي ماڻهن ڳچ ۽ ماڻهن جي ڪٽُ جي ملاوت سان پڪوبند ٻڌي، ڪاڇي جي زمينن ۾ پاڻي پئي پڄايو، جنهن ڪري اتي [به] جام آبادي ٿيندي پئي رهي: اُنهيءَ ڪاڇي واريءَ پوک تي ڏهون حصو ڍل وڌل هئي، جنهن  مان نوَ حصا رعيت کي ۽ ڏهون حصو سرڪار کي ٿي مليو: تڏهن به ڄام نندي کي هڪ لک خرار وصول پئي ٿيا.“ اُن سڳائي سيوهڻ صوبي جي نوابي، وچ ۾ ارغونن، ترخانن جي ستر کن سالن ۽ دهليءَ جي مغل تسلط جي ويهارو کن  سالن جي عرصي کان پوءِ، 1607ع ۾ جهانگير جي تخت شين تي خود يوسف ميرڪ جي پيءُ مير قاسم نمڪين کي ملي، يوسف ميرڪ جي پيءُ کيس هٿياربند سوارن جي هڪ مضبوط جماعت ساڻ ڏيئي اوڏانهن روانو ڪيو ۽ پاڻ هڪ ٻن ڏينهن جي مفاصلي تي پٺيان منزلون ڪندو ايندو رهيو انهيءَ پنهنجي سيوهڻ صوبي جي پهرئين سفر جي ڳالهه ڪندي. يوسف ميرڪ ٻڌائي ٿو ته ”واٽ تان ايندي، جيڏانهن ٿي مون نگاهه ڪئي تيڏانهن مون کي ويراني ئي ويراني ٿي ڏسڻ ۾ آئي“. ڄڻ وچ واري عرصي ۾ اتان ڪو راڪاس گهمي ويو هو. ان کان پوءِ وڌيڪ ويهارو کن سالن جي گذرڻ بعد، 1628ع ۾ احمد بيگ جي نوابيءَ ۽ ان جي ظالم ڀاءُ مرزا يوسف جي ڪارستانين جو ذڪر ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو ته ”ملڪ جي برباديءَ جي حالت اتي وڃي پهتي هئي، جو چئن پنجن مهينن کان خود سپاهين کي خرچ پکو ڪو نه ٿي مليو، جنهن ڪري [ڦرمار لاءِ] ڪيترا ڀيرا اُهي پنوهرن تي ڪاهي ويا، پر ڪامياب ٿي نه سگهيا، پوءِ جيڪو فصل قدرتي آفت جو شڪار ٿي چڪو هو، تنهن تي وڃي هنن قبضو ڪيو، ڄڻ کين مفت جي ڪا مڏي هٿ اچي ويئي  هئي.... هوڏانهن احمد بيگ پاڻ ڪو هٿ پير ٿي هنيو ۽ کيس ڪٿان ڪجهه هٿ ٿي آيو، اُهو وٽس پهچي ئي پهچي، تيسين سڀ ڪجهه لفنگ ماڻهو کڻي ٿي ويا..... جيڪي ڪجهه وڳوڙين  جي ور ٿي چڙهيو، سو اُنهن  جو ٿي ٿي ويو.....“ ڇهه سال پوءِ ڪتاب جو خاتمو ڪندي، يوسف ميرڪ ٻڌائي ٿو ته ”انهيءَ احمد بيگ جي ايامڪاريءَ ۾ جيڪي سوتيون ويران ٿي ويون، سي اڃا تائين اُسري نه سگهيون آهن.“ سمن جي وطن دوست اڄ جي ڏينهن جي ڳالهه ڪندي، يوسف ميرڪ لکي ٿو ته ”جيڪڏهن واقعي رعيت خوشحال ٿي، پوريءَ محنت سان پوکيءَ راهي ۾ لڳي وڃي، مٿس ڪو به ظالم حاڪم مسلط نه هجي، ته هڪ هڪ ماڻهو، جيڪو زور زبردستيءَ سان، دل من هڻندي، رڳو ڏهه جريب آباد ڪري سگهي ٿو، سو پنجن سون کان هزار جريبن تائين بلڪ ان کان به وڌيڪ آبادي ڪندو ۽ ڍل ڀريندو....
جيڪڏهن رعيتي سکيا ستابا آهن ۽ کين ڀروسو آهي، ته اُهي پنهنجي وس آهر درياءَ مان واهڙ ڪڍي، انهن کي پري پري وارن پٽن تائين پهچائي، زمين آباد ڪري ٿا سگهن، جتي  ماڻهوءَ مرونءَ ۽ پکيءَ جو پاڇو به ڪڏهن نه پيو  هجي..... مون خود پنهنجي اکين سان اهڙو مشاهدو چانڊڪا پرڳڻيءَ ۾ ڪيو هو:مير ابڙي نالي اتان جي هڪ زميندار، ننڍي درياءَ جيڏو هڪڙو وڏو واهه درياءَ  مان ڪڍائي، پري پري نيئي، سڃا پٽ آباد ڪري ڇڏيا ۽ اتي نوان شهر ٻڌايائين، جتي پکين ۽ حيوانن انسان جي شڪل نه ڏٺي هئي. ائين هن ’جوڳي‘ ۽ ’منهه‘ نالي شهر ٻڌايا: ساڳيءَ طرح نندي ابڙي ’پوپٽي‘ نالي ۽ شاهد عليءَ، جيڪو ابڙن جو پير هو ۽ پاڻ کي مهدي چوائيندو هو، ’ڪوتل‘ نالي شهر ٻڌايا. ائين ابڙن، سانگين ۽ سميجن مان هر ماڻهوءَ، جيڪي هن پرڳڻي جا رهاڪو هئا، ننڍا ننڍا ڪڙيا کڻائي، غير آباد پٽ آباد ڪيا ۽ نوان نوان ڳوٺ اڏيا. تان جو بکر ’ملڪ‘ جي ان علائقي جي جمع بندي هڪدم 12 لکن مان وڌي، ٽيهارو چاليهارو لکن ’تنڪن‘ تائين پهچي ويئي‘ ۽ اهو سڀ انهيءَڪري ٿيو، جو ”ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ هڪڙي ماڻهپي واري نواب [محمد علي بيگ بندريءَ]  جي زير حڪومت رهڻ جو موقعو مليو.“
تقريباً پورا ٻه سؤ سال (1520ع 1736ع) سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو ائين ارغونن، ترخانن ۽ دهليءَ جي مغل حڪومت جي هٻڇي ۽ رت پياڪ تسلط هيٺ پيسبا ۽ پڻي ٿيندا رهيا، سندن تهذيبي زندگيءَ جو ساهه سندن دشمنن جي مٺ ۾ گهٽبو ۽ ٻوساٽبو رهيو، سندن ذهني ۽ جسماني صلاحيتون بند هيون ۽ انهن جي هر قومي استعمال ۽ اظهار تي مٿن هٺيليون ۽ بي قياس سنگينون اُڀيون  ٿي ٿي ويون. پر پورين ٻن صدين جو اُهو سڄو عرصو، پنهنجي وطن جي نجات ۽ پنهنجي وجود جي بچاءَ لاءِ، هو پوءِبه لڳاتار وڙهندا رهيا. انهن ٻن سئو سالن جي تاريخ شاهد آهي ته ان عرصي جو ڪو هڪ مهينو، ڪو هڪ هفتو، ڪو هڪ ڏينهن به اهڙو ڪو نه گذريو، جڌهن هو پنهنجي ان مقدس فرض کان غافل رهيا. پر ساڳئي وقت سندن  افسوس ناڪ نڀاڳ اِهو هو، جو اهو سڄو عرصو هو پنهنجي اندروني قومي ۽ مذهبي  نفاق جا پڻ شڪار رهيا، ۽ اُن نفاق کي وڌائڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ ۾ سندن دشمنن ڪا ڪثر پوئتي ڪا نه ڇڏي. اُن لاءِ پهرين ڳالهه هنن  هيءَ ڪئي، جو سنڌ کي ورهائي ٽڪر ٽڪر ڪيائون، ۽ ان جي متحده قومي رياست کي هڪ ڀيرو وري به واوکر ڪري ڇڏيائون. ارغونن ”ولايت سنڌ“ کي ڇهن سرڪارين“ ۾ ۽ مغلن ان کي چئن ”ملڪن“ ۾ ورهايو، ۽ سڄو وقت هيءَ يا هوءَ  ”سرڪار، هن يا هن ”ملڪ“ يا”سرڪار“ سان وڙهندي رهي. ٻيو ته سڀ اُهي ”سرڪار“ ۽ ”ملڪ“ پاڻ کي قائم ۽ پنهنجي لٽ مار کي جاري رکڻ لاءِ، پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ماڻهن جي هر قبيلي ۾ اندروني جهيڙن ۽ قبيلن جي هڪ ٻئي سان ٽڪر ۽ ويڙهه کي سعيو ڪري اُڀاريندا ۽ وڌائيندا رهيا.
لاکن کي سمجين جي خلاف، سميجن کي سومرن جي خلاف، سومرن کي ماڇين جي خلاف، ماڇين کي مهرن جي خلاف، مهرن کي ڪهيرين جي خلاف، ڪهيرين کي ڪلهوڙن جي خلاف، ڪلهوڙن کي دائود پوٽن جي خلاف، دائود پوٽن کي پنهورن جي خلاف ۽ پنهورن کي هنن جي خلاف ۽ هنن کي ٻِن جي خلاف، بلوچن کي سماٽن جي خلاف ۽ سماٽن کي بلوچن جي خلاف، سعيو ڪري ، ويڙهائيندا، هيڻو ڪندا ۽ خوار خراب ڪندا رهيا، اُن کان سواءِ مذهبي ڪٽريڻو ۽ فرقيوار  انتهائيت، ۽ مذهبن جي وچ ۾ غير برابري، مسهپ ۽ عداوت هنن لاءِ پنهنجي حڪومتي ڪاروبار کي هلائڻ ۽ قابض اقتدار کي قائم رکڻ جو هڪ ٽيون سوچيل ۽ آزمايل طريقڪار هو، جنهن کي هو محڪوم ۽ ويساهه ۾ ورتل ”رعيت“ کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ، ماٺ ڪائڻ ۽ ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪرڻ  لاءِ هر ضرورت جي موقعي تي ڪم آڻيندا رهندا هئا.
سنڌ ۽ سنڌي سماج جي انهن ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا پويان 47 سال حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي اکئين پاڻ به ڏٺا. ڇو ته پاڻ 1689ع ۾ ڄاوا هئا ۽ 1737ع ۾ مغلن جي آخري نواب صادق علي خان، جنهن ”’ملڪ‘ ٺٽو دهليءَ جي مغل شهنشاهه محمد شاهه رنگيلي کان متاطعي تي ورتو هو، ۽ پهرئين سال جي مقاطعي جي رقم عجيئن تيئن پوري ڪري ڏني هئائين، ۽ ٻئي سال کيس نقصان پيو هو....“، اُن ملڪ جون واڳون ڪلهوڙن جي سربراهه ميان نور محمد جي حوالي ڪيون. ”ملڪ“ سيوهڻ، ”ملڪ“ ”ملڪ“ بکر ۽ سيوَ اڳي ئي  هن جي هٿ ۾ اچي چڪا هئا. ۽ ”ان وقت کان هندستاني حاڪمن جي حڪمرانيءَ جو سلسلو ٺٽي جي فرمانروائيءَ ۽ سدائينءَ جي سرخروئي حاصل ٿي.“ (”تحفہ الڪرام) ۽ ائين ”سنڌ جي سمورن جدا جدا ٿي ويل ٽڪرن جي ملي هڪ ٿيڻ وارو مقصد.... تڪميل تي پهتو.... صدين کان پوءِ هيءُ پهريون موقعو آيو هو، جو متحده سنڌ جي انتظام ۽ ضابطي جي مرڪزيت جا مقصد اُنهن وطني حاڪمن جي ذريعي پورا ٿيا هئا.“ (”تاريخ ڪلهوڙا“، مهر).
ڪلهوڙا سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن جو  هڪ مک قبيلو هئا، جيڪي سنڌ جي ٻين پاڻ جهڙن مک قبيلن وانگر سدائين سنڌ جي ڌارين حڪمرانن جي خلاف پنهنجي منهن وڙهندا رهندا هئا. تاريخ ۾ سندن اصل نسل ”سنڌي چنا“ قبيلي منجهان ڏيکاريل آهي، جيتوڻيڪ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ هنن پنهنجي ذات عرب سان ڳنڍي، پاڻ کي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو، ورنه اوستائين (جيئن اڄ به) سنڌ ۾ هنن جون ذاتيون يا پاڙا ڪلهوڙا، دائودپوٽا، عارباڻي، هيسباڻي، فيروزاڻي وغيره مشهور هئا. پنهنجي قبيلي جي نالي کي ڇڏي، پاڻ کي عرب سڏائڻ ۽ عباسي چوائڻ، اِها ڌارين جي سلسلي ۾ سندن احساس ڪمتريءَ کان وڌيڪ انهن سان ڪلهي گس ڪرڻ ۽ خود پنهنجن تي حاڪمانه برتري ڏيکارڻ ۽ رعرب ويهارڻ جي سندن  هڪ ڪوشش هئي. بهر حال سندن پهرئين وڏي ڄام چنوءَ (1220ع) جو تاريخ ۾ ذڪر هڪ نهايت معتبر راڄ جي چڱي مڙس جي حيثيت ۾ ڪيو ويو آهي. هو ستن مک قبيلن، ڪوريجن، سهتن، چنن، سمن، مهرن، ٻلالن ۽ ڏهرن جو پڳدار هو. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين خبر ملي ٿي، جڏهن مختلف ۽ هڪ کان وڌيڪ قبيلا گڏجي وسيع قومي اتحاد طرف وک کڻندي ڏسجن ٿا. هو هڪ وڏو ڀاڳيو ۽ سجاڳ زميندار هو، ۽ وڏيءَ ساک وارو، سخي، پهلوان مڙس هو. هن جو دستور هو ته هارين جي کرن تي ڪو به پنهنجو ماڻهو بٽئيءَ لاءِ نه موڪليندو هو. هاري پاڻ زمينداريءَ جو حصو، جيڪو ڪن فصلن ۾ ڏهين کوڙي ۽ ڪن ۾ اٺين کوڙي هوندو هو، کڻي کيس پهچائي ويندا هئا. ۽ جڏهن ڪو هاري اُهو زمينداري حصو کڻي وٽس ايندو هو، ته ان کان ٽي سوال پڇيا ويندا هئا: تو تي قرض ته ڪونهي؟ تنهنجي ڪا سمايل ڌيءَ ته ويٺل ڪانهي (جنهن جي تو کي شادي ڪرائڻي هجي)؟ تو وٽ تنهنجي گهر ۾ ڇهن مهينن جو ان آهي؟ جيڪڏهن جواب ملندو ته قرض اٿم، سلمايل ڌيءَ ويٺل اٿم يا گهر ۾ ڇهن مهينن جي توڻَ  ڪا نه اٿم، ته هن کان بٽئيءَ جو اَن نه وٺبو، ۽ چئبس ته پهرين وڃي پنهنجي پورت ڪر! سنڌ جي هن رڄ چڱيءَ مڙس، ڄام چنوءَ، جو زمانو سنڌ جي وطن دوست سومرا رياست جو دور هو.
سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي وطني رياست جي ڇانءَ  هيٺ سنڌي تهذيب جي ان تعميري اوسر جي دور جا ٻيا اهڙا ڪيئي سنڌي سومرن جا داستان ملن ٿا، جن ۾ انهن جي پهلوانيءَ، عدل ۽ انصاف، غيرت، نيڪيءَ ۽ سخاوت جا مثال بيان ٿيل آهن. چام چنوءَ جي ڏهين پيڙهيءَ ۾، جڏهن سنڌ جي تاريخ جي ان سونهري قومي دور کي ختم ٿئي به هڪ سؤ کن سال ٿي چڪا هئا ۽ ان وچ ۾ غير وطني، ظالم ۽ ڦورو ارغون ۽ ترخان حاڪم پاڻ به پوين پساهن تي اچي بيٺا هئا، ۽ انهن  جي جاءِ تي دهليءَ جي وڌيڪ ظالم ۽ خون پياڪ مغل تسلط جي صدي شروع ٿيڻ واري هئي. تڏهن ڪلهوڙا قبيلي جو هڪ ٻيو اهڙو ئي نيڪ نام، بهادر، وطن دوست‏، راڄن جو اڳواڻ، ميان آدم شاهه ڪلهوڙو، سنڌ جي تاريخ ۾ نمودار ٿيو. 1591ع ۾ شهنشاهه اڪبر طرفان عبدالرحيم خان خانان سنڌ کي ترخانن کان کسي مغل قبضي ۾ آڻڻ لاءِ مقرر ٿيو. پنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ سنڌ ۾ هو جن بزرگن وٽ ”مدد ۽ دعا“ لاءِ ويو، تن مان ميان آدم شاهه ڪلهوڙو به هڪ هو. ميان آدم شاهه ترخانن ۽ مغلن جي تصادم جو فائدو وٺي، ڌارين فاتحن جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، ۽ هڪڙي تاريخ نويس جي لفظن ۾، ڇاڪاڻ ته هو امن ۾ خلل وجهڻ تي سندرو ٻڌيو بيٺو هو، انهيءَ ڪري ملتان ۾ شهيد ٿيو.“ ٻئي هڪ مؤرخ جي لفطن ۾ ميان صاحب جي خلاف ”ملتان جي حاڪم جي دل ۾ حسد پيدا ٿي پيو، جنهن هن تي حملو ڪرايو، ميان صاحب جا ساٿي ٽڙي پکڙي ويا ۽ هو پاڻ جهلجي پيو ۽ هن کي موت جي سزا ڏني ويئي.“ سنڌ جي هڪڙي ٻئي مؤرخ واقعي کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”آدم شاهه جا مريد گهڻا وڌي ويا، ۽ اُن سان جا طاقت هن کي حاصل ٿي، تنهن کان پاڙي وارن زميندارن ۽ مختلف قبيلن جي سردارن جي دلين ۾ حسد جي باهه جاڳي پئي. انهن پوءِ ميان صاحب جي خلاف بکر جي [مغل] ناظم کي خوفناڪ ڳالهيون ٻڌايون. ناظم ميان صاحب کي ملتان موڪلي ڏنو. جتي هن شهادت جو جام پيتو“ سترهين صديءَ جو هڪڙو فارسي شاعر واقعي کي بيان ڪندي چوي ٿو.
بتر سيد  والي ز پير و مريد، بايماي حاڪم هلاڪت رسيد
جنهن ۾”والي“ مان سندس مراد بکر جو ناظم، جيڪو ”پير کان ۽ اُن جي مريدن کان ڊڄي ويو،“ ۽”حاڪم“ مان  ملتان جو حاڪم هو، جنهن ”هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو.“ ميان صاحب ائين دشمنن سان وڙهندي، وطن تان قربان ٿي ويو.
ميان صاحب شهيد جي ان قربانيءَ کان تقريباً هڪ سؤ سال  پوءِ 1689ع ۾ حضرت شاهه عبداللطيف جو جنم ٿيو. ان وچ ۾ ميان صاحب شهيد جو پوٽو ميان شاهل محمد مغل حڪمرانن سان وطن خاطر وڙهندي جنگ ۾ مارجي ويو (1657ع). کانئس پوءِ سندس ڀائٽئي ميان نصير محمد (وفات 1692ع) کي  ساڳئي وطن دوستيءَ جي ڏوهه ۾ عمر جا ڪيترا سال لاهور ۽ ملتان ۾ جلاوطنيءَ جا ڪاٽڻا پيا ۽ گواليار ۽ دهليءَ ۾ اورنگزيب جي قيد ۾ گهارڻا پيا. ميان نصير محمد جي پٽ ميان دين محمد دشمن خلاف پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ اورنگزيب جي پٽ معز الدين ۽ ان جي نوابن ۽ سپهه سالارن کي ڪيترن ئي هنڌن تي شڪستون ڏنيون. پر نيٺ هو دشمن جي فريب ۾ اچي ويو ۽ قرآن جي ضمانت تي پنهنجن ٻن قريبي عزيزن سميت ڳالهين لاءِ معزالدين وٽ ويو، جنهن وعده شڪني ڪري، کيس گرفتار ڪيو، ۽ ملتان نيئي، کيس ۽ سندس ٻن ساٿين کي چيچلائي چيچلائي، سنڌ کان سنڌ الڳ ڪرائي، مارائي ڇڏيو. ميان دين محمد ۽ سندس ساٿين جي شهادت جو هيءُ واقعو 1700ع ۾ پيش آيو، جڏهن شاهه لطيف يارهن سالن جو هو. ميان دين محمد کان پوءِ سندس ننڍي ڀاءُ ميان يار محمد پنهنجي اهل عيال ۽ ٻن پنهنجن ماڻهن سميت جابلو علائقن ۾ پناهه ورتي، ۽ اُتان مغل شهزادي معز الدين جي فوج سان جنگ جاري رکي، ۽ ان کي شڪت ڏني. ان کان پوءِ هو جبلن تان هيٺ لهي آيو، ۽ نئينگ کان ٿيندي. منڇر ڍنڍ جي ڪناري وارا شهر. سامتاڻي ۽ ڳاهن جي ايراضي، ’فتح پور (؟)، شڪارپور‘ (خداآباد). گچيرو، کاري، ڪنڊيارو ۽ لاڙڪاڻو آزاد ڪرائي پنهنجي قبضي ۾ آندائين. ترت ئي پوءِ، مغلن پنهنجي اختيار جي سج جو زوال ڏسندي پهريائين سبي ۽ ڍاڍر جو انتظام بطور رشوت جي، ۽ پوءِ به حالت مجبوري‘، سڄي بکر ۽ سڄي سيوهڻ جي علائقن جا اختيار ميان يار محمد جي حوالي ڪيا. کيس ”خدا يار خان“ جي لقب سان گڏ خلعت، سونيءَ جڙت واري ڪلنگي، ترار، گهڙو ۽ هاٿي به هن جي پذيرائيءَ طور هن کي ڏنا. سرزمين سنڌ جي هڪ حصي (اتر سنڌ) جي  اقتدار جي هيءَ منتقلي 1807ع کان 1711ع تائين عمل ۾ آئي.

Saturday, 26 November 2016

سنڌي ادب - ڇو ۽ ڇالاءِ ــــــــــ جي ايم سيد


سنڌي ادب - ڇو ۽ ڇالاءِ

ــــــــــ جي ايم سيد
ميرپور بٺورو، ادبي ڪانفرنس 29، 28 جنوري 1956ع ۾ پڙهيل افتتاحي تقرير


پيارا ڀائرو! جڏهين به آءٌ سنڌين کي سندين زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندو ڏسان ٿو، ته نهايت خوش ٿو ٿيان.
هر ملڪ جي رهاڪن وٽ هڪ ٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ، خيالن جي ڏي وٺ، جذبن جي اظهار، گذريل واقعن جي بيان ڪرڻ وغيره واسطي هڪ عام ٻولي هوندي آهي.
اها ٻولي پنهنجي ابتدائي زماني ۾ خام ۽ اڻ پوري ٿيندي آهي، ليڪن وقت گذرڻ ۽ ملڪي رهاڪن جي ترقي ڪرڻ سان انهيءَ زبان ۾ لفظن، ڪهاڻين، شعرن ۽ پهاڪن وغيره جو هڪ وڏو ذخيرو ڪٺو ٿئي ٿو، جنهن جي ڪل مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب يا ساهت سڏيو وڃي ٿو.
ساڳئي وطن ۾ رهي، هڪ زبان ڳالهائڻ، ۽ هڪ ٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ وسيلي ماڻهن ۾ هڪ قسم جي همجنسيت جو مادو پيدا ٿئي ٿو، جنهنڪري منجھن هڪ قسم جو خاص ڪلچر يا تهذيب ۽ قومي قردار پيدا ٿين ٿا - جن جي بنيادن تي هو قوم بنجيو پون.
هر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو سندس ادب ذريعي محفوظ ٿئي ٿو - ڪوبه ماڻهن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کان سواءِ قوم سڏائڻ جي لائق نٿو ٿئي. ساڳيءَ طرح ڪابه زبان ۽ ڪلچر قوم جي وجود کان علحده رهي نٿا سگھن.
دنيا جو هر ڪم ضرور ڪنهن نه ڪنهن مقصد ۽ مراد سان ٿيندو آهي. ادب به انهيءَ قانون کان جدا ٿي نٿو سگھي. جيڪڏهين اوهان سنڌي ادب کي زور وٺائڻ چاهيو ٿا، ته ان لاءِ اوهان کي ئي مقصد ۽ مرادون مقرر ڪرڻيون پونديون.
هن ڳالهه کان انڪار ٿي نٿو سگھي ته ڪا به قوم سياسي، اقتصادي ۽ ذهني آزادي کانسواءِ ترقي ڪري نٿي سگھي. ساڳئي ڳالهه ادب سان به لاڳو آهي. ادب جي ترقي ۽ تنزل قومن جي قسمتن سان وابسته رهي ٿو.
دنيا ”وِڙهي جيئڻ“ جو ميدان آهي، جنهن ۾ صرف مضبوط ۽ صالح ماڻهو يا قومون سلامت ۽ زنده رهن ٿيون، ۽ ڪمزور ۽ غير صالح فنا ٿيو وڃن. جي قوم جو وجود سلامت آهي، ته ادب به سلامت رهي سگھندو؛ پر جي قوم خطري ۾ آهي، ته پوءِ کڻي سو ادبي ڪانفرسون ڪوٺائجن، مشاعرا ڪجن، ڪتاب لکجن، پر ادب بچي ڪين سگھندو. حاڪم جي قلم جي هڪ نوڪ محڪوم جي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿي.
پاڪستان هن وقت ننڍين ۽ وڏين قوميتن لاءِ پاڻ ۾ ”وِڙهي جيئڻ“ جو ميدان ڪارزار بڻيل آهي. ڪي ماڻهو ان ۾ سنڌي قوم جي وجود کي ختم جي درپي آهن. سنڌ جي برسر اقتدار طبقي جي خود مطلبي ۽ ڪمزوريءَ ڪري، هو سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. سندن ٻيو وار سنڌ جي ڪلچر، زبان ۽ ادب تي ٿيڻ وارو آهي.
آئينده سنڌي زبان ۽ ادب کي موت ۽ حياتيءَ جا مقابلا ڪرڻا پوندا. ريڊئي، سينيما، اخبارن ۽ حڪومت جي سرپرستيءَ کي سندن برخلاف ڪتب آندو ويندو. هن وقت ته صرف سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تان لاٿو ويو آهي، ليڪن اڳتي هلي شايد ان جي ذريعي ابتدائي تعليم ڏيڻ کان به سنڌين کي محروم ڪيو وڃي. ڪراچيءَ ۾ اختيار ڪي برتاءِ جو مثال اسان جي اکين اڳيان آهي.
اهڙين حالتن هيٺ سنڌي زبان ۽ ادب کي بچائڻ ڪو معمولي ڪم ڪونه آهي. اوهان جا سياسي ”عيوضي“ سنڌ کي ڌارين جي ماتحت ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. هاڻ اديبن جي آزمائش جو وقت آيو آهي - جيڪڏهين اوهان ان ڳالهه ۾ ڪامياب ٿيڻ گھرو ٿا، ته اوهان کي ڪن خاص بنيادي اصولن جي آڌار تي سنڌي ادب کي تعمير ڪرڻو پوندو.
منهنجي سمجهه ۾ هيٺيان ٽي نقطا انهيءَ مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري نظر اچن ٿا:
1. سنڌين جي جداگانه قوميت جي بنياد تي سنڌي ادب جي تعمير ڪرڻ:
2. سنڌي ادب کي سنڌ جي ڪلچر ۽ زبان جو محافظ ڪري سمجھڻ: ۽
3. سنڌي ادب کي جذباتي ۽ مذهبي بنيادن جي عيوض عقل ۽ علم جي بنياد تي اڏڻ:
سڀ کان پهريان اديبن کي هن مسئلي بابت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو ته آيا سنڌ جا رهاڪو وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفادن جي بنيادن تي جدا قوم آهن يا نه؟
جي سنڌي جدا قوم نه آهن، ته پوءِ سندن جداگانه زبان ۽ ادب هئڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
ان حالت ۾ ساري پاڪستان ملڪ جي زبان ۽ ادب کي گڏي هڪ ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون؛ ۽ سنڌين جي جدا زبان ۽ ادب کي قائم رکڻ ”قوم“ ۾ انتشار ۽ ڪمزوريءَ جو باعث شمار ڪيو ويندو.
پر جي اسين سنڌين کي سندين قديم روايات، تاريخي ۽ فطري حقيقتن جي لحاظ کان وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي جدا قوم تسليم ڪنداسون، ته پوءِ سندن اهو بنيادي حق ٿيندو ته پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب جي حفاظت ڪن - ۽ اها ڳالهه به پڌري پيئي آهي ته انهن جي صحيح معنيٰ ۾ حفاظت تيستائين ٿي ڪين سگھندي، جيسيتائين انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سياسي ۽ اقتصادي آزادي نصيب نه هوندي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”وڪاڻل گھوڙن جا مُلهه ڪونه چڪائبا آهن“ - ان وانگر، جا قوم پاڻ غلام هوندي، سا پنهنجي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي ڪهڙيءَ طرح محفوظ رکي سگھندي!
ون يونٽ ڪرڻ سان صوبي سنڌ جي جداگانه حيثيت ختم ڪري، ان کي ڪهڙي نموني رکيو ويو آهي، جنهن ۾ هتي جا رهاڪو ڀر واري صوبي جا تابع ٿي چڪا آهن، جنهن صوبي جي رهاڪن جا مفاد اسان جي مفادن کان علحده آهن. موجوده حالت ۾ اسان ڪيڏي به ڪوشش ڪنداسون، پر سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻ مشڪل ڪم آهي. ان جي بچائڻ جو راز سنڌ کي وري جدا صوبي جي حيثيت ۾ آڻڻ منجهه سمايل آهي. هن وقت جنهن صورت ۾ سنڌ ديس جي ڪا جدا هستي ڪانه آهي، ان ڪري سنڌ جو ادب ڪهڙن بنيادن تي قائم ۽ سلامت رکي سگھبو سو منهنجي سمجھ کان ٻاهر آهي.
ڀائرو، جيڪڏهين سنڌ جي ادب ۽ زبان کي بچائڻو آهي، ته سنڌي ادب جي مقصدن ۾ هڪ ڳالهه داخل ڪرڻ لازمي آهي؛ ۽ اها هي ته عوام ۾ قومي بيداري ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ منجھن آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ ادب جو لازمي مقصد آهي.
اسان جو مٿيون طبقو مردار ۽ نڪمو ٿي چڪو آهي. ڪن صاحبن ته حالتن جي بدلجڻ ڪري گھرن ۾ سنڌي ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڪن وري ٻين صوبن مان شاديون ڪرڻ يا سنڱ ڏيڻ کي پسند ڪيو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪرڻو آهي ته آهستي آهستي ٿي انهن ماڻهن جي گھرن مان به سنڌي زبان غائب ٿي ويندي. تنهن ڪري جڏهين به ملڪ ۾ قومي بيداري پيدا ڪرڻي آهي، ته پوءِ اسان جا شعر، مضمون، افسانا ۽ ڪتاب سمورا حب الوطنيءِ ۽ قومي غيرت جي جذبي سان ضرور ڀرپور هئڻ گھرجن.
هاڻ اسان جو توجھ سنڌي ادب کي عشقيه مضمونن جي عيوض، ان جي بلاغت ۽ فصاحت، قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي ۽ قوم مٿان پروانه وار قربانيءَ جي ڳالهين ڏانهن هئڻ گھرجي. زنده قومن جي ادب ۾ روح ۽زندگي ٿئي؛ مرده ۽ پست پيل قومن جي ادب مرثيه خواني، دنيا جي فاني هجڻ، آخرت جي قصن ۽ محض درد، فراق ۽ معشوق جي ساراهه سان ڀريل ٿئي ٿو.
تازو آءٌ اڀرندي بنگال مان ٿي آيو آهيان. اتي سياسي بيداري پيدا ٿيڻ ڪري، ادب جي نثر ۽ نظم جو گھڻو حصو قومي محبت، آزاديءَ جي جذبي، عوام جي ڀلي، هاريءَ ۽ مزور طبقي جي همت افزائيءَ لاءِ صرف ڪيو وڃي ٿو. اتي معشوق جي نازن نخرن، بلبل ۽ گل، چنڊ ۽ تارن جي ساراه وغيره جهڙا موضوع پنهنجا اثر گھڻي قدر وڃائي ويٺا آهن - ائين پيو معلوم ٿيو، ڄڻ هڪ جوان قوم نئون پيغام ساڻ ڪري صفحهء هستي تي ظاهر ٿي رهي آهي. اسان کي انهيءَ مان سبق وٺڻ گھرجي. هنن جا مسئلا گھڻي قدر اسان جي مسئلن جھڙا آهن. هنن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، نئين حڪومت طاقت ۾ آندي، ته انهي کي ڊسمس ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ۽ ملڪي ڪارڪنن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. جڏهين اتي جا عيوضي پاڻ ۾ لڙي مرڪزي حڪام جي تابع ٿيا، ته کين وري طاقت ۾ آندو ويو. بنگال سان ٻولي، اقتصادي مفاد، نوڪرين وغيره ۾ ماٽي جي ماءُ واري برتاءُ ورتو ويو آهي. پر هاڻ هو سجاڳ ٿيا آهن. گھڻو وقت هو پنهنجي قومي بيعزتي برداشت نه ڪري سگهندا. هاڻ اوهان جو وارو آهي، اسان سان ڪافي بي انصافيون ٿي چڪيون آهن. سنڌ جي وجود کي ختم ڪيو ويو آهي. اسان جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ ٻوساٽيو ويو آهي. سنڌي زبان کي سرڪاري زبان تسليم نه ڪيو ويو آهي. سنڌ جي نون براجن جي زمينن تي ٻاهرين جي ڪالونين بنائڻ جا سانباها آهن. سنڌ جي تعمير جي جملي نين تجويزن کي بند ڪيو ويو آهي. نوڪرين، واپار ۽ ڪارخانن ۾ سنڌين سان ماٽي جي ماءُ وارو برتاءُ اختيار ڪيو ويو آهي. اوهان جا سياسي عيوضي قومي غيرت وڃائي، طوق غلامي پائڻ لاءِ رضامند ٿي چڪا آهن. هاڻ اديبن تي ڇڏيل آهي، ته قوم کي خواب غفلت مان بيدار ڪري، منجھن آزاديءَ جو امر جذبو پيدا ڪن.
تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ميان عبدالڪريم گدائيءَ جا چند بيت نظر مان گذريم، جي پڙهي نهايت خوشي ٿيم. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هتي به شاعرن ان طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي. پر حقيقي خوشي تڏهين ٿينديم، جڏهين سنڌيءَ جو هر شعر ۽ هر مضمون ۽ افسانو انهيءَ جذبي سان لکيل ڏسان.
هن وقت سنڌي ڪلچر ۽ زبان واقعي خطري جي گھيري هيٺ آيل آهن. انهن جي بچائڻ جو راز ان ڳالهه ۾ لڪل آهي ته اسان پنهنجي ادب کي قومي خودشناسيءَ، آزاديءَ جي جذبي، فردن جي قوم لاءِ قربانيءَ، ڪلچر ۽ زبان جي ذخيري سان ڀري ڇڏيون.
اسان جي سنڌي زبان ۽ ڪلچر چئن هزارن ورهين جي روايات جا حامل آهن. سنڌي زبان انڊو آرين زبانن جي نسل ۾ خاص اهميت رکي ٿي. اها سنسڪرت جي وڏي ڀيڻ آهي. اڄ ڪي ڪم فهم ماڻهو اڙدؤ جهڙي بي وطن ۽ بي قوم زبان جي ڄار ۾ ڦاسي، پنهنجي زبان جي اهميت کي وساري رهيا آهن. انهيءَ مرض کان انهن کي بچائڻو پوندو - پنهنجي ماڻهن کي ”سون تي به سيڻ نه مٽڻ“ جو سبق سيکارڻو آهي؛ هتي ته پتل تي سيڻ مٽجڻ جا سعيا ٿي رهيا آهن!
اسان کي پنهنجي ۽ پرائي جي تميز ڌارڻي آهي، ۽ ٻين جي محلن، زربفتن، سترڇي طعامن کان پنهنجي جھوپڙين، کٿن ۽ لوين، ڏٿ ۽ پيرن کي وڌيڪ سمجھڻ جي تعليم ڏيڻي آهي.
اها ڳالهه ڪنهن کان مخفي نه آهي ته ڪي ماڻهو سنڌي زبان کي ختم ڪري، ان جي جاءِ تي اڙدو زبان کي رائج ڪرڻ گھرن ٿا. اهي هينئر سنڌي زبان ۽ ڪلچر تي مسخريون ڪري رهيا آهن. ڪي ته منجھانئن ايتري قدر جوش ۾ اچي وڃن ٿا ۽ ظاهر ظهور چيو ڏين ته ”خود پاڪستان به انهيءَ مقصد خاطر ٺاهيو ويو هو: جي اهو مقصد حاصل نه ٿيو پوءِ پاڪستان ڪهڙي ڪم جو ٿيندو؟“
تنهنڪري اڙدو سنڌيءَ جي پهاڄ بنجي چڪي آهي. سنڌيءَ ۾ مثال مشهور آهي ته ”ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾“: ٻنهي ٻولين جي محبت هڪ دل ۾ رکڻ بيڪار آهي. اسان کي سنڌيءَ جي زور وٺائڻ جي قطعي فيصلو ڪرڻو پوندو - ڪتابن جي ذخيري، شعر، اخبارن، سينما ۽ راڳ جي جملي ذريعن کي ان جي زور وٺائڻ لاءِ ڪتب آڻڻو آهي. سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جي درجي تي آڻڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻي آهي.
ڀارت ۾ لڏي ويل هندن جي سنڌيءَ لاءِ جدوجھد مان اسان کي سبق وٺڻ گھرجي اسان کي پنهنجي گذشته تاريخ، مان سبق وٺڻ گھرجي. هڪ وقت جڏهن ملن ۽ مولوين مذهب کي تنگ دائري ۾ آڻي ڇڏيو هو، ته سوين صوفي ۽ شاعر نڪري نروار ٿيا، جن هزارها ڪلام مذهبي تنگ دليءَ جي برخلاف چيا، ۽ هر هنڌ راڳ جي مجلسن ۾ انهن ڪلامن کي ڳارايو ويو، سوين سيلاني فقير ۽ راڳيندڙ پيدا ڪيا ويا. جن گھٽين، بازارين ۽ مجلسن ۾ انهن کي ڳائي، سندس تعليم جو پرچار ڪيو. اسان کي به نئين قسم جا شعر مجلسن ۾ ڳلائڻ لاءِ فقيرن ۽ راڳيندڙن کي سيکارڻ گھرجن. سنڌي فلم، رڪارڊ وغيره ڏسڻ ۽ ٻڌڻ گھرجن؛ سنڌي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن کي زياده پڙهجي. جيسين تائين اسين اهو جذبو نه رکنداسون، ان وقت تائين نه اسان اديبن جي قدر ٿيندو، نه راڳيندڙن جي همت افزائي ٿيندي، نه قومي غيرت ئي اسان جي دلين ۾ پختي ٿيندي.
اڄ ڪلهه پاڪستان ۾، قوميت جي ٽن نظرين ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهو موجود آهن. هڪ نظريي وارا پاڪستان جي جملي مسلمانن کي اعتماد جي بنياد تي جدا قوم ٿا مڃين؛ ٻيا وري پاڪستان جي جمله رهاڪن کي بنا تميز مذهب جي هڪ يڪي پاڪستاني قوم مڃڻ جا حامي آهن؛ ٽيا وري اهي آهن جي وري وطن، قوم، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي پاڪستان کي بنگالي، سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ پنجابي قومن جو وطن سمجھن ٿا. انهن ٽنهي نظرين ۾ اعتماد رکندڙن حضرات کي پنهنجا جدا فلسفا، دليل ۽ رايا آهن، ۽ منجهائين هر هڪ پنهنجي پنهنجي نظريي جي ثبوت ۾ ڪافي ڪتاب لکيا. ادب کي، اسان جي اديبن ۽ عالمن کي به انهن ڳالهين بنسبت پنهنجن ذهنن کي صاف ڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي، اسلام ليگ، علامه اقبال ۽ ڪيترن پنجاب ۽ يو پيءَ جي حضرات جي ڪتابن ۽ مضمونن جي سموري ڪوشش ادب کي پهرئين نظريي جي رنگ ۾ رڱڻ طرف رڌل آهي؛ ”اسلام“ ، ”پاڪستان“ ۽ ”مسلمان قوم“ جي حربن کي هو پنهنجي جدوجھد ۾ استعمال ڪن ٿا.
سنڌي قوم، ان جي ڪلچر،زبان ۽ ادب جا سوال ساڳئي وقت مٿئين قسم جي تعليم سان گڏ هلي ڪونه سگھندا. جيڪڏهين پاڪستان جي مسلمانن کي هڪ قوم ڪري قبول ڪبو، ته پوءِ انهن جي ڪلچر، زبان ۽ ادب به هڪ ئي ڪرڻو پوندو. جي سنڌي ڪلچر، زبان ۽ ادب کي بچائڻو آهي، ته سنڌين جي جداگانه قوميت جي اصول کي مڃڻو ئي پوندو.
مٿي ذڪر ڪيل جماعتن يا حضرات جي تعليم سنڌي قوميت جي منافي آهي. تنهن ڪري جيڪي ماڻهو سنڌ جا خيرخواهه ٿيڻ گھرن ٿا، تن کي اهڙين جماعتن ۽ حضرات جي جذباتي ڳالهين جي ڌوڪي کان خبردار رهڻو پوندو. سنڌين کي اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ گھڻو ڌوڪو ڏنو ويو آهي. ان ڪري سنڌي ادب کي وطن جي محبت ۽ ماروئڙن جي سڪ سان ڀرپور ڪرڻو پوندو - ان کي اهڙيءَ هر ڳالهه کان پاسو رکڻو پوندو، جا اسان کي سنڌ جي محبت کان دور ڪري.
سنڌي شعر تي تصوف، درد، فراق، مرثيه خواني، گل و بلبل جهڙا موضوع ۽ طرز بيان گھڻو حاوي آهن. انهيءَ ڪري ماڻهن ۾ ڪمزوري، بزدلي، گوشه نشيني، عياشي، تقليه ۽ لقاليءَ جون عادتون پيدا ٿين ٿيون. هاڻ وقت آيو آهي ته ماڻهن کي بهادري، سرفروشي، آزاديءَ جي جذبي، قرباني۽ قومي غيرت جي تعليم ڏني وڃي. انڪري اوهان کي سنڌي ادب کي انهيءَ رنگ ۾ رڱڻو آهي. منهنجي دعا آهي ته اوهان اديب ۽ شاعر اسان جي يعني سنڌ جي مستقبل کي درست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو!
انهي لفظن سان هن ڪانفرنس جو افتتاح ٿو ڪريان!

(مهراڻ رسالو 1956ع)

ديبل جا بحري قزاق ڪير هئا؟

پهرين قسط ۾ اسان سنڌ تي مختلف ڪاهن جو مختصر احوال ۽ عربن جي ڪاهن جو ڪجھ تفصيلي بيان پڙهيو. هاڻ وري انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائينداسين ۽ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اُهي بحري قزاق ڪير هئا جنن کي بهانو بڻائيندي عربن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ کي پنهنجو غلام بڻايو.
ديبل جا بحري قزاق ڪير هئا؟سنڌ جي قديم توڙي جديد تاريخن ۾ ڪنهن به مؤرخ اِهو ناهي ٻڌايو ته ديبل جا بحري قزاق ڪير آهن. البته جنت السنڌ ۾ مولائي شيدائي انهن جي باري ۾ لکي ٿو ته عرب انهن ڊاڪن کي ”بوراج“ سڏيندا هئا ۽ اهي اسلام کان اڳ به تجارتي جهازن کي لٽيندا هئا. سندن خوف ڪري، حيره ۽ ساسان جي حڪومتن حيره ۽ اُبله جي بندر کي مضبوط قلعا ڏياريا هئا. ان کان سواءِ وڏن جھازن تي پنج پنج سؤ ملاح رهندا هئا، جي پاڻ سان آتشي مادا به ساڻ کڻندا هئا. مڪران جو ڪنارو، ديبل، سومناٿ گجرات ۾ ڌاڙيلن جا مکيه اڏا هئا. جديد تحقيق مان خبر پوي آهي ته اُهي عرب هئا. البت منجھن افغاني ۽ راجپوتي خون گڏيل آهي. علامه البيرونيءَ جي زماني تائين، هو پنهنجي منهن ڌاڙا هڻندا هئا، تنهن کان پوءِ عربن سان گڏجي 19 صديءَ تائين سمنڊ تي ڌاڙا هڻندا هئا. آخر انگريزي ٻيڙي کان شڪست کاڌائون، اهي رفائي مذهب جا پيروڪار هئا.
سنڌ جي فتحبالاخر عربن لڳاتار ڪوششن کان پوءِ سنڌ تي پنهنجو قبضو ڪري ورتو. عربن جي لشڪرن وٽ منجنيقون هيون ۽ ٻرندڙ تير به هئا. انهيءَ جي علاوه انهن رومن ۽ ايرانين کي شڪست ڏيئي، کانئن صف آرائي، فوجي قواعد ۽ حمله آوريءَ جي فن کان واقف ٿيا هئا. سندن عربي گھوڙا چست ۽ چالاڪ هئا، جي جلد نقل و حرڪت ڪندا هئا. جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌين وٽ تير ڪمان ۽ تراريون مکيه هٿيار هئا، ساڻن علافي عرب نيزي بازن جو دستو به شامل هو. سندن لشڪر وٽ هاٿين جا مضبوط رٿ هئا. هاٿين جو غول پريان ڪارن ڪڪرن وانگر نظر ايندو هو، جن کي ڏسي گھوڙا ٽهندا هئا، بلڪ بهادرن جا جگر به ڪنبي ويندا هئا، مگر اهي هاٿي نقل ۽ حرڪت ڪرڻ وقت سستي ڪندا هئا. سنڌ ۾ سمينه ۽ برهمڻن جي باهمي دشمنيءَ ڏاهر جي حڪومت کي اڏوهيءَ وانگر ڪمزور ڪري ڇڏيو هو.
ديبل سنڌ جو مکيه بندر ۽ واپار جو مرڪز هو. هي شهر مهراڻ جي اولهندي واريءَ شاخ تي هو. مسعوديءَ جي بيان موجب سمنڊ کان ٻن ڏينهن جي پن تي هو. ديبل جي چؤگرد سؤ کن هندو واپارين جا ڳوٺ هئا. سنڌي لشڪر عربن جي فوج جو اٺن ڏينهن تائين مقابلو ڪيو. فتح کان پوءِ قلعي مان جيڪو به اسلحو ۽ خزانو هٿ آيو، تنهن جو پنجون حصو حجاج ڏانهن روانو ڪيو ويو، باقي لشڪر ۾ ورهايو ويو. دبيل جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم جلد ئي نيرون ڪوٽ، سيوستان، ٻڌيا ۽ جاٽن تي قبضو ڪري ورتو ۽ اهڙي طرح ڏاهر جي فوج کي شڪست آئي.
عربن جا سنڌ جي ماڻهن تي ڇڏيل اثر:
عربن جي فتح کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن تي عربن جي تهذيب و ثقافت جا ڪيترائي اثر پيا. سنڌي ۾ چون ٿا ته ”ولايت جي ڪٻر، سنڌ ۾ مينا“ وانگر هر ڪو سنڌي پاڻ کي عربي نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳو. ڪئي ماڻهو جيڪي اصل ۾ آريا ۽ راجپوت هئا، سي پاڻ کي عرب نسل مان سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا. سما پاڻ کي رسول جي چاچي ابو لهب جي اولاد مان شمار ڪرائڻ لڳا. سومرا پاڻ کي علوي سادات سڏائڻ لڳا. ڪلهوڙن پنهنجو شجرو حضرت عباس تائين وڃي پهچايو ۽ پاڻ کي عباسي سڏائڻ لڳا. بلوچن وري امير حمزي تائين پهچي پاڻ کي اُن جو اولاد سڏايو. سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو سيد، قريشي، صديقي، فاروقي ۽ عقيلي وغيره بنجي ويا. اها هڪ قسم جي احساسِ ڪمتري آهي جيڪا اڄ تائين جاري آهي.
ـــــ ـــــ ـــــ ـــــ ـــــ
بني اميه کان پوءِ عباسي خلافت جو راڄ آيو. جنهن کان پوءِ صفاريه خاندان، طاهرين، هبارين، ۽ پوءِ بنوڪنده وارن جو سنڌ تي قبضو رهيو. عربن کان پوءِ غزنوي خاندان سنڌ تي پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سنڌ تي قابض رهيا ۽ اِتي جي ڌن دولت غزنيءَ کڻي پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ خرچ ڪندا رهيا.
غزنوي خاندان جي زوال کان پوءِ سنڌ تي سنڌين جي حڪومت قائم ٿي ويئي. سڀ کان پهرين سومرن حڪومت ڪئي. جنهن ۾ دودي ۽ چنيسر جو مشهور واقعو پيش آيو. سومرن کان پوءِ سمن حڪومت ڪئي. جيئن ته اسان جو موضوع ”سنڌ تي ٻاهرين قبضي جو داستان“ آهي تنهن ڪري اسان هتي صرف ڌارين قومن جي ڪاهن بابت بيان ڪنداسين. سما خاندان جو آخري ڄام فيروز هو، جيڪو عيش پرست، بزدل ۽ غدار ليکيو وڃي ٿو. هن ڪي ارغونن نوڪريءَ ۾ رکي، سردار دولھ دريا خان کي وزارت عظمى تان هٽي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. ان صورتحال کي ڏسي، مغل نوڪرن ۽ قاضي قاضن، ارغونن کي دعوت ڏيئي گھرائي، سنڌ کي ڌارين جي هٿ ۾ ڏياريو. ملطب ته سنڌ تي ارغونن جو قبضو ڄام فيروز جي عياشي جي ڪري ئي ٿيو.
ارغونن ۽ ترخانن جو قبضو:
ارغونن ۽ ترخانن کي نهايت ئي سفاڪ ۽ ظالم چيو وڃي ٿو. هڪ تاريخي روايت موجب ارغونن ۽ ترخانن جو شجرو چنگيز خان کان وڃي ملي ٿو. ارغونن مان شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو. انهيءَ وقت ٺٽو سنڌ جي گادي وارو هنڌ هو. جڏهن هُن ٺٽي تي قبضو ڪيو، تڏهن ايتري ته لٽ مار ۽ قتل و غارت گري ڪيائين جو ٺٽي جون گليون سنسان ٿي ويون. ترخانن مان مرزا باقيءَ تمام گھڻا ظلم ڪيا.
”ترخان نامي“ جو مصنف لکي ٿو ته ”مردم ولايت سند. . . . هرگز شبي از ترس ميرزا باقي بفراغت نرقته بود . . . . . “ يعني سنڌ جا ماڻهو مرزا باقيءَ جي دور ۾ هڪڙي رات به سک سان نه ستا.
مرزا شاھ بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا شاھ حسن تخت تي ويٺو. ڄام فيروز جنهن جي بغاوت کي ارغونن معاف ڪري ڇڏيو، شاھ بيگ جي وفات تي تمام گھڻو خوش ٿيو ۽ فاتحه خواني کي نظر انداز ڪري، ڌارين جي تابعداري کان منهن موڙيو. مرزا شاھ حسن کي جڏهن انهيءَ ڳالھ جي خبر پئي ته لشڪر ساڻ ڪري هن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيو. ڄام فيروز اها خبر ٻڌي، مقابلي جي ست نه ساري سگھيو. ماڻڪ وزير ۽ شيخ ابراهيم داماد کي جنگ تي ڇڏي، پاڻ بزدليءَ ۽ غداري جو ثبوت ڏيندي درياءِ ٽپي ڀڄي ويو. ماڻڪ ۽ شيخ ابراهيم گھڻيون ئي دنگيون ڇوڙيون ۽ توبچين ۽ تيراندازن سان ڀريل ٻيڙيون رستي تي آڻي روڪ ڪئي، پر مرزا جو لشڪر سڀني کي اڳيان هٽائي، نيٺ ٺٽي تي قبضو ڪري ويو.
هوڏانهن ڄام فيروز ڪڇ ۾ پهچي، هڪ دفعو ٻيهر پنجاھ هزار جو لشڪر تيار ڪري، چاچڪن ۽ راحمن وٽ اچي جنگ جو گھورو ٿيو. مرزا شاھ حسن ڪجھ ماڻهو ٺٽي جي نظرداريءَ لاءِ ڇڏي، سندس سامهون ٿيو. جڏهن ٻيئي ڌريون دوبدو ٿيون، تڏهن سنڌي ۽ ڪڇي ماڻهو، پڳون مٿن تان لاهي، چادرن جون ڪنڊون هڪٻئي سان مضبوط ٻڌي، گھوڙن تان پيادي ٿي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. سنڌ خواه هند جي ماڻهن جي اها رسم آهي ته جڏهن پنهنجي لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن انهيءَ نموني جي جنگ شروع ڪندا آهن.
چون ٿا ته مرزا شاھ حسن اها حالت ڏسي، اميرن کي چيو ته: ”هنن پاڻيهي پاڻ کي ٻڌي اسان جي سامهون ڪيو آهي؛ انشاء الله ائين ئي ٿيندو.“ مگر سنڌي سانجھيءَ تائين وڙهندا رهيا پر آخرڪار فتح جي ديويءَ ارغونن جو ساٿ ڏنو ۽ سنڌيءَ پنهنجي ڌرتيءَ تان قربان ٿي ويا. انهيءَ جنگ ۾ اٽڪل ويھ هزار ماڻهو ڪسي ويا. ڄام فيروز خوار خراب ٿي گجرات ڀڄي ويو، ۽ مرڻ تائين اُتي رهيو. مرزا شاھ حسن، ٽي ڏينهن اُتي رهي مال ملڪيت کي غنيمت ڄاڻي لُٽيندو رهيو. هن جي دورِ حڪومت ۾ همايون بادشاھ به سنڌ ۾ آيو ۽ جلال الدين ”اڪبر“ جي ولادت به سنڌ جي ڌرتيءَ تي ٿئي. چون ٿا ته مرزا شاھ حسن همايون بادشاھ کي تمام گھڻو ڏک رسايو ۽ تڪليفون ڏنيون تنهن ڪري همايون هن کي بددعا ڏني. جنهن کان پوءِ مرزا شاھ حسن کي فالج (اڌ رنگ) جو حملو ٿي پيو. جنهن ڪري هو صرف ٻيڙي تي ويهي، ٺٽي کان بکر ۽ بکر کان ٺٽي آمدورفت ڪندو رهندو هو.
مرزا شاھ حسن کان پوءِ مرزا عيسى ترخان سنڌ تي قابض ٿيو. هن سپاهين خواه رعيت کي سهڻي نموني سان راضي رکيو. ڪيبڪ، فرخ *۽ تيمور جھڙا ارغوني امير ـــــــــ باوجود انهيءَ جي ته پاڻ کيس حڪومت لاءِ چونڊيو هئائون، اڪثر شراب پي، نشي جي حالت ۾ سندس حويليءَ تي ڪاهي ايندا هئا. اهڙو ڪوبه ڏينهن ڪونه گذريو هو، جنهن ۾ هن جي دروازي کي نيزن ۽ ڪهاڙين سان ڪٽي، مرزا شاھ حسن جي ڇڏيل خزاني مان حصو نه گھرندا هئا، مگر هو دانائي سان همدردي ڪري کين چوندو هو ته ”خزانو توهان جي ملڪيت آهي، پر اسان ڌارئين ملڪ ۾ آهيو ۽ اسان کي خزانو ضرور گھرجي، جو ڏکئي وقت ڪم اچي: جيڪڏهن توهان کڻي وندا ته شراب ۽ معشوقن تي صرف ڪري ڇڏيندا.“ آخرڪار سندس پٽن ــــــ مرزا محمد باقي، مرزا محمد صالح، جان بابا ۽ غالب ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ هر هڪ ملا بهبود، شبرنگخان، ملا صالح، فتح خان ۽ ٻين ڪمائتن ماڻهن جي سرداريءَ هيٺ اهڙو ته منظم ۽ تيار ٿيو، جو ارغون خود ريسون ڪرڻ لڳا. ليڪن ميان محمد باقي ۽ محمد صالح ۾ مخالف پيدا ٿي پئي. مرزا صالح وڏو بهادر هو، تنهنڪري نهايت شان شوڪت پيدا ڪري، پيءُ کي بيدخل بنائي ويهاري ڇڏيو هئائين. هن مرزا باقيءَ کي جلاوطن ڪري ڪڇ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن مرزا جان بابا سميجن جي جھنگل ۾ ڀٽڪندو رهيو. مرزا باقي ناواقفيت سببان ڪڇ ۾ پهريائين ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون.
ڪجھ عرصي کان پوءِ مرزا باقي ۽ مرزا صالح جي وچ ۾ جنگون ٿي جنهن ۾ آخري فتح مرزا باقيءَ جي ٿي. مرزا عيسى جڏهن سيوستان کي فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو ته پٺيان فرنگين ”گوا بندر“ کان ”لاهري“ بندر تي آيا. ملڪ کي مالڪ کان خالي ڏسي، شهر ۾ گھڙي پيا ۽ جمعي جي ڏينهن نماز وقت جامع مسجد فرخ ۽ ٻين جاين تي ڏاڍي خونريزي ڪيائون ـــــــــ رت ندين جي شڪل ۾ وهڻ شروع ٿي ويو. جڏهن اهي ڳالهيون مرزا عيسى ٻڌيون ته ملڪ جون حدون محمود خان جي حوالي ڪري، ٺٽي روانو ٿي ويو. بهرحال فرنگيءَ، مرزا عيسى جي اچڻ جو ٻڌي، ٺٽي جي شهر کي ڦري، گھٽين ۽ گھرن ۾ بارود وجھي باه ڏيئي، بچي نڪري ويا. مرزا عيسى جنهن وقت پهتو، اُن وقت ٺٽي مان باھ جا اُلا ۽ دونهين جا ڪارا ڪڪر پئي نظر آيا
.

سنڌي ڪلچر . سائين جي ايم سيد


ڪتاب مان کنيل ٽڪرا. . .
تاريخ 8 آڪٽوبر 1958ع مارشل لا ڊڪليئر ٿيڻ بعد حالتن جي ناساز گاريءَ ڪري ارادو ڪيو ھوم ته طبيعت کي آرام ڏيڻ، علمي معلومات وڌائڻ، بگڙيل خانگي ڪاروبار کي درست ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ اچي رھان. يوناني حڪيم افلاطون (پليٽو) به اھڙين حالتن جي موجودگيءَ ۾ مشورو ڏنو ھو ته:”جڏھن ملڪ ۾ جمھوريت جي جاءِ ڊڪٽيٽرشپ والاري ته ان حالت ۾ سمجھدار ماڻھوءَ کي گھر جي چوديواري ۾ بند ٿي لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي، جيسين تائين وڃي ناموافق ھوائون مُلڪ تان گذري وڃن!“ٻئي ڏينھن ڳوٺ اچڻ جو ارادو ھوم، ليڪن جيئن چوڻي آھي ته، ”بندي جي مَن ۾ ھڪڙي، صاحب جي مَن ۾ ٻي!“ وانگر 10 تاريخ اڌ رات جو گرفتار ڪري اچي جيل ۾ بند ڪيائون. مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ ارادا دل ۾ ئي رھجي ويا.وارنٽ ۾ ڄاڻايل ھو ته، ”تنھنجو ٻاھر رھڻ پاڪستان جي داخلي خواہ خارجي سلامتيءَ لاءِ نقصان ڪار ھو، ان ڪري سيڪيورٽي ائڪٽ ھيٺ توکي ڇھن مھينن لاءِ جيل ۾ موڪلجي ٿو.“جيل ۾ 15 مھينا رھڻا پيا. ان کان پوءِ سَن ۾ مارچ 1968ع تائين نظربند رھيس.ان سموري عرصي ۾ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيم. جنھن بعد ڪيترن مسئلن تي غور ڪري ڪي احوال قلم بند ڪيم. ان عرصي ۾ 24 کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي سگھيس.سنڌ جي ڪلچر تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن جي سلسلي ۾ حاصل ڪيل معلومات کي ھن ننڍي پمفليٽ جي صورت ۾ ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.ھر قوم کي ھزارن ورھين جي تجربي، تاريخي روايات، مُلڪي ماحول وغيرہ ڪري ڪي بنيادي ورثا ميراث ۾ ملن ٿا، جن جي حفاظت ۽ ترقي ھو سندس مکيه فرض سمجھي ٿي، جن مان مکيه ورثا ھيٺيان آھن:1. وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.2. قومي زبان.3. قومي ڪلچر.4. قومي اقتصادي مفاد.(1) وطن ۽ اُن ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.سنڌ ھزارين ورھين کان ھڪ جدا مُلڪ ٿي رھي آھي. جنھن جا رھاڪو باوجود جدا جدا نسلن، ٻولين ۽ مذھبن جي آخري طور ھڪ اھڙي قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کي ويجھا ٿي ويا ھئا، جنھن جھڙو مثال ساري برصغير ھندوستان ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھنن وٽ ھڪ زبان، ڪلچر، قومي روايتون ۽ مذھب جي بنيادي وحدت جو تصور موجود رھيو ھو. جيڪڏھن ھنن ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ھيٺ اچي وقتي سندن آزادي وڃائي ٿي ڇڏي ته سگھوئي ھمت ۽ ڪوشش سان اھا وري ھٿ ٿي ڪيائون.مٿن مختلف دورن ۾ ايرانين، يونانين، عربن، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن جي حڪومت جو قبضو ٿيل ھو، جن سندن زبانن، ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد کي مٿانئن زوريءَ مڙھيو ھو. ليڪن ٿوري وقت بعد اھي ڌارين جا تسلط ۽ قبضا ختم ٿي ويا. سنڌ، ان جي زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ مفاد سلامت آھن. دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر ھنن کي به پنھنجي نموني آزاد زندگي گذارڻ جو پورو حق آھي. ڊنمارڪ، فنلئنڊ، سويڊن، پورچوگال، ھالينڊ، سائپرس، لبنان، جارڊن، سريا، يمن، وغيرہ قومون ۽ ملڪ، آزاد ۽ قومن جي سڀا جا ميمبر آھن، سي ڪيترين ڳالھين ۾ ھن کان نه ايراضي نه آباديءَ ۾ وڏا آھن.اھو ھڪ تاريخي حادثو ھو ته انگريزن ساري ھندوستان تي قبضو ڪري، ان کي انتظام خاطر صوبن ۾ ورھائي ۽ وڃڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت جي صورت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو. ان سان سنڌ جي ھندن جي گھڻي ڀاڱي کي حالتن جي ناموزون ھئڻ ڪري لڏي وڃڻو پيو. ٿوري وقت بعد سنڌ جي صوبي کي ڪن مستقل مفاد جي مدنظر مغربي پاڪستان جي طاقتور صوبي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو.ھن وقت ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت مروج آھي. دنيا جون طاقتور حڪومتون سندن مصلحت خاطر اھڙي طرز حڪومت جون طرفدار آھن. سنڌ جي ڪيترن ھندن کي لڏي وڃي پرديس وسائڻو پيو آھي. باقي پوئتي رھيل سنڌي بي يار و مددگار ھئڻ ڪري ڪجھ ڪرڻ کان مجبور آھن. منجھن اھڙي طاقت نه آھي، جو ھي سنڌ جي اندروني آزادي حاصل ڪرائي سگھن. تنھن ڪري ھنن لاءِ ٻيو طريقو نه رھيو آھي ته سندن باقي ورثن جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش وٺن.ليڪن اُن ڏس ۾ به کين ڪيتريون مشڪلاتون درپيش ھيون. ملڪ جو تسلط ھڪ غير ھمدرد گروھه جي ھٿ ۾ وڃڻ ڪري، جن جي زبان، ڪلچر، مذھبي تخيل، سياسي ۽ اقتصادي مفاد علحدہ آھن، حالتن کي درست ڪرڻ آسان نه ھو. پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جي حالتن، وري سنڌ کي نئين مشڪلات جي مقابل ڪيو آھي، لکھا سنڌي ڄاڻندڙ ۽ ڳالھائيندڙ سنڌي ڪلچر جا حامل ھندو مُلڪ ڇڏي ڀارت ھليا ويا، انھن جي جاين تي لکھا ماڻھو ڀارت کان لڏي سنڌ ۾ آيا. انھن جي ٻولي، لباس، ڪلچر، مذھبي نقطئه نگاھه علحدہ آھن. ازانسواءِ ون يونٽ ٿيڻ بعد، سنڌي مفاد سان ھٿ چراند ٿيندي رھي آھي، تن نھايت مايوس ڪن حالتون پيدا ڪيون آھن. تاريخ جي اڳين واقعن کان ھي حالتون مختلف آھن. اڳي يوناني، ايراني، مغل ۽ انگريز مالي نفع حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا. ھنن قديم باشندن کي لکن جي تعداد ۾ لڏائي، انھن جي جاءِ گھڻي تعداد ۾ ڪانه ڀري ھئي. انھن جي ڪلچر، زبان ۽ نون عقيدن جو سنڌ تي ايتري قدر اثر نه پيو، جيترو ھِن حالت ۾ پئجي رھيو آھي. ھن وقت ته سنڌ جي جداگانه وجود کي ختم ڪيو ويو آھي. ان جي زبان کي صوبائي زبان تسليم ڪري، ان ۾ اعليٰ تعليم نٿي ڏياري وڃي. ريڊيو ۽ سئنيما وغيرہ جي ذريعي سنڌي زبان جي ايتري به ھمت افزائي نه ٿي ڪئي وڃي، جيتري ڀارت ۾ سنڌين جي صوبي نه ھئڻ جي باجود ڪئي وڃي ٿي. اُتي سنڌي زبان کي صوبائي زبان جو درجو ڏنو ويو آھي، جنھن مطابق اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم تائين، ھو ان کي پڙھي سگھن ٿا. دھلي ريڊيو تان سنڌي زبان ۾ خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون. سنڌين طرفان صوبي جي ون يونٽ کان پوءِ آزاديءَ کي ڇڏي، صرف زبان ۽ ڪلچر جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ته به اُن کي نا پسنديءَ جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.ٻئي طرف اسان جي مٿاھين طبقي جو ڪردار ڪِري پيو آھي ۽ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق ۽ بزدلي منجھن ايترو گھر ڪري ويل آھي، جو ڊپ وٺيو وڃي ته اسان ھن نئين آزمودي مان ڪھڙي طرح نڪري پار پونداسون. اسان جي ماڻھن جو زيادہ تعداد سادہ مزاج، علم ۾ گھٽ، مذھب جي غلط تشريح جي نالي ۾ ڌوڪو کائيندڙ، تعداد ۾ ٿورو، محنت کان گُسائيندڙ، لالچ ۾ لُڙھي ويندڙ، جھڳڙي فساد کان گوشي ڪرڻ ڪري، مقابل حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اھل ثابت ٿي نه سگھيو آھي. وٽن ايندڙ ماڻھن مان ڪيترا پاڻ کي فاتح، مھذب ۽ بھتر سمجھن ٿا. وٽن اسلام جو فسطائي تخيل، پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت جو نعرو، اتحاد مسلمانان وغيرہ جھڙا دلڪش ڀُلائيندڙ نظريا موجود آھن. سندن خيالات جي پرچار لاءِ جديد قسم جي پروپيگنڊا جا جملي ذريعا، جھڙوڪ اخبارون، رسالا، ڪتاب، ريڊيا، ٽيليويزن، سئنيما، مذھبي عالمن جا پرچارڪ گروہ موجود آھن.اُن حالت ۾ سنڌ جي ورھايل، وڇڙيل، پٺتي پيل ڳوٺاڻن، اڻ پڙھيل، مختلف ھنگامي نعرن ھيٺ ڀنڀلجي ويندڙ ماڻھن جي ڪلچر ۽ زبان جي ڪاميابيءَ جا آسرا رکڻ ڪيتري قدر درست آھي. اھي ۽ اھڙا ٻيا خيال ڪمزوري پيدا ڪندڙ ھئا. اڳي دنيا جا مُلڪ وڏن دريائن، سمنڊن، رڻ پٽن، جبلن، نسلن، وطني ماحول، طاقتور حڪومتن جي مُلڪن ۾ ورھايل ھئا.ليڪن ھاڻ سائنس جي ايجادن، جھڙوڪ: ھوائي جھاز، ٽيليگراف، اخبارن، ڪتابن، ريڊين انھن ملڪن جا سَنڌا ھڪ طرف مٽائڻ شروع ڪيا ھئا، ته ڪيترن ملڪن جي وفاقي طور ملڻ جي رجحان ۽ سامراجي طاقتن جي انھن کي مِلائڻ لاءِ ڪوشش جاري ھئي.ساڳيءَ طرح ٻولين جي جدا جدا ۽ مخصوص صورت به مٽجڻ شروع ٿي ھئي. مختلف زبانن جي ڄاڻندڙن جو باھمي رابطو، ترقي يافته ملڪن، قومن ۽ زبانن کان علمي، ھنري ۽ سائنسي لفظن جي اُڌار، حڪومت وقت جي سنڌي زبان سان معاندانه پاليسي، ٻوليءَ جي بقا ۽ فروغ ۾ ڪئين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. سنڌي ٻوليءَ تي نظر ٿي ڪيم ته شاھه لطيف جي زماني کان، جنھن کي صرف ٻه سو ۽ ڪي ورھيه گذريا آھن، ته ان جو رنگ گھڻو بدلجي چڪو آھي. ان ۾ اڳيئي دراويدي، پارسي، عربي، منگول ۽ انگريزي زبان جا گھڻا لفظ داخل ٿي ويا ھئا. ھاڻ ھنري ۽ سائنسي دور شروع ٿيڻ ڪري ڪيترا لفظ اُڌارا وٺڻا ھئا.ٽئين طرف مُلڪي ڪلچر تي نظر ٿي ڪيم، ته ان لاءِ به حالتون اطمينان بخش نظر نٿي آيون. ڪلچر ڇا آھي، اُن بابت حقيقت اڳتي ڏني ويندي، انھن حالتن تي غور و فڪر ڪرڻ بعد معلوم ٿيڻ لڳو ته حالتون آسان نه آھن. حڪومت ۽ نئين حالات سان گڏ، تاريخي ۽ ارتقائي رجحان اسان جي کڙي ڪيل قومي ديوار ۾ سوراخ وجھي، انقلاب آڻڻ جي پويان ھئا.ھر شيءَ کي پنھنجو دور ۽ موسم ٿيندي آھي. ان وقت ان جي حفاظت يا پرورش ڪرڻ ڦل دائڪ ٿيندي آھي، پر موسم کانپوءِ ڪھنه پودا ڪري، نوان ڄمندا آھن.اکين اڳيان ڏٺو اٿئون ته بمبئيءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرائي، اڃان ٺيڪ طرح ھلائڻ مس شروع ڪيو ھئوسون، ته وري اسان کي پنجاب سان گڏي، ان جي مڪاني آزاديءَ کي سلب ڪيو ويو آھي. زبان تيزيءَ سان بدلجي رھي آھي، مڪاني ڪلچر تي ٻاھرين ڪلچرن جو اثر پئجي رھيو آھي. مڪاني ماڻھن جي اقتصادي حالت خراب ٿي رھي آھي. انھن نون پيدا ٿيل حقيقتن ۽ مسئلن جي روشنيءَ ۾ سموري سوال تي نئين سر غور ڪرڻو ھو.صرف گذشته تاريخ جي چند مثالن ۽ جذباتي اثرن ھيٺ خوش فھميءَ ۾ مبتلا رھڻ مان ڪو فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه ھو. انھن ڳالھين کي مدنظر رکي مون ڪي نتيجا ڪڍيا آھن، جي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌائيندس. قوميت جو تخيل جدا جدا زمانن ۽ ماڻھن جي گروھن ۾ مختلف پئي رھيو آھي. جنھن ۾ نسلي، شھري، سامراجي، مذھبي ۽ وطني قوميت جا تخيل مکيه رھيا آھن.ھن وقت جنھن قوميت جو تخيل دنيا ۾ عام طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو وطني قوميت جو آھي. ھر ملڪ (وطن) ۾ آب و ھوا، جاگرافيڪل حالات، ماحول، تاريخي روايات، نسلي رجحانات جي بنياد تي ڪي خصوصيتون پيدا ٿين ٿيون. جن جي بنياد تي قومي جوڙجڪ، ان جي گذر معاش جا ذريعا، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان شڪل وٺن ٿا.گذريل پنج ھزار ورھين کان سنڌ جي جداگانه جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تسليم ٿيل آھي. دنيا جي ٻين قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن وانگر ھن کي زماني جا لاھا چاڙھا ڏسڻا پيا آھن. ھتي جا رھاڪو جڏھن غير مُلڪي تسلط کان آزاد رھي، مڪاني حڪومتن جي ھٿ ھيٺ رھيا آھن، ته ان وقت سندن قومي شيرازو متحد ڪرڻ، معاشي ذريعن جي ترقي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي واڌاري لاءِ ڪوشش پئي ٿي آھي.پر جڏھن سنڌ سياسي آزادي وڃائي، ڌارئين تسلط ھيٺ آئي آھي، ته اُن وقت سندس معاشي ذريعي کي ڌارين جي مفاد لاءِ ڪتب پئي آندو ويو آھي. زور، لالچ ۽ غلط تعليم جي ذريعي سندن قومي ڪردار، ڪلچر کي بگاڙڻ ۽ ڌارئين زبان کي مُلڪي زبان تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿي آھي.اُھو مسئلو بحث طلب آھي، ته ملڪ جي سياسي آزادي، زيادہ اھم آھي يا قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي آزادي ۽ حفاظت ۽ ترقي وڌيڪ اھميت رکي ٿي.ھڪڙن ماھرن جو چوڻ آھي ته مُلڪ جي سياسي غلامي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان کي معزول ۽ معدوم ڪريو ڇڏي.ٻين ماھرن جو رايو آھي ته جي ماڻھو پنھنجا قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان کي محفوظ ۽ سلامت رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، سي گھڻو وقت سياسي غلاميءَ ۾ رھي نٿا سگھن.سياسي غلاميءَ جو ڌَڪ عارضي آھي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي، دائمي قسم جي آھي.ھن مضمون ۾ آئون ڪلچر ڇاکي چئجي؟ ان جا جوڙجڪي عنصر ڪھڙا آھن؟ ھر ھڪ مُلڪ جو ڪلچر ڪھڙي طرح ٺھي ٿو؟ اُن جي ٺھڻ تي ڪھڙين ڳالھين جو اثر رھي ٿو؟ سنڌ جي جدا گانه ڪلچر جا مُکيه جزا ڪھڙا آھن؟ تي بحث ڪندس.مون کي مُلڪ جي مکيه سياسي ليڊرن جا تازو ڪڍيل گفتا اڃا تائين ڪَنن ۾ گونجي رھيا آھن.ھڪ چيو ته، ”ننڍو صوبو ننڍن دماغن جي ماڻھن سان ڀَريل آھي.“ (سردار پٽيل)ٻئي چيو ته، ”سنڌين جو ڪلچر گڏھه ھڪلڻ ۽ اُٺن ڪاھڻ وارو آھي.“ (لياقت علي خان)تنھن ڪري آئون ھن وقت سياسي آزاديءَ جي حصول کان قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت ۽ سلامتيءَ کي زيادہ اھم سمجھي، اُن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.- غلام مرتضيٰ –- 1963ع
(ڪتاب مان کنيل هڪ ٽڪڙو)

پروفيسر محبوب علي چنا :سيوستان يا سيوهڻ


جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو. (ص 22) ”تاريخي معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايو آهي. ”تحفته الڪرام“ جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجينءَ ولايت ۾ آهي. هڪ قديم شهر ”سنڌ“ جي اولاد ”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کانپوءِ پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاھ بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاھ حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو. سنڌ جلال الدين محمد اڪبر بادشاھ جي درٻار جي گورنرن حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاھ ٿيو. نواب خدا يار خان جي حڪومت جي ڏينهن کان وٺي وري اصلوڪي دستور موجب باقي سنڌ ۾ داخل آهي. سندس جبل تي واهيءَ جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترا ئي مريض انهيءَ مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا آهن. سدائين ساڳيءَ طرح ڀريل (رهي ٿو) ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانه آهي. مقرر ڏينهن تي هندو اتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. ٻي يڪ ــــ ٿنڀي جي جاءِ آهي، جو جبل ۾ هڪ وڏو صفحو هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي. عام اعتقاد موجب، قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير ۽ صفائيءَ لاءِ اتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چرهي نظارو ڏسندا آهن. چون ٿا ته چئن يارن، يعني مخدوم جلال جھانيان، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاءُ الدين، اتي ويهي مڪاشفا ڪيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽ هڪ سڳورو مڪان آهي. (ڏسو تحفته الڪرام صفحو نمبر: 248)
تاريخدانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمن، ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جو سيوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان يا سادوستان سڏيو آهي. ”هندستان جي قديم جاگرافي“ جي صاحب، مسٽر ڪننگھام، ٻين تاريخدانن سان متفق ٿيندي لکيو آهي ته ”هن سنڊيمن شهر وٽ جابلو قومن جي بادشاھ سامبوس سڪندر جي سامهون هٿيار پيش ڪيا“ (ص 264). هن سامبوس کي مسٽر جي. دبليو. سمٿ پنهنجي گزيٽيئر ۾ ”شايد سمو“ سڏيو آهي (ص 47).
”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ڪاڪي ڀيرومل وري لکيو آهي ته هي شهر راجا اشنير جي پٽ شبيءَ وسايو، جنهنڪري هن کي ”شبسٿان“ يا ”شوستان“ ڪري سڏيندا آهن. راجا اشنير رامائڻ جي زماني جيترو جھونو آهي. مگر دوارڪا پرساد ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته راجا اشنير جي پٽ شبيءَ هاڻوڪي سبيءَ جو شهر وسايو. شهر جي اپٽار ڪندي، مسٽر شرما لکي ٿو ته هن جي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندستان تي اتر ـــ اولھ کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون، تنهن وقت اتر هندستان جون (جنهن ۾ پراچين سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو اچي ٿو) ڪيتريون کتر ذاتيون هجرت ڪري ڏکڻ هندستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثلاًًً، ملتان جي دلير ماوه قوم مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين جيسلمير ۽ سبيءَ جي شوي کترين سيهوڻ اچي وسايو. وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته سيوهڻ شهر اٽڪل ٻن اڍائي هزارن سالن جو جھونو آهي. (حوالو: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“، جلد3، ص161.) جيڪڏهن ڪاڪي ڀيرومل جي ڀاونا تمام آڳاٽي آهي ته وري مسٽر پرساد جو پور به حقيقت جي حد کان گھڻو گھٽ آهي. سڪندر (356 ــــ 323 ق.م) جي ڪاھ کان اڳ سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين چوڻ ته سنڌ کان پوءِ سيوهڻ وسيو هو، سو حقيقت کان دور آهي.
رگ ويد ۾ آيو آهي ته قديم آريا پنجن مکيه خاندانن ۾ ورهايل هئا : پروُ، آنوُ، درهيو، يدوُ ۽ ترسؤ. ”آنوُ“ آرين مان ڪي پنهنجي ويجھي ڏاڏي ”شوي“ جي نالي پٺيان ”شوي آريه“ سڏبا هئا. انهن پنجاب ۾ ”شور ڪوٽ“، بلوچستان ۾ ”سبي“، ايران ۾ ”سبستان يا ”سيستان“ ۽ ”سيوهڻ“ آباد ڪيا . سيوهڻ پهريائين سندن نالي پٺيان ”شوستان“ ڪوٺجڻ ۾ آيو، جنهن جو اچار پوءِ بگڙجي ”سيوستان“ ۽ ”سهوان“ ٿيو ۽ هاڻي ”سيوهڻ“ سڏجي ٿو. ”سيوهڻ“ لفظ به ”شو واهن“ جو مخفف آهي.
مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي: ”سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي، جو اصل ۾ ”شواستان“ هو؛ يعني شِوَ جو آسٿان، پر ماڻهن جي زبان ۾ ”سيوستان“ مشهور ٿي ويو.“
”چچنامه“ ۾ آيو آهي ته سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ سيوس نالي قوم رهندي هئي. ”سيوس“ به ”شوي“ جي ئي بگڙيل بناوٽ معلوم ٿئي ٿي.
حقيقت ۾ سيوهڻ ان نالي پوڻ کان اڳ موجود هو. شوي قوم فقط هن کي وڌايو ويجھايو ۽ اهو نالو رکيو هوندو. هي ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن، انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جن ماڻهن جو کوپريون موهن جي دڙي مان لڌيون ويون آهن، اهڙن ئي ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان شاھ بلاول واريءَ واٽ مان به لڌيو ويون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سيوهڻ تمام قديم زماني کان آباد هو. قديم زماني کان پوءِ، نئين حَجري زماني جا نشان به سيوهڻ جي ڀرسان لڌا ويوا آهن. سر جان مارشل لکيو آهي (بحواله: ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“) ”نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪي جبلن جي قطار ۾، ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“ ان مان ثابت ٿيو ته سيوهڻ قديم زماني کان آباد ٿيندو آيو آهي. اهڙو ڪوبه ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊهڙن جي صورت ۾ رهيو.
چچ جي ڏينهن ۾ سيوستان جو حاڪم مته نالي هوندو هو. چچ ڪشمير جي سرحد قائ ڪري، موٽي سيوستان ۾ آيو ۽ اتي جو بندوبست قائم ڪيائين. چچ جي مرڻ کان پوءِ مته قنوج ۾ ويو، انهيءَ لاءِ ته چندر (چچ جو ڀاءٌ) کان ملڪ کسي. ڏاهر جي وقت ۾ هو برهمڻ آباد مان ٿي پوءِ سيوستان ۾ آيو، ۽ اتان پوءِ راور جي قلعي ۾ ۽ پوءِ موٽي الور آيو. انهن چئن ئي هنڌن تي سال جي اندر چار مهينا گذاريندو هو. محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو، ۽ اتي جو آسپاس ملڪ هٿ ڪيائين. سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سوٽ بڇيرا ولد چندرام اتي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم منجنيق سان ڀٿ ڀڃي قلعو ورتو، ۽ بڇيرا ڀڄي ويو. انهيءَ جي جاءِ تي هن چندرام حاله کي ويهاريو، پر هن جي ٻئي پاسي وڃڻ تي چندرام فساد ڪري عربن کي ڀڄائي ڪڍيو. تنهن تي محمد بن قاسم مصعب ولد عبدالرحمان کي وڏي لشڪر سان سيوستان موڪليو، جو چندرام سان وڙهيو ۽ چندرام مارجي ويو. مصعب اتي ٻيو حاڪم مقرر ڪري ۽ پورو بندوبست ڪري، موٽي محمد بن قاسم ڏانهن ويو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، حجاج جي حڪم موجب، قيس عبدالملڪ ۽ خالد انصاري سيوستان جا نائب مقرر ٿيا. مٿيون احوال سن 93ھ : 711ع ڌاري جو آهي. سن 416ھ : 1025 سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق لشڪر وٺي پهريائين سيوهڻ ورتو ۽ پوءِ ٺٽي ويو، جو تڏهن سنڌ جو تختگاه هو. انهي وچ ۾ عربن جي خليفن جا نائب سيوستان ۾ رهندا آيا. سن 649ھ : 1251ع ۾ ناصر الدين محمود دهليءَ مان لشڪر وٺي سنڌ ۾ آيو، ۽ سيوهڻ ۾ اچي، قليچ خان کي حاڪم مقرر ڪري، پوءِ اُچ ۽ ملتان ڏانهن ويو. سن 667ھ : 1297ع ۾، جلال الدين خلجيءَ جي عهد ۾، مغلن سيوهڻ اچي هٿ ڪيو، جنهن تي نصرت خان، حڪم موجب، ملتان مان سيوهڻ آيو ۽ مغلن سان وڙهي انهن کي ڀڄائي ڪڍيائين، ۽ پوءِ بکر ويو. ”تاريخ فرشته“ مان معلوم ٿئي ٿو ته تاتارين، جن 697ھ : 1297ع ۾ دهليءَ جي حاڪم غياث الدين جي زماني ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. تن پهريائين سيوهڻ تي حملو ڪيو. جلال الدين خوارزم شاھ جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته هن پهريائين سيوهڻ قبضي ۾ ڪيو. سن 721ھ : 1321ع ڌاري، سلطان غياث الدين تغلق ملڪ علي شير کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو. 752ع : 1351ع ۾ ڄام انڙ سمو سيوهڻ تي ڪاهي آيو، ۽ پوءِ دهليءَ جي بادشاھ پاران مَلَڪ رتن تُرڪ، جيڪو اتي جو حاڪم هو، تنهن سان وڙهي، انهيٰءَ کي ماريائين ۽ قلعو ورتائين. هن وقت مکيه سياح ابنِ بطوطه سيوهڻ ۾ آيو هو. وري سن (768ھ : 1367ع) ۾، ڄام تماچيءَ جي راڄ ۾، سلطان علاءُ الدين جو لشڪر اچي سيوهڻ ۾ سمن سان وڙهيو ۽ انهن کي قيد ڪري دهليءَ وٺي ويو. جڏهن ڄام سڪندر سمو گاديءَ تي ويٺو هو ۽ هو صغير هو، تڏهن بکر ۽ سيوهڻ جا حاڪم باغي ٿيڻ لڳا. ڄام سڪندر مٿن ڪاهي ويو، پر سگهو ئي مري ويو. سن 896ھ : 1490ع ۾ ڄام نظام الدين جي گاديءَ تي ويهڻ بعد، بکر ۽ سيوهڻ جا سڀ ماڻهو انهيءَ پاسي ٿيا. 926ھ : 1519ع ڌاري، ڄام فيروز جي راڄ ۾، مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مير عليڪ، ۽ ٻيا سنڀال لاءِ ڇڏي، پاڻ شال ڏي ويو.
سگهو ئي ڄام صلاح الدين ڄام فيروز کي ٺٽي مان ڀڄائي ڪڍيو، جو سيوهڻ ۾ آيو. شاھ بيگ جي پٽ شاھ حسن هن کي مدد ڏني، ۽ سيوهڻ جي قلعي جو پورو بندوبست ڪري هليو ويو. سن 948ھ : 1541ع ۾ حمايون بادشاھ، بکر مان نڪري، سيوهڻ ۾ اچي منزل ڪئي. مرزا شاھ بيگ جا نائب، سلطان بيگ ۽ مير محمد ساريان، جي اتي هئا، تن اڳي ئي ملڪ آسپاس ويران ڪري ڇڏيو هو ته هو اتي نه هري. مرزا شاھ حسن پاڻ به آيو ۽ اچڻ سان بادشاھ سان وڙهڻ جو سعيو ڪيائين. همايون سيوهڻ کي گهيرو ڪيو، جو ست مهينا هليو. آخر ناامدي ٿي موٽي بکر لوهري هليو. هن جي وڃڻ کان پوءِ، مرزا، سيوهڻ جي قلعي کي جيڪا شڪست وسي هئي، تنهن جي مرمت ڪرائي. سن 962ھ : 1554ع ۾ مرزا شاھ حسن، ٺٽي مان سيوهڻ ڏانهن ايندي، رستي ۾ مري ويو. سلطان محمود خان ساڻ هوس. سندس لاش ٺٽي ڏانهن نيائون. ڪيل ٺهراءُ موجب، سنڌ جو ڏاکڻيون ڀاڱو، ٺٽي وارو، سندس پٽ مرزا عيسى کي مليو، ۽ اتريون، بکر وارو، سلطان محمود خان کي. تنهن تي مرزا شاھ مسعود ۽ ڪن ٻين اميرن ناراض ٿي فساد ڪيو، ۽ سيوهڻ اچي هٿ ڪيو. مرزا عيسى پنهنجي پٽ محمد صالح سميت لشڪر وٺي اچي هنن سان وڙهيو.
سيد مير ڪلان، مير معصوم شاھ بکر واريءَ جي پيءُ، هنن جو صلح ڪرايو ۽ مرزا شاھ مسعود نااميد ٿي گجرات ڏانهن هليو ويو. ٻئي سان ۾ مرزا عيسى ترخان بکر ۾ سلطان محمود سان وڃي وڙهيو، جنهن ڀڄائي ڪڍيس ۽ پٺيان پئي سيوهڻ تائين آندائينس. اتي مرزا باهيون ڏيڻ ۽ ملڪ ناس ڪرڻ لڳو. اتي وري ٻي جنگ ٿي لڳي، پر وري سيد مير ڪلان سندن پرچاءُ ڪرايو. سن 970ھ : 1562ع ۾، مرزا عيسى جي ٻن پٽن جو پاڻ ۾ تڪرار ٿيو ۽ هڪڙو مرزا صالح مارجي ويو، ٻئي کي، يعني مرزا باقي کي، مرزا سيوهڻ جاگير ڪري ڏنو، جتي هو وڃي رهڻ لڳو.
پر سگهو ئي خود مرزا عيسى ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ وري به هڪ جنگ سيوهڻ ۾ لڳي، ۽ ٻي درٻيلي ۾. آخر سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سن 974ھ ۾ جڏهن مرزا عيسى ترخان مئو، تڏهن، سندس وصيت جي برخلاف، سندس زال ماھ بيگم مرزا محمد باقيءَ کي سيوهڻ مان سڏائي گاديءِ تي ويهاريو، ۽ نه هن جي ٻئي پٽ خان بابا کي، جنهن جي وصيت ڪئي هئائين. سن 978ھ : 1570ع ۾ اڪبر بادشاھ، مرزا محمد باقيٰءَ جي ظلمن جو ٻڌي، پنهنجو نائب، مجاهد خان، بکر ڏانهن موڪليو. انهيءَ ڪري مرزا باقيءَ ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجا پٽ ويهاري ڇڏيا. سيوهڻ ۾ پنهنجي وڏي پٽ مرزا پاينده کي رکيائين ۽ ننڍو جاني بيگ به ساڻس ڏنائين. پوءِ سگهو ئي پاڻ کي ماري ڇڏيائين، ۽ اميرن مرزا جاني بيگ کي سيوهڻ مان سڏي ٺٽي جي گاديءَ تي ويهاريو. 998ھ : 1589ع ۾ اڪبر بادشاھ نواب خانان کي موڪليو، جو پهريائين بکر ۾ آيو ۽ پوءِ لشڪر وٺي سيوهڻ تي ڪاهي آيو. مرزا جاني بيگ ٺٽي مان لشڪر وٺي آيو. مرزا جي پاران خسرو خان لشڪر جو مهندا هو، ۽ خان جي پاران سيد بهاءُ الدين ۽ مير معصوم شاھ بکر وارو. لڪيءَ وٽ سخت جنگ لڳي. آخر مرزا جاني فقط ٻارهن ماڻهن سان ڀڄي انڙپور ڏانهن ويو. سگهوئي پوءِ سندن وچ ۾ صلح ٿيو. سن 1013ھ : 1605ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاھ کان پوءِ جھانگير تخت تي ويٺو، تڏهن هن عبدالرزاق کي نواب ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي جي مٿان موڪليو، ۽ مرزا غازي بيگ کي پاڻ وٽ سڏائي ورتائين ۽ انيهيءَ کي قنڌار ڏي نائب ڪري موڪليائين. 1059ھ : 1649ع ۾ جڏهن مغل خان دهليءَ جي بادشاھ پاران ٺٽي جو نواب هو، تڏهن شاهجهان بادشاھ پنهنجي پٽ، شاهزادي اورنگزيب کي سيوهڻ، بکر ۽ ٽٺي جا پرڳڻا، يعني قريب ساري سنڌ جاگير ڪري ڏني. انهيءَ کان اڳي ملتان هن جي جاگير هئي. سن 1150ھ : 1737ع ۾، نواب خدايار خان (يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو) سيوهڻ، بکر ۽ ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿيو. سن 1171ھ : 1758ع ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙو لوهري مان سيوهڻ آيو، ۽ اتان الھ آباد ۽ محمد آباد ۾ ويو، جتي سارو سال گذاريائين. سن 1259ھ : 1843ع ۾ جڏهن دٻي جي جنگ ۾ مير شير محمد خان سر چارلس نيپئر هٿان شڪست کائي پنجاب ڏانهن ڀڳو، تڏهن، مير پور خاص مان ضروري سامان کڻي، پهريائين سيوهڻ ۾ درياھ جي ڀرتي چوڌاري کاهي کڻائي ويهي رهيو، ۽ سندس ڀاءٌ مير ساھ محمد سندس سامان جي سنڀال تي هو. ڪرنل رائن، جو تڏهن سيهڻ ۾ هو، تنهن مٿس ڪاھ ڪئي. مير شاھ محمد سان جيڪي ٽي ــ چار سؤ ماڻهو هئا، سي ڀڄي ويا ۽ شاھ محمد پڪڙجي پيو، هن کي حيدرآباد ڏياري موڪليو. مير شير محمد شير سنگ وٽ پناھ ورتي. جڏهن سنڌ پنهنجي خودمختياري قربان ڪئي ته سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي دائود پوٽن، ڪلهوڙن ۽ پنوهرن جون، وڃايل طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون شروع ٿيون. ان وقت فاتح يار محمد ڪلهوڙي خدا آباد دادوءَ واري آباد ڪئي، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن درياھ جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد، ۽* هالن واري خدا آباد جا شهر تعمير ڪيا ته ويچارو سيوهڻ سڏڪيون ڀرڻ لڳو. انگريزن جي راڄ بعد، سيوهڻ نه رڳو هڪ ننڍيءَ بستيءَ جي شڪل ورتي ـــــ جئين ڊبليو. ڊبليو. هنٽر جي گزيٽيئر (ص225) مطابق، 1872ع جي آدمشماري چار هزار ٻه سؤ ڇهانوي آهي ۽ جي. ڊبيلو. سمٿ جي گزيٽيئر (ص47) مطابق، 1911ع جي آدمشماري 4749 آهي. هنٽر جي لکئي مطابق، 1881ع ۾ سيوهڻ تعلقو سنڌ جي بهتري ڪڻڪ ۽ نير پيدا ڪندڙ تعلقن مان هڪ هو. جڏهن 28 ــ نومبر 1635ع بعد، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ سان واپار جو سرشتو شروع ڪيو، ته به انهن جي لسٽن تي سيوهڻ جو نير ۽ ڪپڙو چڙهيل هئا. سيوهڻ جي نشانبر قدامت سان گڏ، ان ۾ علم و فضليت ۽ روحانيت جا ساگر سمايل هئا. هر هڪ تاريخي خواه ادبي ڪتاب م سيوهڻ جي عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي.
مگر واءِ قسمت، ڪمال ۽ زوال جو فلسفو سيوهڻ جي موجوده شڪسته حاليءَ مان عيان آهي. اهي جايون جتي هندورن جو هُل هو، اتي هاڻي چٻري جي چوٻولي جو غل آهي، ۽ هاڻي هنڌ ”موئن جي دڙي“ جي بي ثباتيءَ تي دلالت ڪري رهيا آهن. سبحان الله. ”هر ڪنهن ڪمال کان پوءِ آخر زوال آهي.“ ان زوال جي زماني ۾ به، جي. ڊبيلو. سمٿ هن حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ”جيتوڻيڪ سيوهڻ پنهنجي شهرت وڃائي چڪو آهي، مگر تيرهين صديءَ جي وچ ۾ هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو، جو هي اڪابر اولياءِ ڪرام مان هڪ، بنام شيخ عثمان مروندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو. هاڻي سيوهاڻين خواه ٻاهرين کي محض هي ڪشش جو نقل آهي.“ ڇو ته ڪيترن ئي بزرگن هن ڌڻيءَ ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجھيو آهي. جئين مرحوم منشي خداداد خان صاحب ”لبِ تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته” سنڌ جي مؤلف سيوستان يا سهوان متعلق تمام گھٽ لکيو آهي. هن شهر ۾ قلندر، جو سنڌ جو بادشاھ آهي، رونق افروز آهي، ان جو ڪھڙو بيان ڪري ٿو سگھجي؟ هن موقعي تي هي ظاهر آهي ته ڪتاب جي ديباچي جي مناسبت ڪري، هن (شهباز رحه) جو احوال ڏجي.“ ان بعد هن قلندر سائينءَ جو احوال ڏنو آهي. ٻين به ڪيترن ئي سنڌ جي بزرگن خواه ٻاهرين لعل شهباز جي باري ۾ مدح سرائي ڪئي آهي. دور دراز دولھ، اڙانگا ڪشالا ڪري، ڏونگر ڏوري، لعل سائين جي زيارت يا بابرڪت لاءِ ايندا آهن. لعل شهباز کان سواءِ هيٺيان بزرگ به قابلِ ذڪر آهن: قاضي قاضن، قاضي ابو سعيد ولد قاضي زين الدين، سيوهڻ جي مخدومن مان قاضي محمد وارث، قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد، قاضي سائين ڏنو ۽ ان جو پٽ ميان مير لاهوري، (5) مير سيد ڪلان، (6) مير عبدالله سلطان ولد ميرابولمڪارم، (7) سيد عبداللطيف ولد سيد عبدلرزاق بخاري، (8) مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم عرف متارو شاھ، (9) ملا دائود ۽ سندس فرزند نورالحق مشتاقي، (10) ميان عبدالحليم ۽ سندس پٽ ميان وجھ الدين.