Monday, 9 January 2012

(صوفي صادق فقير)


ميرانپور جا مڱتا
مصنف؛ داد سنڌي
ميرانپور جا مڱتا، ڏسين جي ڏيو،
سنواري سون ڪري، سڀوئي ستو،
جاسين تان جيو، ته رڙهو انهيءَ راهه تي.
(صوفي صادق فقير)
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ميرانپور جهوڪ شريف کي هڪ الڳ فضليت حاصل آهي. هن خطي جن کي رڱي ڇڏيو، سي هميشه لاءِ لال ٿي ويا. سائين شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت سندس عظمت کي ته زنده جاويد بنائي ڇڏيو، پر سنڌي شاعريءَ ۾ به نئون جوش ۽ نئون موڙ آندو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جهوڪ جي صاحبن ۾ ميرانپور جي مڱتن جي هڪ زرين ۽ رنگين باب آهي. ميرانپور جي مڪتب مان جيڪي شاگرد پيدا ٿيا، تن نه رڳو تصوف ۾ انفرادي مقام حاصل ڪيو، بلڪه سنڌي شاعريءَ ۾ نئون روح ڦوڪي، جنت ۽ رعنائي پيدا ڪري، کيس لازوال حيثيت بخشي، هن مڪتب جا وڏا نمائندا سائين صوفي رکيل شاهه، صوفي صادق فقير، روحل بيدل ۽ سير مصري شاهه جهڙا مايه ناز شاعر هئا، جن جي نغمن ۾ هن مڪتب جي نمايان خصوصيت، وحدت الوجود جي فلسفي جي تشريح ۽ توضيع سان گڏ، محبت ۽ سرمستيءَ جا اهي جذبا به ڪثرت سان موجود آهن. جيڪي سنڌ جي سرزمين جي امتيازي پيغام سمجهيا وڃن ٿا، هي اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اهي اعلي هستيون آهن. جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳمڳ ڪري رهيو آهي.
حضرت شاهه شهيد رح پنهنجي زماني جو زبردست صوفي، شاعر، انقلابي ۽ انسان دوست هو، جنهن اها مَڌ پنهنجي مريدن کي به پياري ڇڏي. جيتوڻيڪ شاعر هجڻ بابت عالمن ۾ اختلاف آهي، پر سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جا ڪي شعر سندس نالي منسوب ڪيا ويا آهن ۽ سنڌي جي سڀني وڏن صوفين جيان سندس شاعر هجڻ لاءِ قوي سبب آهن. تنهن کان سواءِ سنڌي ادب ۾ سندس درجو هن ڪري به ممتاز مڃيو ويندو جو سندس مڪتب مان فيضياب ٿيل اڪثر شخصيتون، سنڌي شاعريءَ جي تمام مٿانهين مرتبي تي شمار ٿين ٿيون. هيٺ اسين ميرانپور جي انهن مکيه مڱتن جو ذڪر خير ڪريون ٿا، جيڪي شاهه جي درگاهه جي پانڌئيڙن پاڻ کي عقيدت ۽ محبت وچان مڱڻو ۽ مڱتو بندو ۽ غلام، ڀٽ ۽ ڀان سڏيو آهي، انهيءَ ڪري اسان کين ” ميرانپور جا مڱتا“ لکيو آهي.
سيد رکيل شاهه
سائين رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه، فتحپور لڳ گنداواهه ۾ ، 1262 ڌاري پيدا ٿيا. سندس اصل وڏا شيراز جا ويٺل هئا ۽ ٻارهين صديءَ ۾ هجرت ڪري، سنڌ ۾ گنداواهه ۽ ٺٽي طرف اچي رهيا. گنداواهه ۾ کين جاگيرون مليون. سندس خاندان مان ميان عبدالنبي شاهه وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. جنهن کي ” سوا ڪسيري وارو پير“ چوندا آهن. هن جو روضو فتحپور ۾ آهي، سيد رکيل شاهه عبدالنبي شاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. رکيل شاهه وڏي ڀاءُ جي ڏاڍي خدمت ڪئي، انهيءَ ڪري هن کيس دعا ڪئي ۽ ڏس ڏنو ته اوهان جي ميرانپور ۾ امانت رکيل آهي، اتان جا وڃي طالب ٿيو. ان وقت ميرانپور ۾ حضرت صوفي عبدالستار سائين سجاده نشين هو، رکيل شاهه به سندن مريد ٿيو ۽ ذڪر فڪر حاصل ڪري فتحپور ۾ اچي رهيو ۽ فيض عام شروع ڪيائين. پاڻ ستانوي ورهين جي ڄمار ۾ سن 1359 هجري 7 ربيع الثاني تي وفات ڪيائين.
سائين رکيل شاهه قرآن شريف پڙهيل هو ۽ عربي، فارسي چڱي طرح ڄاڻندو هو. رکيل شاهه سنڌيءَ ۽ سرائيڪي جو زبردست شاعر هو. سندس ڪلام سلوڻو، سادو ۽ تصوف جو آئينه دار آهي. سندس ڪلام ۾ 750 ڪافيون، 300 ڏوهيڙا ۽ ٻه سه حرفيون آهن. سندس ڪلام بحرالعشق نالي ڇپيل آهي. هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو.
اکيون عاشقن جون، شرم ڀريون شاهي،
پسڻ سان ئي پاڪ ٿيون، آين آزل آگاهي،
سدائين ستر پوش ۾، تن جو واحد ٿيو واهي،
اها چاڙهي لاهي، ”رکيل“ سي سمجهي ويون.
(صوفي رکيل شاهه)
صوفي ”صادق“ فقير
صوفي صادق فقير جا وڏا اصل ۾ ڪڇ جا رهاڪو هئا. سندس والدين محمد سومرو ڀاڳيو ۽ مالدار هو، جيڪو پوءِ لڏي ڳوٺ ڍوڍاري (تعلقي مٺي) ۾ اچي رهيو. فقير صاحب 1170 هه مطابق 1756ع ۾ ڄائو. سندن نالو محمد صديق هو. جڏهن پنجويهن سالن جو ٿيو، تڏهن سندس ملاقات اوچتو ميرانپور جي سجاده نشين، حضرت صوفي فضل الله شاهه عرف شاهه قلندر سان ٿي، جنهن جي نظر سان رچي لعل ٿي پيو. مرشد جي صحبت ۾ پورا ٽيهه سال رهيو ۽ اهو عرصو گمناميءَ ۾ گذاريائين چلا ڪڍيائين، رياضتون ڪيائين ۽ معرفت جي منزل ماڻيائين. نيٺ، مرشد جي اجازت سان، پنهنجي ڳوٺ ڍوڍاري ۾ اچي رهيو، جتي مريديءَ جو سلسلو شروع ڪيائين. صادق فقير جي پنهنجي مرشد سان بي پناهه محبت هئي. هڪ جاءِ تي چوي ٿو؛
صورت ڀانيم شيخ کي، معني مڙيوئي،
ٿيو ثابت سڀوئي، حق حقيقت جنهن کان.
چون ٿا ته هڪ ڀيري ڪنهن حضرت شاهه قلندر کي چيو ته، سائين اوهان به ڪجهه ڪلام چئو. پاڻ جواب ۾ فرمايائون ته ابا، اسان جو زنده رسالو، صوفي صادق فقير اوهان جي اڳيان موجود آهي. صوفي رحه جي مقام سنڌي ادب ۾ ارفع ۽ اعلي آهي. ميرانپور جي مڪتب جي هي هڪ شاعر ئي لک لهي. هن جي ڪلام ۾ شاهه عنايت شهيد جي قول ۽ عمل جي تشريح آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي رعنائي سان گڏ جدت، ندرت آهي. سنڌ جي مشهور اهل قلم مولانا گرامي صاحب جا هيٺيان لفظ صوفي صادق جي شاعراڻي شخصيت کي نمايان ڪن ٿا.
صوفي ” صادق فقير“ طريقت جي سلسلي موجب، سنڌ جي مشهور بزرگن، جهوڪ وارن صاحبن جو مريد صادق آهي ۽ تصوف ۾ وحدت الوجود جي نظريي جو شارح آهي. سندس پيغام ۾ وحدت ۽ انسانيت، محبت ۽ برادري، اخوت ۽ مساوات جو وسيع نسب العين موجود آهي. هڪ صوفي ۽ لاڪوفي هئڻ جي حيثيت سان، صوفي صادق فقير جو ڪلام سنڌ جي صوفي شاعرن پڻ ممتاز حيثيت رکي ٿو. اهڙي ريت سوز ۽ گداز، ناز ۽ نياز، جمال ۽ جلال جي وجدار ڪيفيتن جي پالوٽ صوفي صاحب جي فن ۽ ڪلام کي سه آتبشه ڪري ڇڏيو آهي. فقير صاحب جو فن، ڪلاسيڪي فن جو تعريف جي لائق شاهڪار چئي سگهجي ٿو. فقير صاحب بيت ۽ وائي جي وسيع دامن کي پنهنجن فني شهپارن سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي.
(سماهي مهراڻ، 2 ، 1961ع ص 243)
صوفي صادق جي ڪلام جا ٻه نسخا، ”درد نامو“ ۽ ” ارشاد نامو“ مشهور آهن. تازو محترم سراج محمد پليءَ سندس ڪلام کي ڪَٺو ڪري شايع ڪيو آهي. جنهن موجب صوفي صاحب جي ڪلام جو وچور هن ريت آهي 232 بيت، 84 وايون، صوفي صادق فقير اسان جي ادب جو چمڪندڙ ستارو آهي. سندس هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو؛
ميڙي ميڙي مال، سُڃا ويا ”صادق“ چئي،
ڏس ڀلي جا ڀال، ڪِين ڏنائين ڪڇ ۾.
(صوفي صادق فقير)
بيدل فقير
روهڙيءَ جو مشهور شاعر، فقير قادر بخش بيدل 1230هه مطابق 1814ع ۾ ڄائو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ ظاهري علم جي تحصيل ڪيائين. روحاني فيض پرائڻ لاءِ قلندر شبهاز تي ويو. اتان موٽڻ بعد، مير صوفي جان الله شاهه جو مريد ٿيو، جنهن جي طريقت جو سلسلو شاهه صوفي عنايت شهيد سان ملي ٿو.
بيدل فقير سنڌ جو عظيم شاعر، وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو آهي. سندس علم ۽ فضل سندس تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو. جن جو انگ ٽيهه کان مٿي آهي. جيڪي فارسي نثر ۽ نظم، عربي مقولن ۽ نظم، سنڌي سرائيڪي ۽ هندي شعر تي مشتمل آهن، فارسيءَ ۾ سندن ٻه ٽي ديوان آهن. بيدل جي ڪلام ۾ هر هنڌ تصوف ۽ وحدت الوجود جي اپٽار آهي. سندس ڪلام ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. بيدل سنڌي ڪافيءَ کي نئين اسلوب ۾ پيش ڪيو. هتي هڪ ڪافي جي ٽي بند ڏجن ٿا. جيڪا ڏيڍي آهي ۽ ٿل ٿورڙن بندن ۾ ٻٽو قافيو آندل آهي؛
ڪانگ لنوي مٺي لات، محبت مسافر ڄاڻ ڪي ايندا،
ايندا جوُءِ ۾ جانب جائي، وائي جنين جي اٿم وات،
دوست دلاسو دل ڏيندا، بيدل بلڪل ٿي نه ماندو،
سمجهه صبح ڪي رات، هوت اچي توسان هڪ ٿيندا.
(صوفي بيدل فقير)
روحل فقير
روحل الله عرف ” روحل“ فقير زنگيجو قبيلي جو هو. 1733ع ۾، ٿر ۾ ڄائو. عربي ۽ فارسي تعليم سان گڏ هندي تعليم به ورتائين. جوانيءَ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ سڀ لاڳاپا لاهي، ميرانپور هليو ويو، جتي صوفي شاهه عزت الله جو مريد ٿيو ۽ ٽيهه سال مٽيون ڀريندي گذاريائون. نيٺ مرشد کيس اجازت ڏني ۽ چيائنس ته اسان تنهنجي رهڻ جي جاءِ اها مقرر ڪريون ٿا. جتي توکي پاڻ مرادو روڪ ٿئي. روحل اتان هليو نيٺ ڪنڊي ۾ پلاند اٽڪڻ سان اتي رهي پيو. ۽ انهيءَ جاءِ جو نالو ڪنڊڙي پئجي ويو.
روحل سنڌ جو عظيم شاعر آهي، سندس ڪلام سرائيڪي ۽ سنڌي کانسواءِ هندي ۾ به آهي. سندس بيتن، واين، ڪافين ۽ سه حرفين تي مشتمل آهي. هندي ۾ سندس من پرٻوڌ، گدينت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ آگم وارتا مشهور تصنيفون آهن.
روحل جو ڪلام سادو ۽ سليس آهي. ڪٿي عربي ۽ فارسي اصطلاحن سان گڏ هندي لفظ به استعمال ڪيا اٿس. سندس ڪلام ۾ توصف جي باريڪ نگاهي آهي ۽ منجهس هم اوست، وحدت ۽ ڪثرت جا مسئلا نظر اچن ٿا. سندس ڪلام جو مجموعو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي.
ٽٻي ڏيئي پاڻ ۾، پسان جان پيئي،
نڪو ملڪ، نڪا خلق، نڪي اسيئي،
اسين ڳوليون جن کي، سي پاڻ اسيئي،
ٻي وائي ويئي، روحل هونگ پرين جي هڪڙي.
(صوفي روحل فقير)
مصري شاهه
سيد مصري شاهه 1828ع ۾ ڄائو. هو سيد قادر شاهه جو پوٽو ۽ سيد بلند شاهه جو پٽ هو. ننڍپڻ ۾ قرآن شريف ۽ فارسي جي تعليم ورتائين. والد ننڍپڻ ۾ ئي مري ويس، تنهنڪري فتح محمد شاهه جي سنڀال هيٺ رهيو.
سيد مصري شاهه سنڌ جي ڪافي گو شاعرن ۾ بلند مقام رکي ٿو. شاهه کان پوءِ ڪافيءَ جو ٻيو دور هن تي پورو ٿئي ٿو. سيد مصري شاهه ڪافين ۾ هيئت جي لحاظ کان سهڻا تجربا ڪيا آهن. ڪافيءَ کان سواءِ غزل مثلت، قصيدا، بيت، منقبت ۽ مناجاتون به چيون آهن. سندس ڪلام نهايت رقت آميز ۽ پرسوز آهي. بقول گرامي صاحب، سندس ڪلام ۾ جماليت جو جلوو آهي. سندس ڪافيون فني لحاظ کان نهايت چست، مترنم، سُريليون ۽ پختيون آهن. سونهن ۽ عشق جي لازوال ڪشمڪش، هجر ۽ وصال جي پر ڪشش رنگ، مصري شاهه جي ڪلام ۾ ڪمال تي پهتل آهي. سنڌي ادب ۾ هن جهڙو جمالياتي ٿل ملي ڪو نه سگهيو آهي؛
کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي،
ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي.
هيٺ سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا؛
دل سُڃاتو سڄڻ جي اچي سير سڀڪنهن جاءِ تي،
منهنجا ٿيا مطلب مڙيئي پورا پرين پرور ڏٺم.
شيخ قاضي پاڪ دامن اي مشائخ مولوي،
ڪر نصحيت کي ڦٽو هر جاءِ حق حاضر ڏٺم.
عمر ساري جي عبادت تر هڪي تاراج ڪئي،
ويو کڻي هندو هڻي، ڪعبي اندر ڪافي ڏٺم.
فقير ولي محمد لغاري
نواب ولي محمد لغاري، نواب احمد خان لغاري جو وڏو پٽ هو. سندس ولادت ٽنڊي ولي محمد ۾ 1252 هه ۾ ٿي. فارسي جي تعليم غلام محمد ۽ محمد صادق کان ورتائين. پنهنجي والد احمد خان جي ترغيب موجب، طريقيت جي تلقين جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي ابراهيم شاهه کان ورتائين، جتي فقيراڻي صحبتن ۾ رهيو ۽ ڏهه چلا ڪڍيائين. دنوي ڪمن کان گهٽ چاهه هوس.
فقير ولي محمد صوفياڻي ڪلام کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو طريقو بنايوآهي. سندس ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪمال دسترس رکندڙن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌي شاعري ۾ ڪمال دسترس رکندڙ هو. سنڌي جي ڪافي گو شاعرن مصري شاهه ۽ سندس مرشد صوفي ابراهيم شاهه جي ڪافين جو مٿس وڏو اثر آهي. جتي هڪ ڪافي مان ٽي بند پيش ڪجن ٿا.
هت آهيان انسان، هُت ڄاڻان ڪير آهيان،
وطن ڇڏي هت سانگ تي آيس، ڏينهن ٻه ٽي مهمان،
دل سندي اسرار جي ڪل پوي ٿي ڪانه،
ولي محمد ان ڳالهه کي ڳولج، صوفي سندي عنوان.
بيڪس فقير
قادر بخش بيدل جو پٽ محمد محسن بيڪس روهڙي ۾ 2 فيبروري 1859ع تي ڄائو، تعليم ۽ تربيت پيءُ کان ورتائين. روحاني تعليم به ان کان ئي مليس، تنهنڪري طريقت جو سلسلو ميرانپور سان مليس ٿو. قرآن شريف ۽ فارسي چڱي طرح پڙهيل هو. عين جواني ۾ 5 رمضان 1248 هه تي وفات ڪيائين.
بيڪس کي شاعري ۽ فقيري ورثي ۾ ملي، شاعر ابن شاعر هو.سنڌ جي ڳاڻ ڳڻين شاعر مان آهن. سندس ڪلام حسن ۽ عشق سان پُر آهي. سندس دل سوز ۽ گداز سان سرشار آهي. هن کي مجازي عشق جي مهميز به ائي تنهن سندس ڪلام ۾ سوز ۽ گداز هجر ۽ وصال جي پالوٽ ڪري ڇڏي آهي هو عشق جي ڪيفيت کان واقف آهي. سندس ڪلام ۾ حسن ۽ عشق جا جذبا ڪثرت سان ملن ٿا. تنهنڪري ئي کيس حسن ۽ عشق جو شاعر چيو وڃي ٿو. هن عشقيا ۽ محبت تي تمثيلي شعر به چيو آهي. سندس ڪلام جو ذخيرو تمام گهڻو آهي. جنهن ۾ ڪافيون، وايون، بيت، ڏوهيڙا وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪلام ديوان بيڪس جي نالي سان، ادبي بورڊ ڇپرايو آهي.
مراد فقير
مراد فقير روحل جي ويجهن ساٿيارين مان هڪ آهي. هو روحل جو ئي مريد آهي. جنهن سلسله طريقت ميرانپور سان ملي ٿو. سندس والد جو نالو محمد حيات هو. جيڪو روحل جي سئوٽن مان هو. کيس ننڍي هوندي چڱي تعليم ملي.
مراد فقير جو سنڌي شاعرن ۾ بلند مقام آهي. هو سنڌي ۽ سرائيڪي جو زبردست شاعر آهي. فارسي ۽ هندي ۾ سندس ڪلام ملي ٿو. سنڌ جي مشهور رومانوي داستانن تي به تمثيلي شعر چيا اٿس. سندس شعر، ڪافي، وائي ڏوهيڙي ۽ سه حرفي تي مشتمل آهي. مراد فقير جو ڪلام تصوف جو آئينه دار آهي. مثلا؛
تون پرين، من پرين، چت پرين، دلدار،
اندر ٻاهر سُپرين، وٿي ناهي وار،
اکين منجهه مراد چوي، ٻيو ڪونه قريبن ڌار،
جاڏي ڪريان نهار، تاڏي سڄڻ پسان سامهون.
(مراد فقير)
هي آهن ميرانپور جا خاص مڱتا، جن سنڌڙي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خانقاهون کولي، ميرانپور واري وحدت الوجود جي انسانيت آموز فلسفي کي اوج تي رسايو. سندن خانقاهن ۽ برپا ڪيل مرڪزن ۽ مڪتبن مان وري اهي عاشق مفڪر ۽ شاعر پيدا ٿيا. جن جو سنڌي ادب ۾ بلند مقام آهي. ڪنڊڙي مان شاهو فقير، غلام علي، خدابخش ۽ دريا خان، اهر شريف مان صوفي بايزيد، شهاب الدين، ابراهيم شاهه، ڪرم علي، ڀڳت رامچندر، سرهو فقير وغيره، فتحپور شهر مان سائين چيزل شاهه ۽ ٻيا فقراه اچي وڃن ٿا. جن جا نالا سنڌي صوفياڻي شاعري ۾ خاص اهميت رکن ٿا. هن جا سرمستي کان الاپيل سر، سنڌ جي سڄڻائپ جا اڻ مٽجندڙ اهڃاڻ آهن.










Share

No comments:

Post a Comment