زندگي اهڙي طريقي سان گذارجي، جو فرد کان وٺي اجتماع جي وچ ۾ ماڻهو اوچي ڳاٽ سان ڳالهائي سگهي. معافيون وٺي بـ ماڻهو جيئرو رهي سگهي ٿو، اعترافِ جرم ڪري بـ ماڻهو حياتيءَ جي ڏوريءَ کي ڊگهو ڪري سگهي ٿو، ۽ايجنٽ بنجي بـ ماڻهو زندگيءَ جي ڏينهن ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. پر اهڙي زندگي، اهو ڪينسر جو روڳ آهي، جو هر ڏينهن، ماڻهوءَ جي ذهن ۽ ضمير کي اندران ئي اندران ڪوريندو رهندو آهي_ ۽ جڏهن اهڙو ماڻهو، خاص ڪري سياسي ڪارڪن، مجمعن ۾ بهادريءَ واريون ڳالهيون ڪندو آهي، تـ ان وقت مون کي محسوس ٿيندو آهي تـ ڄڻ ڪا هڪ طوائف، عصمت جي عظمت تي ليڪچر ڏئي رهي آهي_!
عبدالواحدآريسر
عبدالواحدآريسر
No comments:
Post a Comment