جناب والا .
هتي آءُ هيء وضاحت ضروري ٿو سمجهان ته سنڌوديش هڪ جاگرافيائي ڍانچو آهي ، جنهن ۾ درياھ ، ٻيلا ، ڍنڍون ، پهاڙ ريگستان ۽ سرسبز ميدان آهن ، سو تاريخ جي مختلف دورن ۾ گهٽبو ۽ وڌندو رهيو آهي ، ۽ پڻ ڪڏهن آزاد ته ڪڏهن غلام رهندو آيو آهي ، پرمنهنجي نظر ۾ ان جو هڪ صاف شفاف پاڪيزه ، زندگيءَ جي انگ سان سرشار ۽ سرڪش روح به آهي جنهن تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ غلامي نه قبولي آهي ، نه زلتن تي راضي رهيو آهي ، ڪنهن موت کان مات نه ٿيو آهي ، بارها ان کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، ڪُهڻ جا جا جتن ڪيا ويا ۽ جهڪائڻ لاء وڏا وس ڪيا ويا ، پر اهو موهن جي دڙي جي دراوڙ جي آخري دانهن جي روپ ۾ پڙاڏو بنجي ، سنڌ جي فضائن ۾ سانوڻ جي ڪڪر واگر ڀٽڪندو رهيو آهي ، ان گاهي ماهي پنهنجين خصوصيتن جو اظهار ڪڏهن راجا ڏاهر جي روپ ۾ ڪڏهن دودي سومري جي رنگ ۾ ڪڏهن دريا خان جي صورت ۾ ڪڏهن مخدوم بلاول جي شڪل ۾ ڪڏهن شاه حيدر سنائيء جي جلوي ۾ ته ڪڏهن شاه عنايت جي همت ۽ حوصلي ۾ پئي ڪيو آهي ، آءُ محسوس ڪريان ٿو ته سنڌ جو اهو تاريخي روح مون ۾ واسو ڪري ويو آهي ۽ اهو پنهنجي منطقي نتيجي ٿي پهچڻ چاهي ٿو ، جيڪا يقينن سنڌ جي جاگرافيائي، قومي سياسي اقتصادي ڪلچر ، اخلاقي خوبصورتي۽ آزادي ئي آهي
انهيء روح جي تڙپ ۽ بيقراريء مون کي ننڍپڻ ۾ ئي مجبور ڪيو ته آءُ سرزمين سنڌ ۽ سنڌي قوم ي ڇوٽڪاري لاء پنهنجون صلاحيتون ۽ توانايون صرف ڪريان ۽ هن ننڍي کنڊ ۾ منهنجي سياسي جدوجهد خواھ ڪهڙي ئي پليٽ فارم تان ٿي هجي ان جو مرڪزي نقطو سنڌ ۽ سنڌجي آزادي ئي رهي آهي .
سائين جي ايم سيد
سنڌ ڳالهائي ٿي .

No comments:
Post a Comment