Wednesday, 21 December 2011


جيڪو سچ مچائي مچ، اهو سچ وڏي شيءَ آهي !ـ آزاد انقلابي


جيڪو سچ مچائي مچ، اهو سچ وڏي شيءَ آهي !ـ آزاد انقلابي

جيئي سنڌو ديش جيئي سائين جي ايم سيد!ـ

منھنجا پيارا دوستو ، مان پھريان ھي ڳالھ اوھان کي ٻڌائيندو ھلان ته منھنجو مقصد ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ ناھي اڄ بس ھڪ ڳالھ ھيڏي وڏي ظلم کانپوءِ به اسان جي ھي عوام سُتل ڇو آھي آخر؟ اسان جي عوام سڀ ڪجھ ڄاڻندي به ڇو ائين خاموشي ۽ گدڙ وانگر ٻرن ۾ لڪڻ ۾ مشغول آھي. ڪو دور ھيو جڏھن رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ڳالھ ڪندو ھو سنڌ جي مستقبل سنڌ جي خوشحالي سنڌي اٻوجھ ماڻھن جي مستقبل لاءِ جدوجھد ۾ انھي ساڳئي سچ جو ساٿ ڏيندي ھن ظالم رياست سان مھاڏو اٽڪايو پر ڪڏھن به سيد ھن رياست جي اڳيان جھڪڻ قبول نه ڪيو، ۽ نتيجن طور ھي  ظالم رياست مھينن جا مھينا جيل ۾ نظربند رکندي ھئي ايتري قدر جڏھن کيس آخري وقت ۾ آئي سي يو ۾ داخل ڪيو ويو تڏھن به ھِي رياست ھڪ جھور پوڙھي کان ايترو ته خوفزده ھئي جو آئي سي يو ۾ به مٿس نظر بندي ۾ رکيو ويندو ھيو !ـ ڇو ؟ ھن جي ھٿ ۾ نه ڪلاشن ڪوف ھئي نه ئي ھن جي ھٿ ۾ ھينڊ گرنيڊ ھيو نه ئي ھن وٽ ڊاڪٽر عبدالقدير وارو فارمولو ھيو!ـ پر ھڪ شيءَ ھئي جيڪا انھن سڀني کان طاقت ور آھي اھو ھيو سچ !!!ـ
اياز جو ھڪ شعر آھي جيڪو ھن آرٽيڪل جو ٽائٽل به!ـ
جيڪو سچ مچائي مچ، اهو سچ وڏي شيءَ آهي !ـ
ھا انھي سچ وڏو مچ مچايو ھي ملڪ (پاڪستان) جنھن جو ڪو به جاگرافيائي نقشو موجود ناھي نه ئي ڪڏھن ھيو ، ۽ ھي سنڌ جيڪا صدين کان روايتي طور تي جاگرفيائي طور تي موجود رھي آھي جنھن جو مثال موھن جو دڙو ، ڪوٽ ڏيجي ، مڪلي جو قبرستان، ۽ ڪيترائي قديمي آثار ملن ٿا. ھا ان پاڪستان ٺاھڻ ۾ جي ايم سيد جو ھٿ موجود ھيو پر ان فقط ۽ فقط سنڌ جي خوشحالي آزاد رياست جي بنياد تي پاڪستان کي ھڪ شڪل ڏئي مذھب جي بنياد تي ھرگز نه پر جنھن ۾ اھو طئع ڪيو ويو ھو ته ھر صوبي کي آزاد خومختار رياست الڳ رياست ھوندي انھي بنياد تي رھبرِ اعظم ھن ملڪ جي آزادي جي جدوجھد ۾ شامل ٿيو  پر پنجابي مفاد پرست (انگريزن جو ناجائز اولاد) پنھنجي اصليت ڏيکاريندي مذھب جي بنياد پرستي تي ڌوڪو ڪري سنڌ ، بلوچستان ، پختونن کي پنھنجي انھي مذھب جي ڌوڪي ۾ رکي کين ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي غلامي جي قيد ۾ وڌو !ـ سائين پاڪستان کي ھڪ اسلامي ملڪ ۽ ھڪ امن پسند رياست ٿي ٺاھڻ چاھيو ان ۾ اھو سائين جو شرط ھيو ته  ھر قوم کي پنھنجا علائقا ھوندا جتي ھو آزاد ۽ خود مختار ھوندا “ ۽ امن کي قائم رکڻ لاءِ به طاقت جي ضرورت ھوندي آھي ”  ۽ سائين اھا طاقت پنج قومن جي يقجھتي ۾ ڏٺي  سائين پنج قومن کي ھڪ مقصد تي آزاد ڪرائڻ ٿي چاھيو جيئن سڄي ملڪ ۾ اسلامي امن وارو قانون ھجي. ۽ اسان شاھ عبدالطيف ،خوشحال خان کٽڪ،وارث شاھ،رحمان بابا جو امن وارو پيغام سڄي دنيا ۾ ڦھلائي سگھجي پنجن قومن ئي سائين  ۽ جناح جي نظرئي تي لبيڪ ڪيو ھو ۽ ھن رساست جي آزادي جي جدوجھد لاءِ اڳيان وڌيا. 1940ع ۾ سائين قراداد به پاس ڪرائي ڇڏي ھئي پر 2 مھاڀاري لڙائي ۾ پنجابين پنھنجي نسل ڏيکاريندي  انگريزن وٽ وڪجي ويا ھئا ۽ انھن کي ڪالوني طور ھي ملڪ مليو ۽ سائين جي مقصد تي پاڻي ڦيرجي ويو.
جنھن کان پوءِ 1948ع ۾ سائين پاڪستان کان بغاوت جو اعلان ڪيو ، اھو ساڳيو جي ايم سيد جنھن انھي ڏاڍ ۽ ظلم کي ڏسي اھو سڀ برداشت نه ڪري سگھيو سنڌي قوم جي مستقبل ، سنڌ جي خوشحالي جي خواھش ۽ صدين جي ھن ملڪ کي ھڪ امن پسند آزاد رياست ھڪ آزاد ملڪ بنائڻ ٿي گھريو پر مذھب جي ڌوڪي ۾ رکندي کيس ڌوڪو ڏنو ويو پنجابين پنھنجي نسل پرستي ڏيکاري!ـ 
اياز ھڪ ھنڌ چوي ٿو ته تـ ڏات وڏي شي ناهي، پر سچ وڏي شيءَ آهي ” ۽
جڏھن  رھبر سنڌ  انھي ھڪ لفظ  ”سچ“ جنھن جو ساٿ ڏيندي ھن جابر رياست کي ٻڌائي ڇڏيو ته ھاڻ بس گھڻو ٿيو گھڻو ئي اوھان اسان کي مذھب جي بنياد تي ڌوڪا ڏيندا رھيا ۽ جڏھن آزاد سنڌ سنڌو ديش جو نعرو ھنيون ته ھي اسٽيبلشمينٽ لوڏي ۾ اچي وئي رھبر جي اسٽيٽمنٽن کان ايترو ته لنوائيندا ھيا ته سن مان ڏنل اسٽيٽمينٽ جو آواز اسيمبلين جي اعوانن تائين رسندو ھيو ، جي ايڇ ڪيو جي آفيسن تائين سندس اسٽيٽمينٽ جو اثر ايترو ته پوندو ھو جو کين پگھر ئي نه بيھندا ھيا ۽ اھو ساڳيو دور وري وريو آھي اڄ جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين شفيع محمد برفت جي ھڪ اسٽيٽمينٽ تي کين لوڏا اچيو وڃن ھيٺان مٿان پگھر نڪريو اچين ۽ ھي ظالم رياست  اھو ساڳيو لڪاء ان جي ڪارڪنن مٿان ڪري رھي آھي جيڪو ڪنھن دور ۾ انھي سن واري سائين ان ھڪ معصوم ، نرم دل  جھور پوڙھي مٿان پنھنجي مشينري جو استعمال ڪندي ھئي!ـ  جيڪا اڄ انھي جي سچن پُٽن مٿان ظلم ڪري رھي آھي سا پنھنجي مشينري جو استعمال ڪري رھي آھي پر ھي به ان رھبر جا حلالي پُٽ ھِن جن پاڻ کي خوشي سان مارائڻ قبوليو پر ھن رياست جي اڳيان ڪڏھن به جھڪڻ قبول نه ڪيو جسمم مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم مظفر ڀٽو جيڪو پھريان به 18 مھينا ٽارچر سيلن جون ازيتون برداشت ڪري ٻاھر آيو ھيترا ظلم سھندي اھا ساڳي ڳالھ ڪندو ھو ته اوھان ڀلي اسان کي چوراھن تي مارائي ڇڏيو آئون ھر جنم ۾ ھن ڌرتي تان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آھيان ۽ وري ڪجھ مھينن کان پوءِ کيس ايجنسين جا دلال ڪيترن ئي مھينن کان گُم ڪري پنھنجي تحويل ۾ وٺي مٿس غير انساني تشدد جو نشانو بنائي رھيا آھن، اھو ساڳيو جسمم جو اڳواڻ محترم ثناالله ڀٽي ھڪ باڪردار ماڻھو آھي جنھن جو گواھ ٽنڊو محمد خان جي عوام آھي!ـ جنھن کي پھرين آپريشن ۾ سرعام منجھند جو 3 ڌاري ٽنڊو محمد خان ۾ ايجنسين جا اھلڪار کنڀي گُم ڪري ڇيائون ۽ ڪيترن ئي ڏينھن کان پوءِ سندس گرفتاري آئي جي سنڌ ثناالله عباسي جي نگراني ھيٺ ڪراچي بلوچ ڪالوني مان ظاھر ڪيائون ۽ مٿس ڪوڙا ڪيس ھڻي سينٽر جيل اُماڻيائون ۽ ڪجھ سالن کان پوءِ ھن پاپي پاڪستان جي عدالتن مان ھو بي گناھ بنا ڪنھن ڏوھ ھجڻ جي باعزت آزاد ڪيو جيل مان نڪرندي اھو ساڳيو ثناالله ڀٽي ھن ظالم رياست کي چوي ٿو ته ” تون  ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندين اعلان ھزارين مان نه رڳو “ توھان ڀلي اسان کي ٽارچر سيلن ۾ بند ڪيو توھان ڀلي اسان کي جيل ۾ وجھو پر اسان پنھنجي مقصد آزاد سنڌ جي آزادي تان ھڪ قدم به پُٺتي نه ھٽنداسون ، اڄ جنھن کي ڪجھ سالن گذرڻ کان پوءِ وري ٻيھر کيس حيدرآباد گدو چوڪ وٽان ايجنسين جي اھلڪارن سرڪاري ھٿيارن سان مٿس گھيرو ڪري کنڀي گُم ڪري ڇڏيائون جنھن کي اڄ 6مھينا گذرڻ باوجود به ڪو پتو ناھي پئجي سگھو ۽ ٽنڊو محمد خان جي سُتل عوام پنھنجي گھري ننڊ ۾ سُتل ئي رھي اھو ساڳيو جيئي سنڌ متحدا محاذ جو اڳواڻ پنھنجي ساٿين سان گڏھن گذريل سالن جي ايندڙ ٻوڏ ۾ درياءُ جي بند تي ڪيترائي ڏينھن رات انھن بندن جي حفاظت ڪندي پنھنجي گھرن مائٽن کان پري رھندي ھن شھر واسين جي خاطر بندن تي پنھنجن ساٿين سمين رات ڏينھن پھرا ڏيندا رھيا جنھنجي گواھ سڄي ٽنڊي محمد خان جي عوام آھي جنھن کي ان ھمت حوصلي ان جدوجھد جو اعزاز به ايم اين اي خود سرعام ڏنو ھيو ۽ اڄ اھو ساڳيو ايم اين اي اسيمبلين ۾ ويٺو آھي پر سندس وات ۾ مڱ پيل آھن ڪنھن به قسم جو ايڪشن ناھي ڪنھن به قسم جي سار ناھي ڇو ؟ ان جو مين ڪارڻ اھو آھي جو ھي به ان ظالم رياست جو حصو آھي انھن جي حڪمن تي ھلڻ وارو ھڪ خصيص غلام جيان!ـ محترم افضل پنھور جيڪو ھڪ باڪردار نوجوان شاگرد پڻ آھي  جساف جسمم جو ھڪ بااخلاق قومي ڪارڪن پڻ جنھن کي سرعام ايشيا جي ٻئي نمبر تعليمي اداري مان ايجنسين جا اھلڪار سرعام کنڀي کڻي گُم ڪري ڇڏيائون جنھن تي يونيورسٽي جي انتظاميا بلڪل خاموش گدڙ جيان ٻرن ۾ لڪل ويٺي آھي ڇو ؟؟؟ اصل ڳالھ اھا آھي ته ھي مذھب جي ڌوڪي تي ٺاھيل مُلڪ پاڪستان ۽ ان جون ايجنسيون سنڌ جي تعليمي ادارن کي بدنام ڪرڻ ۾  رڌل آھن  جسمم جو سنڌ ورسٽي ۾ ھجڻ کان پھريان ڪيترون ئي جيئي سنڌ جو تنظيمون موجود ھوندي به ڪڏھن ڪنھن اسٽوڊنٽ کي ائين کنڀي گُم نه ڪيو ويو ڪڏھن به مذھبي بنياد پرستي ڦھلائي نه وئي ان کان ڪجھ وقت پھريان مجلس ۾ پنھنجن دلالن جي   ڇاڙتل سان گڏ ھڪ فساد ڪرايو جنھن جو الزام  جيئي سنڌ متحدا محاذ جي شاگردن مٿان مڙھيو ويو ڇو ؟ اھو صرف ۽ صرف انھي لاءِ ته جيئي سنڌ متحدا محاذ جا باڪردار نوجوان جن جو مقصد سنڌ جي تعليم نظام کي بھتر بڻائي ان ۾ سڌارا آڻڻ سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ يونيورسٽي مان گندگي ۽ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ جدجھد ڪندا رھيا جنھن ۾ جسمم جو مين ڪردار رھيو جيڪو ھِن اسٽيبلشمين کان برداشت نه ٿي سگھيو انھن جي ڪردار کي داغ لڳائڻ لاءِ ھنن ڪيترائي ڪريل ڪم ڪيا پر ھي پنھنجي ھر ھربي ۾ ناڪام ويا نيٺ مجبور ٿي ھڪ باشعور باڪردار نوجوان شاگرد کي کنڀي گُم ڪري ڇڏيائون جنھن کي اڄ ڪيترائي مھينا گذري چڪا آھن جيڪو انھن ايجنسين جي تحويل ۾ ڪيتريون ۽ ازيتون برداشت ڪري رھيو آھي مٿس غير انساني تشدد ڪيو پيو وڃي جنھن تي ھي يونيورسٽي انتظاميا بلڪل خاموش آھي ڇو؟ ڇو جو آئون سمجھان ٿو سنڌ ورسٽي جو وي سي صاحب به انھي ساڳي رياست جو دلال ۽ انھن جي ٽڪرن تي پلجڻ وارو ھڪ خصيص غلام آھي !
۽ وري محترم بشيرآريسر صاحب جيڪو بدين ضلعي جو رھواسي آھي ۽ ھڪ باڪردار جيئي سنڌ متحدا محاذ جو اڳواڻ سياستدان ۽ ھڪ بااخلاق مھراڻ يونيورسٽي جو شاگرد ٿي گذريو آھي جنھن کي به ھي ظالم رياست ايجنسين جا دلال ڄامشوري مان کنڀي گُم ڪري ڇڏيائون جنھن جي گواھي اھا ڪورٽ پڻ ڏيندي جنھن جي لاءِ ھو ان ڪورٽ ۾ ڪنھن ڪم سان ويل ھيو ۽ مٿس ايجنسين جا ڇاڙتا اچي کڻي گُم ڪري ڇڏيان ۽ اڄ ھو انھن جي تحويل ۾ ٽارچر سيلن جو ازيتون برداشت ڪري رھيو آھي ۽ مٿس اڄ ڪيترن ئي قسمن جو غير انساني تشدد ڪيو پيو وڃي جنھن سان گڏ يونيورسٽي جا دوست ۽ شاگر پڻ ھيا سيد محسن شاھ ۽ احسن ملاڻو انھن کي به ايجنسين جا غنڊا پنھنجي تحويل ۾ وٺي کنڀي گُم ڪري ڇڏيو اٿن !ـ ۽ بدين ضلعي جو پاڻ کي سنڌ جو سچو پُٽ سنڌين جو ھڏ ڏوکي سڏرائيندڙ اڄ ڪٿي گُم آھي ؟ ڪنھن به قسم جو بيان ڏيڻ کان اڄ ھن جي وات ۾ منگھڻ پيل آھن ڇو ؟ ڇو جو ھو ھڪ بزدل ۽ ايجنسين جي ٽڪرن تي پلجڻ وارو ھڪ خسيس سياستدان اقتدار جو بکيو ڪوڙو قُراني جيڪو ملير جي بلوچن جي ڪنڌ تي بندوق رکي ھلائڻ وارو بزدل جنھن کي شايد پنھنجي پاڙي جي به خبر نه ھوندي جنھن کي ايجنسين جي ھُشي مليل آھي ته تون سنڌي عوام کي بيوقوف بنائي ھٿ وٺيو ايجنسيون ڪراچي ۾ فساد ڪرائي ۽ مٿان ھڪ سنڌي جي ھٿان بيان بازيون ڏياريو عام سنڌي ماڻھن جي دلين ۾ پنھنجي سچي ھجڻ جا قراني قسم کڻدو ٿو وتي پر سندس ڳوٺ مان ھڪ نوجوان سرعام کنڀجي ويو ان تي وات مان ٻڻڪ به نه ڪڍيائين ڇو؟
۽ اھو پاڻ کي سنڌ جو سچو سپوت ۽ ڏھيسر سڏرائيندڙ ڪيڏھان ويس ڏھيسري ؟ ڇو بشير آريسر ھڪ شھر جي ناتي سندس وات مان ھن جي حمايت ۾ ڪو بيان ڪا اسٽيٽمينٽ ڏيڻ کان لنوائي رھيو آھي ؟ ان جو مين سبب اھو ئي آھي جو ھن جي حيثيت به فقط ايجنسين جي ھڪ ڪرائدار ۽  غلام وانگر آھي !ـ
ھي اقتدار جا بُکيا سياستدان ، پنجابين جا ڇاڙتا ايجنسين جي ھُشن تي بيان پريس ڪانفرنسون ڪندڙ صرف ۽ صرف سنڌي قوم جي اٻوجھ ماڻھن جي حوصلن انھن جي طاقت تي پنھنجيون بئنڪون ڀريندڙ سنڌي عوام  جو استعمال ڪري پنھنجي اقتدار کي چمڪائڻ لاءِ  کين ڌوڪو ڏئي رھيا آھن  ڪڏھن پاڪستان ڪارڊ جي طور سندن استعمال ته ڪڏھن وطن ڪارڊ جي آڙ ۾ کين پنڻ تي ھيرائي پنھنجو غلام بنائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آھن فقط ۽ ان لاءِ جو انھن جي مٿان سندن حُڪمراني ڪندڙ ابا ايجنسيون سنڌ جي عوام کي بُک بدحالي ،  ڏڪار جو شڪار ، تعمليم تباھي آڻي غلامي ۾ رکڻ گھري ٿي ۽ اھي پنجابي مستقل مفاد سنڌ جي معدني ذخيرن تي قابض رھڻ گھري ٿي سائين جي ايم سيد جو ھڪ قول آھي ته ” سنڌ کان سواءِ ھي مُلڪ پاڪستان قائم رھي نه سگھندو “  ڇو جو اسان جي سنڌ جيڪا صدين کان خوشحال ۽ معدني ذخيرن کان مالامال رھي آھي اڄ به سنڌ اندر چپي چپي ته ڪيتريون ئي تيل ڪمپنيون پنھنجين مشينرينز جي ذريعي سنڌ جي زمين مان تيل ، ۽ مختلف قسم جو گئسون ڪڍي ٻاھرين ملڪن ڏانھن موڪلي سنڌ جي ماڻھن کي بيروزگار بڻائي انھن کي فقط انھن وطن ڪارڊن ۽ پاڪستان ڪارڊن تي ھيرائي بيوقوف بنائي رھي آھي اوھان ڏسندوء ته ھر تيل ڪمپني ، گئس ڪمپني ۾ موجود مزدور طبقو جنھن ۾ 100 پرسنٽ مان 20 پرسنٽ سنڌي ملندا اوھان کي پر انھن ۾ 80 پرسنٽ پنجابي مھاجر مستقل مفاد ۽ پٺاڻ ملندا ڇو جو ھٿ وٺي اھو ماحول ٺاھيو ويو آھي ته کين ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان غلام بنائي سندن معدنيات تي قابض رھي سگھجي !ـ  ۽ اڄ جيڪي پنھنجي عوام پنھنجي ڌرتي لاءِ حَق گُھرن ٿا انھن کي يا ته سرعام شھيد ڪيو ٿو وڃي يا دھشتگرد ڪوٺائي جيلن  ۾ سالن جا سال بند ڪيو ٿو وڃي جنھن جو مثال ھڪ سياسي تنظيم ( جيئي سنڌ متحدا محاذ ) جا ڪارڪن آھن !ـ دادو ۾ اعجاز سولنگي کي سرعام پريس ڪلب ٻاھر گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو اھو به ڪنھن کان ڳجھو ناھي، ڪراچي ۾ جسمم جو باڪردار اڳواڻ شھيد ذوالفقار ڪولاچي کي گھر ۾ بم رکي شھيد ڪرايو ويو اھو واقعو به ڪنھن کان لڪل ناھي ، ۽ تازو ڪجھ مھينا اڳ سانگھڙ واقعو  ڪنھن کان ڳجھو ناھي، جنھن ۾ چار نوجوان بي دردي سان شھيد ڪيا ويا جن سان موجود ھڪ ڪارڪن شھيد نورالله تنيو جيڪو سرعام ميڊيا جي سامھو پنھنجي بيان ۾ ٻڌائي رھيو ھو  ته ” سرڪاري ڊبل ڪئبن گاڏين ۾ موجود سرڪار ھٿيارن سميت لانگ بوٽ پاتل اھلڪار مٿان بنا جواز جي انڌا ڌونڌھ فائرنگ ڪري ھليا ويا“ جنھن تي سنڌ جي سڄي عوام مٿان جھڙي ماڪ پئجي ويل ھجي ڇو اسان ھر دور ۾ ائين بي دردي سان ماريا ٿا وڃون؟ صرف ان لاءِ جو اسان پنھنجا حق ٿا گُھرون ؟ اسان ھن غلامي مان نڪرڻ پنھنجي آزاد خودمختيار رياست جي گُھر ٿا ڪيون ؟ اسان پنھنجي ايندڙ نسل جي خوشحالي جي ڳالھ ٿا ڪيون ؟ اڄ به انھي ساڳي تنظيم  جيئي سنڌ متحدا محاذ  جا ڪيترائي ڪارڪن اڳواڻ ٽارچر سيلن ۾ ازيتون برداشت ڪري رھيا آھن جنھن تان اسان جي سنڌي عوام خاموش پنھنجي مستي ۾ مگن آھي ڪنھن جي واتان ڪا ٻڻڪ به نٿي نڪري ڇو ؟ ڇا انھن جو اوھان وانگر خواھشيون نه ھونديون ؟ ڇا اھي به اوھان وانگر پنھنجي گھرن مائرن ڀينرن سان گڏ رھڻ جي خواھش نٿا رکن؟ جيڪي سنڌ جي خوشحالي ايندڙ نسل جي خوشحالي لاءِ انھي ساڳئي سن واري جي ايم  سيد جي نقش قدم تي ھلندي انھي ساڳئي سُقراط جيان سچ جي ذھر جو پيالو پيڻ جي خواھش خوشي سان قبولين ٿا، منصور جيان مُرڪندي سولي تي چڙھڻ جي خواھش ، شاھ عنايت شھيد جيان حق جي راھ تي پنھنجو سِر قربان ڪرائڻ جي خواھش ، مخدوم بلاول جيان پنھنجي حق جي راھ ۾ خوشي سان گھاڻي ۾ پيڙائڻ جي خواھش  ۽ ٻين سچ جي ساٿين ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان وفاداري نڀائيندي ھوشو ، ھيمون ،  دودو سومرو، مھاراجا ڏاھر، ھوشو شيدي،  بھگت سنگھ ، راج گرو، سکھ ديو ، چي گويرا، جيان پنھنجو ڳاٽ اوچو رکي جيئڻ جي خواھش ٿا رکن مگر ڪنھن به ظالم سامراج جي اڳيان جھڪڻ نٿا قبولين!ـ اڄ ڪيترن ئي مھينن کان وٺي سنڌ جا حلالي پُٽ رھبر جا سچا پيروڪار ڪيترن ئي مھينن کان گُم ھِن اسان جي عوام جيڪا ھينئر ھيٽرن ۽ سوڙن ۾ سُتل ننڊ جي گھري نشي ۾ يا ڪٿي عياشين ۾ مبتلا آھي انھي سُتل عوام کي اسين اپيل ٿا ڪيون ته خدارا جاڳو ھي سنڌ جا سپوت جيڪي ڪيترن ئي مھينن کان ٽارچر سيلن ۾ بند ڪيا ويا ھن تن جي سار لھو اھي اڄ پنھنجي مفادن خاطر نه پر سنڌي قوم جي مستقبل سنڌي قوم جي خوشحالي لاءِ ھن ظالم رياست جي ڪال ڪوٺڙين ۾ وڌا ويا آھن ۽ مٿن غير انساني تشدد ڪيو پيو وڃي اي نادان اٻوجھ سنڌي دوست نوجوان ڀائرو فقط ايترو سوچو ته سڀاڻي اسان جي پويان اسان جو نسل ھت رھندو ائين نه ٿئي جو اسان جو نسل اسان جي قبرن مٿان اچي اسان کي بُجا ھڻي ان مايوسي جو شڪار ھجي ته توھان اسان جي لاءِ اھو ڪري ويو آھيو سُڀاڻي ائين نه ٿئي جو ھي پنجابي ، پٺاڻ ۽ ھي لانگ بوٽ اسان مٿان مڪمل طور تي قابض ٿي وڃن ۽ اسان جو ايندڙ نسل انھن جا پادر کائيندو رھي  ۽ اسان پنھجيون عزتون به نه بچائي سگھون ان ڪري خدارا جاڳو سنڌي قوم پنھنجي تاريخ ۾ ڪڏھن به بزدل ناھي رھي ھمشيه پنھنجي ڌرتي لاءِ وڙھيا آھِن پنھنجي حقن جي لاءِ پنھجي عزتن غريتن جي لاءِ ۽ اڄ اھي ساڳيا جوڌھا وري جاڳيا آھن اوھان انھن جو ساٿ ڏيو ھڪ آواز ٿي اٿو ھن ظالم جابر جلادن جي خلاف موت جو عزرائيل بڻجي نڪرو ۽ پنھنجي ڌرتيءَ جي لڄ بچايو !ـ

Monday, 5 December 2011

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ ۾ مختلف جانورن، پکين ۽ جيتن جو ذڪر


am
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ ۾ مختلف جانورن، پکين ۽ جيتن جو ذڪر


از: فرحانه بلوچ
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سنڌ جو سدا حيات شاعر آهي، جنهن جي پوري شاعري مقصديت ۽ معنى سان ٽمٽار آهي، سندس هر بيت فلسفيانه ، عاشقانه ۽ عارفاڻه رنگ ۾ رچيل آهي. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن جي دال شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي اڳيان نٿي ڳري.
سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن شاهه عبداللطيف جو انقلابي دؤر نه اچي ها ته شايد سنڌي ادب جو ڏيئو ئي اُجهامي وڃي ها. پر شاهه جي ٻولي ۽ شاعري رنگ لاٿو ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويو. شاهه جو پورو ڪلام حق ۽ حقيقت جو آئينو آهي، انهيءَ حقيقت پسندي ۽ حق گوئي سنڌي ٻوليءَ کي سائو ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن شاهه جي دؤر ۾ ڳالهائيندڙ سنڌي ٻوليءَ تي نظر وجهبي ۽ پوءِ شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته وايون ولڙيون ٿيون وڃن، ته ڪيئن هڪ مقامي سطح تي موجود ٻوليءَ ۾ شاهه فصاحت ۽ بلاغت جو خزانو ميسر ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي سُرهاڻ وِلات واسَي ڇڏي آهي. اڃان به جيڪڏهن اسان ان املهه شاعريءَ مان معنى جا موتي هٿ نه ڪيا ته پوءِ اسان وٽ ڳچ ڳارڻ کان سواءِ ڪوبه چارو نه رهندو. شاهه جي شاعريءَ جا موضع ڏاڍا وسيع ۽ شاندار آهن، سُر ڪلياڻ ۾ رب جي ساراهه هُجي يا يمن ڪلياڻ ۾ رسول اڪرم ﷺ جي شان جو بيان ، ڪيڏاري ۾ امام حسين رضي الله جي قرباني جو ذڪر هجي، يا ڪربلا جو ميدان ، مينهن يا وسڪاري جي صورت ۾ سارنگ ۾ الله جي رحمت جو بيان هجي يا کنڀات ۾ محبوب جي جلوي جي تعريف، رامڪلي ۽ کاهوڙي ۾ جوڳين ۽ سنياسين جي ڪشالن جو ذڪرهجي، يا سسئي ۾ هڪ عورت جي جدوجهد جو بيان، مارئي جي وطن سان سڪ هجي يا نوريءَ جو نياز، مومل جي محبت جو بيان هجي يا لِيلا جو ليلائڻ هر رنگ ۾ شاهه ڪمال ڪري ويو آهي ۽ سڀني شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي.
اهي ته ڪي ٿورا رنگ آهن، جن جو ذڪر ڪيو اٿئون، ائين کڻي چئون ته خراڙ مان مُٺ ڀري اٿئون ان کان علاوه مختلف شيون جن ۾ بيجان ۽ جاندار اچي وڃن ٿيون، انهن کي پنهنجي شاعري ۾ آڻي اهي نقطا بيان ڪيا اٿس جو اسين پڙهون ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعريءَ ۾ مختلف پکين، جانور ۽ جيتن جو ذڪرآيو آهي. جن سُرن ۾ انهن جو ذڪر ملي ٿو انهن ۾ سُر رامڪلي، بلاول، پرڀاتي، ڪاپائتي، ڪارايل، ڏهر، کاهوڙي، يمن ڪلياڻ، پورب، برووسنڌي ۽ رپ شامل آهن. هتي اسين ڪجهه جانورن ۽ پکين جو ذڪر ڪريون ٿا، جن کي شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي.


اُٺ


اُٺ اهوجانور آهي جيڪو سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر واري علائقي ۾ تمام ڪارائتو آهي، هن ايڪيهن صدي جي دؤر ۾ ٿر جا ماڻهون اُٺ جي فائدن کي نظر انداز ڪري نٿا سگهن، شاهه جي شاعري ۾ اُٺ جو گهڻو ذڪر آهي ، خاص ڪري سُر سسئي، حسيني ، ڪوهياري ديسي ۽ سُر کنڀات ۾ سسئي جتي ڏيرن ۽ ڏونگرن جي ستايل آهي اُتي ڏاگهن يعني اُٺن جي به ڏُکايل آهي، جيئن لطيف سائين هڪ هنڌ چوي ٿو ته :


گهوڙن هنئين هرڪا، آءٌ اُٺن هنئي آهيان
(شاهه)


شاهه جي بيتن ۾ اُٺ لاءِ لفظ به گهڻا استعمال ۾ آيا آهن، جيئن موڏا، ڏاگها، روڏا، چانگا، نانگا، توڏا، ڪرها ۽ اُٺ وغيره هڪ شيءَ جي گهڻن نالن جو استعمال جتي اسان جي سنڌي ٻولي جي هنج سائِي هُئڻ ۽ سکي ستابي هئڻ جي نشاني آهي، اتي شاهه جو پنهنجي ٻولي تي ڪمال دسترس هُئڻ جو ثبوت پڻ آهي. سُر ديسي ۾ جتي سسئي پاڻ تي گُذرندڙ پِيڙاءُ ۽ پريشانين ۽ محبوب جي طرفان مليل جُدائين جو ذڪر ڪري ٿي، اُتي اها جُدائي آڻڻ ۾ اُٺن کي به گهڻي قدر ۽ قصور وارو سمجهي ٿي:


اڳي اُٺَ رَڙَنِ، مون ڀيري ماٺِ ٿِئي،
پَلاڻِيندي پاڻَ ۾ ڪُڇِيو ڪِين ڪُٺَنِ
ڪاجا مامَ مُٺَنِ ، هِنِ پڻ هُئي هُنَ سين!
(سُر ديسي)

ڏاگهن، ڏيرن، ڏونگرن، ڏُکن آئون ڏَڌِي،
پُڇان پير پُنهون جو وِجهان وک وَڌِي،
لِکِئي آئون لَڌِي، ناتَ پَٽَن ڪير پنڌُ ڪري!
(سُر ديسي)


سسئي فقط اُٺن کي پنهنجي ڏُکن جو باعث ڪانه ٿي سمجهي پر هن جي نظر ۾ سج، چنڊ، جبل ۽ ڏير به سندس دشمن آهن، جن سڀني گڏجي سسئي لاءِ سورن جو سڱرو تيار ڪيو آهي.


اُٺ ويري، اوٺار ويري،ويري ٿيئڙم ڏير،
چوٿون ويري واءُ ٿيو، جنهن لَٽيا پُنهون جا پير،
پنجون ويري سج ٿيو، جنهن اُلهي ڪئي اوير،
ڇهون ويري ڇپر ٿيو جنهن سنوان ڪيا نه سيرَ
ستون ويري، چنڊ ٿيو، کِڙيو نه وڏيءَ کيڙ،
واهري جِي ويرَ ، ڇُلُون ڪريان ڇَپَرين!!!!!!!
(سُر ديسي)


اُٺن جو ذڪر ڪوهياري ۾ به شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ڪيو آهي پر هڪ ئي بيت ۾ اُٺ کي الائي گهڻن نالن سان سڏي ويو آهي، جيئن:


اِجلِس ڪري اُٿيا، تنواريو توڏن،
نوم نوازينءَ اُن جي مرحبا موڏَنِ،
رڙهي، رسُ روڏَنِ، اَليَوم سِيرُوا، سَسُئي!


هن بيت کان پوءِ هڪ ٻيو بيت به آيو


مونکي ڇڏ مَ ڇَپَرين، هتِ هوتاڻِي! آڻ،
اوڏي مُنڌَ اُٺَنِ کي الله ڪارَڻِ آڻ،
پورهيوڪنديس پاڻ، اڳيان آريچن جي.
(سُر ڪوهياري)


سُر حُسيني ۾ وري سسئي چوي ٿي ته مونکي ڏُکن ئي پُنهون جو ڏس ڏنو آهي، سچو عشق اهو آهي جيڪو ڏُکن مان ٿو نڪري نه ته سسئي جي اندر ۾ ته سُور ڇوليون پيو هڻي، اُٺن سسئي کي رنجايو آهي، ۽ سسئي به ڏکويل آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اُٺن کي ياد به ڪري ٿي، جيئن هن بيت ۾ :


مون سڏيندي سڏڙا ساٿي سڏ نه ڏين،
وِلهيءَ جي وٿاڻ تي توڏَ نه تنوارين،
هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾!
(سُر حُسيني)

لڳم ٻاڻُ ٻروچ جو ڪَرَها ٿيا قَضاڪ،
اَهُکِي جا اُٺَن کي سامَيَن پوءِ مَ ماڪَ
اکڙين خوراڪ، پَسَڻُ پَر ڏيهِيُنِ جو!
(سُر حُسيني)


سُر کنڀات ۾ شاهه لطيف اُٺ کي هڪ سچي عاشق جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي، جيڪو محبت جي ميدان ۾ پنهنجي سر جو سانگو به نٿو ڪري ۽ نه ئي گاهه ٿو چري نه ئي پنهنجي وڳ ۾ وڃي ٿو:


اُٺُ نه وڃي وَڳَ سين چَري نه چانگو،
لڳيسِ نائُڪَ نِينهَن جِي، نِهوڙِيو نانگو،
ڇَڏي سِرَ سانگو، رڙهي رَندِ پِرين جي.
(سُر کنڀات)
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنهنجي ڪَرهي،
وَلِيُون واسَ وَرِنُيون،پَهرِيُون مٿي پَٽَ،
چانگي چَٽِي چَٽَ، ته پوءِ نه رهندو، پَئدَ ري!
(سُر کنڀات)

چانگا! چَندنَ نه چَرِين مَيا! پِيئن نه موڪَ.
اگر اوڏو نه وَڃين، ٿُڪيو ڇَڏِئين ٿوڪَ،
لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪَهڙي اکرِ آئڙي!؟
(سُر کنڀات)


واڳون!


واڳون يا مگر مڇ اهڙو جانور آهي جيڪو پاڻي ۾ رهي يا پاڻي کان ٻاهر ڪنهن معصوم تي حملو ڪرڻ لاءِ مانڌو هوندو آهي، انهن جي وات ۾ پوڻ کان پوءِ پورو انسان هڪ گرهه بڻجيو وڃي. شاهه صاحب جي شاعري ۾ واڳون جهڙي جانور مان گهڻا سبق سکڻ لاءِ ٿا ملن، واڳون لاءِ مختلف نالا شاهه صاحب جي شاعري ۾ آيا آهن، جيئن مڇ، واڳون، ميڪر، باڳو وغيره.
سڀ کان وڌيڪ واڳن جا ستايل گهاتو آهن، ان کانپوءِ سُهڻي، جنهن لاءِ هڪ بيت ۾ آيل آهي ته :


مِڙياِ مَڇَ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي!!!.


جڏهن سُهڻي ڪچو گهڙو ڪڇ ۾ هڻي محبوب جي محبت ۾ وهندڙ سير ۾ هلي ٿي اُن وقت سندس ڪيفيت شاهه لطيف هن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:


دَهشَتَ دَمَّ دَرِياههَ ۾ جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَدِ ”باڳو“ بَحَرَ ۾ هيبتناڪ هزار،َ
ساريان ڪانه سَرِيرَ ۾، طاقت توهان ڌارَ
ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگهو رسج سِيرَ ۾ !
(سُر سُهڻي)


سُر گهاتو ته آهي ئي سموري مورڙي جي ڪوشش ۽ سندس ڀائرن جي بيدردانه قتل جو داستان، واڳون جي بيرحمي جو ذڪر، شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ اهڙي ته سٺي طريقي سان ڪيو آهي جو سمورو داستان انهن بيتن مان جهاتيون پائيندي نظر اچي ٿو، جيئين ته :



جيئن جُهڳا پائيين جهولَ ۾ ائين نه مَرَن ”مَڇَّ“
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱيُون رَڇَّ،
هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاههُ آڳاهُون ٿِيو!!
(سُر گهاتو)

گهورِيندي گهورِ پِيا اگهور گهورِيائُون،
”مَيڪرُ“ مارِيائُون، مَلاحَن مُنهَن سَنَرا!
(سُر گهاتو)


سُر ڏهر ۾ شاهه لطيف گهڻن موضوعن تي شاعري ڪئي آهي ، چون ٿا ته هن سُر ۾ اُهي بيت رکيا ويا آهي جيڪي ڏهر مان لنگهندي شاهه صاحب کي خيال ۾ آيا آهن، ڏهر چئبو آهي ٿر۾ ٻن ڀِٽن جي وچ ۾ ڏاڍي مٽي واري سڌي ميدان کي، هن سُر ۾ شاهه سائين جتي ڪنڊن، جوڌن،ڍورن ۽ الله جي نيڪ مردن جو ذڪر ڪيو آهي، اُتي مڇ جي فخر۽ غرور جو بيان به آيل آهي. ته اي مڇ جڏهن واهڙ پاڻي جام هو، تڏهن تون نه موٽئين هاڻي بس پنهنجي ئي ملاحن جون مهميزون سهه، ٿلهو ٿي، پنهنجي طاقت جي زور تي دٻائين ٿو، تُنهنجي اها طاقت ختم ٿيڻ واري آهي.


مَتو آهين ”مَڇَّ“! ٿُلهو ٿو ٿُونا هَڻِين،
جا تو ڏِٺِي اَڇَّ، تنهن پاڻِيءَ پُنا ڏينهڙا!
(سُر ڏهر)

جان جَرُ هُئڙو سِيرَ، تان تُون ”مَڇَّ“! نه موٽئين،
آڏا اَڏي ڪِيرَ، گَهٽَ به جَهليَءِ گهاتُئين!!!!
(سُر ڏهر)

جان جَرُ هُئَڙو جَالَ، تان تُون ”مَڇَّ“! نه موٽيئن،
پَوَندِيءِ اَڄ ڪِ ڪَالَ سانڀويُون سانگِنِ جُون.!
(سُر ڏهر)


”نانگ“



شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ نانگ کي نهايت خطرناڪ جانور ڪري سڏيو آهي ۽ انسان کي اُن کان بچڻ جي تاڪيد به ڪئي اٿس، ان کي اهڙو خطرناڪ ڪري سڏيو آهي جو فرمائي ٿو ته شال ڌڻي ان جي بچڻ کان به بچائي جو ان جو زهر اهڙو قاتل آهي جو هاٿي جهڙي جانور کي به ڪيرائي وجهي، مور کي به نپوڙيو ڇڏي، ڀلي سندس مُنهن ملائڪن جهڙو هُجي پر ڏنگ اهڙو بڇڙو آهيس جو جنهن کي لڳو سو ڇُٽو. شاهه صاحب نانگ جهڙي جانور کي مختلف نالن سان سڏيو آهي: جيئن ته ”سپ“، ”کپر“، ”واسينگ“ وغيره.:



پهرين ڪاري ”نانگَ“ جِي ڪو ڇِرڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري،
هي هَڻي ڏَنگ ڏسائيو. ته ويجهو تان نه وَري،
جيڪي ٽَپِ مَري.جيڪي سِڪي صِحَتَ کي!!!
(سُر ڪارايل)

”کَپُرَ ! گاروڙِيُنِ سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ،
”نانگَ“ ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ،
هِيءُ تنين جو ڊيرُ. جن جهونا ڳڙههُ جلائيو!!
(سُرڪارايل)

سَنها ڀانءِ مَ ”سَپَ“ وياءَ ” واسينگن“ جا،
جَنِين جي جَهڙَپَ، هاٿي هندان کي نه چُري!
(سُرڪارايل)

محبت جي ميدان ۾ سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ،
سورِيءَ سُپرِين جي ، چڙهه ته ٿئين چانگ،
عشق آهي ” نانگ“ خبر کاڌن کي پوي!!
(سُر يمن ڪلياڻ)

وڏا وَڻَ وَڻِڪارِ جا جِتِ ” نانگ“ سُڄَنِ نيلا،
اُتي عبداللطيف ڪيا، هيڪِلِيُنِ حِيلا،
جِتِ ڪُڙِمَ نه قبيلا اُت رَسج رَهبَر! راهَ ۾
(سُر آبري)

کَرَ کي کَپُرُ کاءِ ” نانگ“ مَڻيارو نڪري،
اُڀو جو اوناءِ سُرِ پُرِ سَندِي سَڄَڻين!!!
(سُر آسا)


”ڪُونجَ“


پکين ۾ سڀ کان حسين پکي ڪونج کي سمجهيو ويندو آهي، پر ڪونج هميشهه شڪارين جي اک ۾ کٽڪندڙ ڪنڊو هوندي آهي. هميشهه شڪاري ڪونج جي شڪار لاءِ آتو هوندو آهي. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي ڪونج جي سونهن جي ساراهه ڪئي آهي، اُتي ڪونجن لاءِ وڏي درد جو اظهار به ڪيو آهي، ڇو ته جيڪا ڪونج وڳر کان ڌار ٿي وئي آهي سا پنهنجن کي ياد ڪري روئي رڙي ٿي. اُن ڪري شاهه صاحب ان کي هوشيار ٿو ڪري ته ان ڄار کي سمجهه جيڪو ماري(شڪاري) تنهنجي لاءِ وڇايو آهي ، جيئن شاهه سائين هنن بيتن ۾ فرمائي ٿو ته:



”ڪُونجَ“ !نه پسين ڪَکَ، ڍَٻُ جنهن سين ڍَٻِيو،
مارِيءَ ماري لَکَ، وَڳَرَ هَڻِي ويڇُون ڪيا !
(سُر ڏهر)

”ڪُونجَڙِيءَ“ ڪالهه لَنئِي، سَڄَڻَ وِڌَ مِ چِتِ،
آءٌ جنين رِيءَ هِتِ گهنگهرَ گهارِيان ڏينهڙا!
(سُر ڏهر)


ڀٽائي وري ڪونج کي سندس ساٿين جي ساروڻين ۾ گُم ڪندي انهن جي محبت ياد ڏياري ٿو. اي ڪونجڙي، تنهنجا پنهنجا توکي ڏاڍو پيا سارين تون انهن کان سواءِ هتي رهي ڇا ڪندينءَ؟ ان ڦاهي کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪر جيڪا شڪاري تنهنجي لاءِ کنيو بيٺا آهن، اُهي شڪاري معصوم پکين جي دل ٽوڙڻ ۾ دير ئي ڪونه ڪن ائين نه ٿئي جو تنهنجا پنهنجا ڪلهي ڪانڌي به نه ٿين.


وڳر ۾ وائي ڪالهه تنهنجي ڪونجڙي،
سر ۾ سارينئي گهڻو ڀينر ۽ ڀائي،
پسين نه ڦاهي، جا مارِيءَ سندي من ۾!
(سُر ڏهر)

وَڳَرَ وِيا وَهِي ڪالهه تُنهنجا ”ڪُونجَڙِي“!
ڪَندِينءَ ڪَوهُ رهي، سَر ۾ سُپيريُنِ ري؟
(سُر ڏهر)


”ڪانگ“


ڪانگ کي پرين ڏانهن نياپو کڻي ويندڙ پکي چيو ويو آهي، جيڪو قديم زماني کان پرين ڏانهن محبت جا سنيها، سلام ۽ نياز پهچائيندو آهي، شاهه صاحب جي سُر پُورب جو پهريون داستان ته آهي ئي ڪانگل جي ذڪر سان ڀرپور، شاهه صاحب ڪانگ کي دوست جو درٻاري ڪري ڪوٺيو آهي ۽ کيس اُڏامي پرديس مان پرين جي خبر کڻي اچڻ جو ڪم ٿو ڏسي:



ڪري ”ڪانگَ“! ڪُرِنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ،
آءٌ جو ڏِيَنِئي سنيهو، وِچَ مَ وِساريجِ،
الله لَڳِ لطيف چئي ڳُجهو ڳالِهائِيجِ،
چُئان تيئن چَئيجِ ته کِنياتا! خوش هُئين!
(سُر پُورب)


آءُ اُڏامِي ”ڪانگڙا“! پارانڀانِ پَچارِ،
ويهي هِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِرُ تَنوارِ
جي ڏسڻ ۾ ڏيسارِ سي اُڏامي آڻِ پِرِين!!
(سُر پُورب)

وَهِلو وَرُ وَرِيا پِرِين، آءُ ”ڪانگا“ لَنئُن لاتِ،
ويا جي قَلات، سي اُڏامي آڻِ پِرِين!!
(سُر پُورب)


سُر سُهڻي ۾ به شاهه صاحب ڪانگ جو ذڪر، ڪري ويو آهي ته جڏهن ڪانگ وڃي وڻن تي سُتا آهن ۽ سانجهي جو وقت ٿي ويو آهي، اُن وقت سُهڻي گهڙو کڻي درياءَ ۾ لهي ٿي.


وَڻَنِ ويٺا ”ڪانگَ“ وِچِين ٿِي ويلا ڪَري،
گِهڙي گَهڙو هَٿِ ڪَري،سُڻي سانجهي ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ جِتي ساهَڙُ سُپِرِين!!
(سُر سُهڻي)


مومل راڻي ۾ وري مومل راڻي جي تات ۾ ڪاڪ جا ڪانگ پئي اُڏائي ۽ پنهنجي پرين کي جلد موٽي اچڻ لاءِ پئي منٿون ڪري:


شَمعَ ٻاريندي شَبَ پِرههَ باکُون ڪَڍيُون،
موٽُ مَران ٿي مينڌرا! راڻا! ڪارَڻ رَبَ،
تُنهنجيءَ تاتِ طَلَبَ، ”ڪانگَ“ اُڏايم ڪاڪَ جا!
(سُر مومل راڻو)


”پتنگ“


جتي عشق جو ذڪر اچي ته هڪ ننڍڙو جيت پر تمام وڏو عاشق پتنگ جي روپ ۾ نظر اچي ٿو، جنهن جي عشق ۽ اُن جي سچائي کي شاهه صاحب ڏاڍي محبت سان پيش ڪيو آهي، سُر ڪيڏارو ئي هڪ اهڙو سُر آهي جنهن ۾ امام حُسين رضي الله جي شهادت ۽ سندن اهلبيتن جي قربانين جو ذڪر لطيف سائين ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي، اُن سُرَ ۾ ” پتنگ“ کي شاهه سائين هڪ سچي عاشق جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.


ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾ هيءِ حَسَنُ هو،
ڀيڙو ڀيڙو پنهنجي ڀاءُ سِين ”پَتنگَ“ جيئن پيو،
آهي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري هَلان ميرُ حُسينَ تان!!
(سُر ڪيڏارو)

حُرُ هَلِي آئيو، مانجهي مردانو،
آهيان عاشق آڳ جو ” پتنگ“ پروانو،
مانَ راضي ٿِئي، رَسُولُ رَبَ جو نبي تو نانو،
هِيءُ سِرُ سمانو، گهوٽ! مٿان ئي گهوريان!!
(سُر ڪيڏارو)


سُر يمن ڪلياڻ ۾ ٽيون داستان ته آهي ئي پتنگن ۽ انهن جي عشق جو ذڪر، ڇو ته شاهه صاحب جي نظر ۾ پچڻ جي سُڌ ته آهي ئي پتنگن کي ، عاشق سچو اهو جيڪو مچ ڏسي پويان نه هٽي پر پتنگ وانگر مچ ۾ ٽُپي پوي، باهه ته سڀ شيءَ کي ئي ساڙي پر ڳالهه ته تڏهن آهي جڏهن ڪير باهه کي ساڙي ڏيکاري ، انهيءَ عشق الاهي جي باهه ۾ ٽُپندڙ انهن پتنگن يا عاشقن تي شاهه ڀٽائي کوڙ سارا بيت چيا آهن:


پُڇُ پَتَنگن کي ، سنديُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻيو وجهن آڳ ۾ جِيءُ پنهنجو جِي،
جيئري جنين جي، لڳا نيزا نينهن جا!
(سُر يمن ڪلياڻ)

”پتنگن“ پَههُ ڪيو مِڙِيا مٿي مَچَ،
پَسِي لَهسَ نه لُڇيا سَڙيا مٿي سَچَ،
سندا ڳچين ڳَچَ ويچارن وڃايا!
(سُر يمن ڪلياڻ)

”پتنگ“ چائين پاڻ کي پسي مَچُ مَ موٽُ،
سُهائي سُپرين جي گِهڙُ ته ٿِئين گهوٽُ،
اَڃا تون آروٽُ کُورِيءَ خبر نه لَهين!!
(سُر يمن ڪلياڻ)


”هنج پکي“


هنج پکي جتي حسين آهي اُتي اخلاقن جو به سهڻو آهي، شاهه صاحب سُر ڪارايل ۾ هنج جي حُسن ۽ خصلتن تي گهڻا بيت چيا آهين، شاهه جي نظر ۾ هنج پکي اُهي سُهڻا انسان آهن جيڪي هن دنيا ۾ رهندي به ڍُونڍ کي ويجها نٿا وڃن، هُو هميشهه حق ۽ سچ جا موتي تلاش ڪندا رهن ٿا، پر هاڻي هنج پکي وانگر اُهي به دنيا مان گهڻا ختم ٿي چُڪا آهن، هنج مڙيو ئي هنج آهي جنهن سَرَ ۾ رهن سو سَرِ ئي سائو ڪري ڇڏين. شاهه سائين جي سُر ڪارايل جي پهرين ۽ ٻي داستان ۾ جيڪي بيت ملن ٿا سي هنج پکي سان سندس قرب ۽ محبت جا اولڙا آهن:



آءُ اُڏامي ”هَنجَڙا“! سَرَ ۾ سارينئي،
متان مارينئي، پاڙِهيري پَههُ ڪري!
(سُر ڪارايل)

”هَنجَنِ“ سِين هيڪارَ جي ڳڻ ڪري نهارئين،
ٻگهن ساڻ ٻيهارَ ٻيلَهه نه ٻَڌِين ڪَڏهِين!!
(سُر ڪارايل)


ٻَگَهنِ سين پاڻُ هَڻِي اُڏاڻو آڪاسِ،
جِتي پِرِين سَنداسِ سو سُر مَڻي ”هَنجَڙو“!
(سُر ڪارايل)

سو پکي، سو پڃرو،سو سَرُ سوئي ”هَنجُ“،
پيهي جان پرُوڙِيو، مون پانهنجو مَنجُهه،
ڏِيل جنهن جو ڏنجُهه سو مارِي ٿو مَنجهه ڦِري!
(سُر ڪارايل)


”مور“


پکين ۾ مور هڪ نهايت منفرد ۽ سڀني کان الڳ حُسن رکي ٿو. جتي ٻين شاعرن مور کي ڳايو آهي، اُتي شاهه صاحب مور جي گُڻن جي ساراهه ڪري ويوآهي، سُهڻي صورت ۽ سيرت واري انسان کي شاهه صاحب مور سڏيو آهي. ڪارايل جي معنى آهي ” مور يا هنج“ سُر ڪارايل ۾ ڀٽائي هنج سان گڏو گڏ مور کي به ساراهي ٿو.


ويا ”مورَ“ مَري، هنج نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري ڪُوڙن ڪانيَرَن جو!
(سُر ڪارايل)

ڪنهن ڪنهن ڪاريءَ ذاتِ کي ”مور“ به مَٽائِينِ،
جي چَتُرا چَکِيا، ڪَري، ته وڳ وَرائي ڏِينِ،
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي مٺينِ ڀانئي موٽِيا!!
(سُر ڪارايل)



”باز“


باز هڪ هوشيار ۽ تيز پکي آهي، شاهه لطيف” باز“ جي هوشياري ۽ چُستيءَ کي سسئي جي سُر ديسي ۾ ائين بيان ڪيو آهي ته پنهون جا ڀائر پُنهون کي” باز“ وانگر چنبو هڻي کنڀي ويا، سسئي غفلت جي ننڊ مان اُٿي ته سندس دنيا ويران ٿي چُڪي هُئي ۽ پوءِ هو هٿ مهٽيندي رهي وڃي ٿي:


مِزِمَانَنِ مَهرِي ، آڻيا، جهوڪِيا جهوڪَ ۾،
چاٽي چَنبَنِ ۾ ويا، جيئن ”بازَ“ سَٽي بَحري،
ڪوهيارو، قَهِرِي ويو نِهوڙي ننڊَ ۾!
(سُر ديسي)



”ڪوئل“


ڪوئل جي ڪُوڪَ کي مِينهن جي آمد سمجهيو ويندو آهي، جڏهن سندس مٺڙو آواز ڪنن تي پوي ٿو مٺاڻ محسوس ٿئي ٿي، ان وقت دل مان اُها ئي صدا نڪري ٿي، شال اهڙي مٺي آواز کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي!. سُر معذوري ۾ لطيف سائين سسئي جي فرياد کي ڪوئل جي ڪُوڪَ ٿو سمجهي:


رُڃُن ۾ رَڙِ ٿي، ڪَر ”ڪو وَلَ“ جي ڪُوڪَ،
وَلَولَو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آهِ عشق جِي!!
(سُر معذوري)