Friday, 14 December 2012


داستان پنجون

صوفي سچو اُهو آهي، جو ڪثرت کان ڪنارو ڪري، روحاني مستيءَ ۾ ٿو رهي. هو لاڪوفي آهي. هو سارو وقت پنهنجي نفس (من) سان ئي جنگ پيو جوٽي ۽ جيڪي پڙهي يا پروڙي ٿو، سو ڪنهن سان به نه ٿو ملي. صوفي جو سير هر هنڌ ائين آهي، جئن رڳن ۾ ساهه. صوفي اهو نه آهي، جو رڳو ڪلاهه (ٽوپي) سر تي رکي، ۽ تن تي دلق پهري. هو جڏهين اهي ٻئي آڳ ۾ اُڇلي، تڏهن صوفي سڏجي. صحيح معني ۾ صوفي ٿيڻ آهي زهر جو پر پيالو پيئڻ. صوفي ڳجهو توڙي پڌرو ڌڻيءَ جو ئي اسم پيو اُچاري ۽ ٻيو ڪو به در نه ٿو وڃي ڏوري. هيءَ دنيا طلسم جو گهر آهي، پر هر ڪو خوديءَ ۾ غرق آهي ۽ انهيءَ پروڙ کان پري ٿو ڏسجي. هيءَ ڪايا ئي پوڄا جو گهر آهي. صاحب تڏهن پسندين، جڏهن اٺ ئي پهر الک پوڄيندين. چاليهن رکڻ مان ڪجهه ورڻو ناهي.


1
صوفِي سالم سي ويا، جي اَڪثر سين اَڏيارَ؛
بازي بازِندنِ کي، آهي اَويسارَ؛
پِريا سين پَهڪارَ، رِندِيءَ رَساڻي ڪيا.

ترجمو: اُهي صوفي سلامتيءَ سان لنگهي ويا. جن ڪثرت کان ڪنارو ڪيو. اُنهن راند ڪندڙن (روحاني رمز وارن) کي عشق جي راند اُڻ وسرندڙ آهي. روحاني مستيءَ کين نيني پرينءَ سان صلاحي ڪيو. (صوفي سموري ڪثرت ۾ وحدت ٿو پسي ۽ هميشه بيخوديءَ ۾ ٿو گهاري.)


2
صوفِيءَ سيرُ سڀِن ۾، جئن رڳن ۾ ساه؛
سا نه ڪري ڳالهڙِي، جئن پويون پروڙي پساه؛
آهِس اِيُ گناه، جي ڪا ڪَري پَڌرِي.

ترجمو: صوفي سڀنيءَ وستن ۾ ائين سير ڪندڙ (وياپڪ) آهي، جئن ساهه مڙئي رڳن ۾. هو جو ذڪر (منتر) ٿو ڪمائي، تنهنجي ڪنهن سان به ڳالهه نه ٿو ڪري، جي ڪجهه ظاهر ڪري وڌائين ته اُهو هن لاءِ گناھ آهي.


3
ڏِني ڏُکويا، اَڻ ڏِني راضي ٿيا؛
صوفِي تي ٿيا، جئن ڪِينَ کنيائون پاڻ سين.

ترجمو: ڏيڻ سان رنج ٿا ٿين ۽ نه ڏيڻ سان خوش. هو صوفي انهيءَ ڪري ٿيا آهن، جو پاڻ سان ”ڪين“ کنئي اُهن.


4
صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ؛
منجھيان ئِي مَنجِھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ؛
جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو.

ترجمو: صوفي لا مذهب (ڌرم يا مذهب جي پنڏتن کان آجو) آهي. کيس ڪو به ڪو نه ٿو پروڙي. هو اندران ئي اندران نفس (من) سان جنگ پيو ڪري ۽ ذرو به ظاهر نه ٿو ڪري. جن جو ساڻس وير آهي. تن جو هو حامي ۽ مددگار آهي.


5
صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛
تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

ترجمو: صوفيءَ پنهنجي اندر جو پنو اُجاري صاف ڪيو ۽ تنهن کانپوءِ جيئري ئي پرينءَ جو ديدار ڪيائين.


6
صوفِي چائِين، سَڌَ ڪرين! صُوفين اِيَ نه صلاحَ؛
ڪاٽي رک ڪُلاهَ، وجھ اُڇلي آڳ ۾.

ترجمو: پاڻ کي صوفي سڏائڻ، تمنا ٿو رکين! صوفين جو اهو مرڪ ناهي. اها ڊگهي ٽوپي لاهي باهه ۾ اُڇلي ڇڏ.


7
جي ڪُلاهَ رکين ڪنڌ تي، ته صوفي سالم ٿِيءُ؛
وِه وٽِي هٿ ڪري، پُر پيالو پِيءُ؛
هَنڌُ تنِين جو هِيءُ، جن حاصل ڪيو حال کي.

ترجمو: جي سر تي صوفياڻي ٽوپي ٿو رکين ته صحيح معني ۾ صوفي ٿيءُ. هٿ ۾ زهر جي پيالي جهلي. سمورو جام چاڙهه. هيءُ جاءِ اُنهن جي آهي، جن روحاني مستي حاصل ڪئي آهي. (صوفي اُهو آهي، جو روحاني رنگ ۾ رتو ٿو رهي.)


8
جُسي ۾ جَبّار جو، خَفِي خِيمو کوڙ؛
جَلِّي تون زبان سين، چار ئِي پهر چور؛
فڪر سين فُرقان ۾، اِسم اعظم ڏور؛
ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اِيُ اَمُلُ اِئائِين سَپَجي.

ترجمو: پنهنجي وجود ۾ ڌڻيءُ جو ڳجهو تنبو کوڙ. (ڌڻيءَ کي اندر ۾ ڳجهو ياد ڪر) (هتي ”خفي“ يعني ڳجهي ذڪر يا اسم ڏانهن اشارو آهي) چارئي پهر زبان سان ظاهري ذڪر جاري رک. ڌيان سان قرآن شريف ۾ ”اسم اعظم“ (ڌڻيءَ جو اعلي نالو) ڳول (اُنهيءَ نالي جي عام کي پروڙ نه آهي.) ٻيا آستان نه وڃي ڳول. اهو بي بها موتي اِتان ئي حاصل ٿو ٿئي.


9
عالَم آئوُن ساڻ، ڀَريو ٿو ڀيرَ ڪري؛
پاڻ نه آهي ڄاڻُ، مانڊِيءَ مَنڊُ پکيڙيو.

ترجمو: سارو جهان خوديءَ يا اَهنڪار ۾ خماريو، گهوماٽيون پيو کائي. اسانکي اها ڄاڻ نه آهي ته هي طلسم يا مايا اُنهيءَ جادوگر (ڌڻيءَ) رچي آهي.


10
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي رُوءِ؛
جنِين ڏٺي جُوءِ، تني ڪُڇيو ڪين ڪِي.

ترجمو: ساري ڪثرت (سموري ڪائنات) سندس ڳولائو آهي ۽ اُن جو سر (اصل) سندس حسن آهي. اهو روميءَ جو متو آهي. (هر ڪا چيز اُنهيءَ حقيقي سونهن جي ڳولا ۾ آهي). جن اُها منزل ڏٺي آهي، تن زبان سان ڪجهه به نه ڪڇيو.


11
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، اِيَ رومِيءَ جِي راءِ؛
ماڙهُو اِتِ ڪِياءِ، مَنڊُ نه پسين مَنڊيو!

ترجمو: ساري ڪائنات سندس ڳولائو آهي ۽ اُن جو سر سندس سونهن آهي. اهو روميءَ جو رايو آهي. ماڻهو هتي ڪٿان آيا! هي سمورو جادو پکڙيل نه ٿو ڏسين! (هتي منڊ، مايا)


12
طَالِبُ ڪَثَرَ، سونهن سَرُ، روميءَ چيو آهي؛
تاڙِي جي لاهي، ته مَنجِھين مُشاهدو ٿئي.

ترجمو: ساري ڪائنات سندس ڳولائو آهي ۽ اُن جو سر سندس سونهن آهي. ائين روميءَ فرمايو آهي. جي دل تان پردو لاهجي ته اَندَر ۾ ئي ديدار حاصل ٿئي.


13
ظاهر ۾ زاني، فِڪرَ منجھ فنا ٿيا؛
تنين کي تعليم جِي، ڪُڙِه اندر ڪانِي؛
حرفُ حَقانِي، دَورُ ڪيائون دل ۾.

ترجمو: هو ظاهر ۾ بدڪار ٿا ڏسجن، پر حقيقت ۾ روحاني خيال ۾ ئي محو آهن. اُنهن کي اَندر ۾ سچي ڄاڻ جو گز لڳل آهي. هو دل ۾ ڌڻيءَ جي ئي سچي نالي جو دؤر پيا ڪن.

14
جن کي دَورُ دَردَ جو، سبق سُورَ پڙهنّ؛
فِڪرَ فَرَهِي هٿ ۾، ماٺ مُطالع ڪنّ؛
پَنو سو پڙهنّ، جنهن ۾ پَسن پِرينءَ کي.

ترجمو: جيڪي اَندر ۾ درد جي درس جو دؤرٿا ڪن، سي سور جو ئي سبق پيا پڙهن. اُنهن جي هٿ ۾ خيال جي پٽي آهي ۽ هو ماٺ جو اڀياس پيا ڪن. هو اهوئي ورق پيا پڙهن، جنهن ۾ پرينءَ کي ٿا ڏسن.


15
سا سِٽَ نه سارينِ، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛
ناحَقُ نهارينِ، پنا ٻيا پِرينءَ لئ.

ترجمو: هو (ودوان يا عالم) اها سٽ نه ٿا ياد ڪن، جنهنجو پهريون اَکر ”اَلف“ آهي. پرينءَ کي پسن لاءِ اَجايو ٻين ورقن ۾ جهاتيون پيا پائين.


16
سا سِٽَ ساريائون، اَلف جنهن جي اَڳ ۾؛
”لاَ مَقصُودَ فِي الدَّارَينِ“ اِن پَرِ اُتائون؛
سَڳَـرُ سوٺائُون، ٿيا رَسِيلا رحمانَ سين.

ترجمو: اُها سٽ ياد ڪيائون (عاشقن)، جنهنجي منڍ ۾ الف آهي. ”ٻنهي جهانن ۾ سواءِ ڌڻيءَ جي سندن ڪو مقصد ناهي“، انهيءَ طرح سخن چيائون. هنن سوڙهو پيچرو ڏوري لڌو ۽ وڃي مهربان مالڪ سان پرچي هڪ ٿيا.


17
اَکرَ پڙهي اَڀاڳِيا! قاضِي ٿئين ڪِياءِ؟
ڀـيرِئين ۽ ڀانـئِئين، ايڏا اِئن نه آءُ!
اِنَ سُرڪِيءَ سندو ساءُ، پڇج عَزازِيل کي.

ترجمو: اي اَڀاڳا! علم پڙهي، قاضي ڪٿان ٿئين؟ تون دليل پيو ڊوڙائين ۽ خوديءَ ۾ گهوماٽيون پيو کائين: اهڙي نموني هيڏانهن (روحاني پنڌ ۾) نه اچ! اِنهيءَ سرڪيءَ جي لذت جو سماءُ شيطان کان پڇج.




18
عاشق عَزازِيل، ٻيا مڙيئي سَڌڙِيا؛
منجھان سِڪَ سَبِيلَ، لعنتِي لال ٿيو.

ترجمو: عاشق ته ابليس چئجي، ٻيا مڙيئي ڪوڙي سڌ ڪندڙ آهن. هن جهڙو لال (سچي عشق ۾ رڱيل) اَپار (حد کان وڌيل) محبت جي ڪري ئي لعنت يا ڦٽڪار جو لائق ٿيو.


19
جو مون پڙهيو پاڻ لَئ، سبقُ سابِقُ جو؛
پهرين سُڃاتم پانهنجي، نفسَ جو نِهو؛
جِي عَرفانُ اَصَل ۾، ٿي رُوحن روزَ ڪيو؛
وري وَرَقُ پيو، گڏيم وَڍُ وصال جو.

ترجمو: جڏهن مون پنهنجي سر“ اصلوڪو (الست بربکم) پڙهيو، تڏهن روح جو اصلوڪو خزانو يا آستان (عرش) سڃاتم، جتي روحن اصل ۾ (سموري جوڙ کان اڳي) خدائي علم جي رهاڻ پئي ڪئي. پوءِ اهڙو ورق وريو، جو جدائيءَ جو زخم يا ويڇو ميٽجي ويو.


20
پَڙهيو ٿا پڙهنَّ، ڪَڙهن ڪين قُلُوب ۾؛
پاڻان ڏوهَ چڙهنَّ، جئن وَرَقَ ورائين وِتَرا.

ترجمو: عالم ورقن جا ورق پيا پڙهن، پر دل سان ذرو به نه ٿا هنڊائين. هو اُٽلو پاڻ تي گناه پيا چاڙهين، جئن جئن گهڻا پنا ٿا اُٿلائين.


21
اَکر پڙه اَلف جو، وَرَقَ سڀ وسار؛
اَندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

ترجمو: تون هڪ الف جو ئي اَکر پڙهه، ٻيا سڀ پنا دل تان ميساري ڇڏ. تون پنهنجو اندر ڌوئي صاف ڪر. گهڻا ورق پڙهي گهڻا پڙهندين؟


22

جئن جئن وَرَقَ وَرائِين، تئن تئن ڏٺو ڏوهُ؛
تنهن ڪَهڻِيءَ ڪبو ڪوهُ؟ جي رهڻِيءَ رهيو نه سُپرين.

ترجمو:جئن جئن تون پنا پيو ورائيندين، تئن تئن نئون نئون گناهه پيو اکين آڏو ايندءِ. جي ڪو سڄڻ سٺي رهڻي نه رهيو ته سندس ڪهڻيءَ (سخنن) کي ڇا ڪبو؟


23
ڪاتِبَ! لِکِين جئن، لايو لامُ اَلف سين؛
اَسان سڄڻُ تئن، رهيو آهي روح ۾.

ترجمو: اي لکندڙ! جئن تون الف سان لام لائي (لا) ٿو لکين (الف ۽ لام ٻئي هڪٻئي سان جڙيل آهن ۽ هڪجهڙا پيا لڳن)، تئن اسان جي اندر ۾ به سپرين اسان سان ائين رليو پيو آهي.


24
تهڙا چالِيها نه چالِيھَ، جھڙوپسڻ پرينءَ جو؛
ڪهڙي ڪاتِبَ! ڪَرِئين، مٿي پنن پِيههَ؛
جي ورقَ وارِين وِيھَ، ته اَکر اُهوئِي هيڪڙو.

ترجمو: چاليهه چاليها (چاليهن ڏينهن جا روزا) اهڙا نه آهن (اُنهن کي اهڙو شرف يا ثواب ناهي)، جهڙو پرينءَ جو ديدار. اي لکندڙ! تون پنن جي مٿان ڪهڙي جلهه ٿو لائين! جي ويهه پنا اُٿلائين ته به اکر اُهو ئي هڪ اٿئي.


25
تَنُ کُڏِي، مَنُ حُجرو، ڪيم چاليها رَکُ؛
ڪوه نه پُوڄيو پُوڄئين، اَٺـئِي پهر اَلَکُ؟
تان تون پاڻُ پَرَکُ! سَڀَڪَنهن ڏانهن سامهون.

ترجمو: جسم ئي مسجد ۽ من ئي ايڪانت (خلوت) جو ڪمرو آهي. چاليها نه رک. اُٺ ئي پهر ڇو نه ٿو رب کي پوڄين؟ تون پاڻ کي سڃاڻ ته صاحب کي هر ڪنهن جي سنمک پسين. (رب کي هر هڪ روپ ۾ ڏسين.)


26
سَڀَڪنهن ڏانهن سامهون، ڪو هنڌ خالِي ناهِ؛
اَحَدا جي اَرَکَ ٿيا، سي ڪانئرَ ڪبا ڪانھِ؟
مُحبُّ منجھين مَنَ مانھِ، مون اَڄاڻندِيءَ اُجِھيو.

ترجمو: صاحب سڀ ڪنهن جي سامهون آهي، ڪو به مڪان سندس نور کان خالي ناهي. جي هڪ رب کان منهن موڙيندڙ ٿيا، سي ڪانئر ڪيڏانهن ڪبا؟ پرين اصل کان من ۾ اندر ئي آهي، مون اَٻوجهه هاڻ اَهو پروڙيو آهي.


وائي
وِسارج مَ ويڻَ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
لوٺـيُون سَهَنِ لوڪ جا، وِهاڻِيءَ ٿيون ويڻَ؛
اصل اَسارِيُنِ جا، سُتي وِيَڙا سيڻَ؛
جيڏيون! جي مان وِسَهو، ننڊ مَ هيريو نيڻَ؛
راتڙيُون جاڳن جي، سي آئُون ڪندڙي سيڻَ؛
آڌيءَ رات اُٿِي ڪري، جھل تون نِنڊان نيڻَ.

ترجمو: اهي سخن نه ويسارج ته جواني ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ئي آهي. نرلڄيون اَسر جو ماڻهن جون ملامتون ٿيون سهن. اصل وسيلين جا پريتم سندن ئي ستي هليا ويا. اي سرتيون! مون تي جي ويساهه ڪريو ته پنهنجا نيڻ ننڊ تي نه هيريو. مان اُنهن کي پنهنجا پرين ڪنديس، جي راتيون جاڳن. اَڌ رات جو اُٿي، جاڳي، رب کي ياد نه ٿا ڪن، سي عاشقن جي نظر ۾ بي حيا ۽ وسيرا آهن. اُنهن تي

No comments:

Post a Comment