Wednesday, 30 September 2015

.سائين عبدالواحد آريسر


اسانکي چيو ٿو وڃي ته جيڪي مسلمان قوم کي نه ٿا مڃين سي اسلام ۽ پاڪستان جا غدار آھن، آءٌ انھن حاڪمن کي چوندس ته مسلمان قوم کي اقوم متحده ڪونه ٿي مڃي ان کي غدار قرار ڏيئي منجھائنس نڪري اچو، مسلمان قوم کي چين نه ٿو مڃي ان سان دوستي ختم ڪريو، مسلمان قوم کي ايران تسليم نه ٿو ڪري ساڻس ڪيل معاھدا ٽوڙي ڇڏيو، مسلمان قوم کي آمريڪا قبول نه ٿي ڪري ان کان سڙيل ڪڻڪ گھرائڻ بند ڪريو، مسلمان قوم کي لبيا، شام، عراق، بنگلاديش ۽ انڊونيشيا ڪونه ٿا مڃن انھن سان ڪاٽا ڪريو، آءٌ اڳتي وڌي چوندس ته مسلمان قوم کي نبي ڪريم صه به ڪونه ٿو مڃي تنھن ڪري سندس اُمت سڏائڻ بند ڪريو، اھو آءٌ محمد صه تي الزام ڪونه ٿو ھڻان پر مون وٽ ان لاءِ ثبوت آھي، جنھن وقت رسول سائين طائف ۾ تبليغ ڪرڻ ويا ته اتي جي ماڻھن پاڻ سڳورن کي ڏاڍا پٿر ۽ ٺڪر ڪنڊا ھنيا، ان وقت پاڻ سڳورن فرمايو ته ”اللهم اھد قومي انھم لايعلمون“ يعني ”الله سائين منھنجي قوم کي ساڃاھ ڏي اھا ھن وقت مونکي نه ٿي سمجھي“. انھي جملي ۾ حضور جن طائف جي ڪافر کي پنھنجي قوم قرار ڏنو اٿن حلانڪه پاڻ سڳورا مسلمان ۽ تنگ ڪرڻ وارا غير مسلم ڪافر ھئا، جيڪڏھن جدا مذھب ھجڻ سان قومون ٺھن ھا ته پاڻ سڳورا طائف جي ڪافرن کي ”منھنجي قوم“ نه چون ھا ته الله تعالي ڪافرن کي ھدايت ڏي، جيڪڏھن محمد صه ۽ ابوجھل ھڪ قوم جا فرد ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن ياسر عرفات ۽ جارج بش ھڪ قوم جا فرد ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن سعد زغلول پاشا ۽ مصر جو پادري ھڪ قوم ٿي سگھن ٿا ته پوءِ جي ايم سيد ۽ ڪلياڻ آڏواڻي، تنوير عباسي، ڪيرت ٻاٻاڻي، زينب عبدالله چنه، پوپٽي ھيرا ننداڻي، نياز ھمايوني ۽ نارائڻ شيام، شيخ اياز ۽ کيئل داس فاني، ابراھيم جويو ۽ اتم ھڪ قوم جا فرد ڇو نه ٿا ٿي سگھن؟ آءٌ ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته اھي اسان جي قوم جا نھايت ئي قيمتي ۽ اھم فرد ۽ جزا آھن. اسان انھن جي مجلسن ۽ محفلن کي ڪيئن وساري سگھنداسين؟ اسان انھن جي ڪچھرين، انھن جي ٽھڪن ۽ لڙڪن کي ڪيئن وساري سگھنداسين؟ جن جي ڪري سنڌ مختلف گلن جو چمن ھئي، جن جي ڪري سنڌي زبان کي اوج ۽ عروج ھو، جن جي ڪري سنڌ ۾ رنگ رتول ۽ ٻھ ٻھ ٻول ھئا، جن جي ڪري سنڌ جا چانڊاڻا ۽ مانڊاڻا آزاد ۽ آباد ھئا، جن جي ڪري آواز سانوڻ جي ڪڪر جيان سنڌ ۾ اڀرندو ھو ۽ جيوڻي جا گيت ڏياري جي ڏيئي وانگيان لاٽون ڪندا ھئا، جيڪڏھن اسان انھن کي ڌار سمجھون معني اسان سنڌ جي تھذيب کي ورھائي ڇڏيون، سنڌي ٻولي کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيون ۽ شاھ جي رسالي کي ٻه ٽڪر ڪري ھڪڙو ھتي رکون ۽ ٻيو ڀارت موڪلي ڇڏيون، جنھن وقت اسان سنڌ جي آزاديءَ ۽ بقا لاءِ جدوجھد ڪريون ٿا. ان وقت اسان نه صرف ھڪ ڪروڙ سنڌين جي ڳالھ ڪريون ٿا پر ڀارت ويل ويھ لکن سنڌين جي به ڳالھ ڪريون ٿا، ھانگ ڪانگ، سيلون، برما، سينگاپور ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل سنڌين جي ڳالھ ڪريون ٿا.
جيڪڏھن سنڌ آھي ته پوءِ اھي سڀ سنڌي به آھن پر جيڪڏھن سنڌ نه آھي ته پوءِ ڪوبه سنڌي باقي رھي نه ٿو سگھي

.
ڪڻا منجھ قرار ھئا ھيڪاندا سنگ ۾
ڳاھي ڳاھ فراق جي ڪيا ڌارون ڌار
نه ڄاڻان ٻيھار ڪير ملندو ڪنھن سان
عبدالواحد آريسر

No comments:

Post a Comment