ڀارت ورش جي انيڪ شهرن ۾ تاريخ 16 جون 1959ع تي سنڌو پتي سوتنترتا جي امر سئناپتي مهاراجا ڏاهرسين جو ٻليدان دوس وڏي ڌوم ڌام سان سنڌو سماج طرفان ملهايو ويو، ليڪن مهاراجا ڏاهرسين جي باري ۾ صحيح خبر ڪن ٿورن کي آهي. هندستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ هندستان جي صحيح اتهاس ڄاڻڻ لاءِ هند سرڪار ۽ ڪيترن ئي يونيورسٽين طرفان کوجنا جا ڪم ڪيا پيا وڃن، ليڪن افسوس جو سنڌ اڄ پاڪستان ۾ هئڻ ڪري ڪوبه سندس اتهاس ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪونه ٿو ڪري. اڄ ڀارت واسين جي من ۾ اها ڳالهه گهر ڪري ويٺل آهي ته سنڌي صرف واپاري آهن ۽ لڙي ڪونه ڄاڻن. هنن ۾ ڪي وير پرش ڪونه ٿيا آهن وغيره. ليڪن جي ماڻهو ائين سوچي رهيا آهن سي غلط آهن. سنڌين ۾ به انيڪ سورهيه ٿيا آهن.
سنڌ جي سور ويرن مان هڪ هئو سنڌ جو سپوت مهاراجا ڏاهرسين.
هن جي باري ۾ هندستان جي تاريخ ۾ ورلي ڪو وهنوار ملي ٿو. ٿورو گهڻو احوال جيڪو هن جي باري ۾ ملي ٿو اهو آهي عرب ليکڪن جو. عرب ڇاڪاڻ ته فاتح هئا، ان ڪري هنن جيڪي لکيو آهي، اهو پنهنجي نقطه نظر کان- مهاراجا ڏاهرسين کي ماڻهن جي نظر ۾ ڪيرائڻ جي خيال کان.
مون ان باري ۾ جيڪي ڪتاب نظر مان ڪڍيا آهن. سن 600ع ڌاري سنڌ ۾ راءِ ديوا جيءَ جي ونس ۾ ساهسي راءِ نالي راجا راڄ ڪندو هو. ان وقت سنڌ جي راڄڌاني الور هئي. راءِ ساهسي جي بنا اولاد مرڻ کان پوءِ راءِ گهراڻي جو راڄ ختم ٿيو ۽ برهمڻ گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو. راءِ ساهسيءَ جو منتري چچ هڪ نهايت ئي لائق ۽ قابل حاڪم هو سو تخت تي ويٺو.
مهاراجا چچ سنه 637ع برابر نبست 694ع مري ويو ۽ هن جي مرڻ کانپوءِ هن جو وڏو پٽ مهاراجا ڏاهرسين راجگديءَ تي ويٺو. ڏاهرسين جو ننڍو ڀاءُ ننڍي وهيءَ ۾ ئي نانگ جي ڏنگ سبب مري ويو هو. ڏاهرسين کي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن کي پدما ٻائي ڪري چوندا هئا.. عرب ليکڪن انکي ٻائي ماين وغيره نالي سان ڪوٺيو آهي ۽ لکيو اٿن ته جوتشين مهاراجا کي ٻڌايو هو ته جيڪو ٻائيءَ سان شادي ڪندو اهو سنڌ جو راجا ٿي رهندو. ان ڪري راجا ڏاهرسين پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪئي، ليڪن اها ڳالهه بيهودي پئي لڳي. وڌيڪ اڀياس مان ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پدما ٻائي ثاني گهر نه ملڻ ڪري سڄي عمر ڪنواري رهي. مهاراجا ڏاهرسين جي راجگديءَ تي ويهڻ وقت پراچين سنڌ جون حدون اڀرندي ۾ ڪشمير ۽ قنوج تائين، الهندي ۾ مڪران تائين، اتر طرف قنڌار تائين ۽ ڏکڻ ۾ سورت بندر تائين ڦهليل هيون، منجهس وڏا وڏا شهر جهڙوڪ ملتان، اُچ، سبي، سيوستان (سيوهڻ) نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) برهمڻ آباد، راور، بين (مغلڀين)، ديول، الور، وغيره هئا جن ۾ مضبوط قلعا اڏيل هئا.
حضرت محمد ﷺ جي وفات کان جلد پوءِ مسلمانن سنڌ تي ڪاهون شروع ڪيون. چار دفعا شڪست کائي پٺتي هٽيا، پنجين دفعي مڪران تي قبضو ڪري اڳتي وڌيا، ليڪن پٺتي هٽايا ويا. ڇهين دفعي ديول بندر تائين پهتا، ليڪن مهاراجا ڏاهرسين جي پٽ جئه سين کين شڪست ڏيئي پٺتي هٽايو، ليڪن ايترا دفعا هار کائڻ کانپوءِ به مسلمانن سنڌ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪونه ڇڏيو. سنڌ جي لشڪر کان منجهن ايترو ته ڊپ هئو، جو هو هن دفعي سڄي عربستان، عراق، پرشيا، شيام، بغداد، بصري جا جوان محمد قاسم وٺي آيو.
ديول بندر جو راجا گيان ٻوڌ نالي هڪ ٻوڌي هو، جنهن ٻڌ ڌرم جي سکيا جو الٽو مطلب وٺي مهاراجا ڏاهرسين کي دوکو ڏنو، انڪري ديول بندر تي قبضي ۾ عربن کي ڪابه گهڻي تڪليف پيش ڪونه آئي. خود چچ نامي جي ليکڪ صفحو 151 ۾ لکيو آهي ته ديبل جي فتح کانپوءِ اسلامي لشڪر سانده 3 ڏينهن ڪوس ڪيو.
اهڙي طرح ڇل ڪپت سان لڙائي ڪندو، قلعا فتح ڪندو، عربن جو لشڪر اڳيان وڌيو، تان جو اچي نديءَ جي الهندي ڪناري تي ڊراٻو ڪيائون. اڀرندي ڪناري مهاراجا ڏاهرسين ڪئمپ لڳايو ويٺو هو. مهاراجا ڏاهرسين هڪ قابل تير انداز پڻ هو.
هڪ ڏينهن شامي نالي حبشي، جو عرب لشڪر ۾ گهوڙيسواري ۽ تير اندازيءَ جو ماهر هو، تنهن ندي پار ڪري مهاراجا تي حملو ڪرڻ چاهيو، ليڪن مهاراجا ڏاهرسين اها ڳالهه تاڻي ورتي ۽ ڪمان مان اهڙو زهريلو تيز زور سان ڇوڙيو، جو شامي حبشي مري ويو ۽ محمد بن قاسم کي گهايل ڪري ڇڏيائين. ايتري ۾ هڪ حبشي سپاهيءَ جو تير اندازيءَ ۾ ماهر هو تنهن پنهنجي گهوڙي کي ٺٻي ڏياري دشمن تي تير هلائڻ ٿي چاهيو. هن جو گهوڙو پاڻيءَ کان ٽهيو ٿي ۽ هيٺ نه ٿي لٿو. ان وچ ۾ مهاراجا ڏاهرسين پنهنجي ڳري ڌنش مان هڪ تير اهڙو زور سان ڇوڙيو جو سڌو وڃي گهوڙيسوار کي لڳو، جو هن جو چوٽيءَ مان لنگهي دن تائين وڃي پهتو، جنهن ڪري هو مري ويو.
اهڙيءَ طرح مهاراجا ٻئي ڪناري تي خبردار ۽ هوشيار رهيو ۽ هر طرح ڪوشش ٿي ڪيائين ته دشمن جو لشڪر ندي پار ڪري نه سگهي، ليڪن افسوس جو اتي به کيس پنهنجن دوکو ڏنو. ’موڪھ بسايه‘ (وسايو) نالي هڪ سردار ڌارين کي ندي پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون پهچايون. راجا ڏاهر کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي، تڏهن هن پنهنجي پٽ جئسين کي ٻيٽ جي رکيا لاءِ مقرر ڪري موڪلڻ ٿي چاهيو، ليڪن ايتري ۾ راسل، موڪھ جو ڀاءُ مهاراجا وٽ آيو ۽ ٻيٽ جي رکيا جو ڪم پاڻ تي هموار ڪرڻ جو عرض ڪيائين ۽ مهاراجا هن تي اعتبار ڪري ائين ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو مهاراجا ڏاهرسين، جئسين کي به اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو ۽ هيڏانهن هو ]راسل[ به وڃي دشمن سان مليو، اهڙيءَ طرح عرب لشڪر ندي پار ڪري مهاراجا جي لشڪر سان دوبدو ٿيو.
چچ نامي ۾ لکيل آهي ته:
مهاراجا ڏاهرسين ڍال کڻي سفيد هاٿيءَ تي ويٺو 4 سو مرد لوهي هٿيار ٻڌل، ڳچين ۾ ترارون ۽ هٿن ۾ لوهه جا دستا، جنهن کي هندو سيل چوندا آهن، کڻي اهڙيءَ حالت ۾ ٻاهر نڪتا ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتا. انهيءَ حد تائين لڙيا جو سندن هٿ جون کلون لهي ويئون هيون. ڏاهرسين جي هٿ ۾ آئيني جهڙو تکين ڪاتين جو هڪ گول چڪر هئو، جڏهن به هاٿيءَ حملو ٿي ڪيو، تڏهن جيڪو به هاٿي جي ويجهو ٿي آيو ته، اهو چڪر ڪمند وانگر ٻڌي کين پاڻ ڏانهن ڇڪي پيادي، خواه سوار جي سسي ڌار ڪري ٿي ڇڏيائين، اهڙيءَ طرح گهڻئي عرب ڪسجي ويا.
ٻئي ڏينهن ڏاهرسين سفيد هاٿيءَ تي چڙهي ٻاهر نڪتو، ڌارين ۾ هڪ شجاع حبشي هو، جنهن کي راجا ڏاهر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪُڏُ کنيو، سو گهوڙي تي سوار ٿي راجا ڏاهرسين جي سامهون آيو. حبشيءَ جو گهوڙو هاٿيءَ کان ڇرڪڻ لڳو ۽ ٽهي پاسو ڪري ويو. حبشي هڪدم پڳ لاهي گهوڙي جون اکيون ٻڌي راجا جي هاٿيءَ تي حملو ڪيو ۽ سندس سُونڊ زخمي ڪيائين. مهاراجا ڏاهرسين هڪ ڪئنچي جهڙو دوشاخو تير ڏاهپ سان ڇڪي زور سان هنيو، جو حبشي پهلوان جو سر ڪلهن کان اڏائي ڇڏيائين. مهاراجا ڏاهرسين ۽ ان جي لشڪر جون صفون ئي چٽ ٿي ويون. منجهن وشواس پئجي ويو ته عرب هارائي رهيا آهن ۽ سپاهي ڀڄي رهيا آهن. چوڌاري عربن ۾ ڊپ ڇانيل هو ۽ هرڪو پاڻي پاڻي پڪارڻ لڳو.
اهڙي روزاني لڙائيءَ ۾ عربن ڏٺو ته مهاراجا ڏاهرسين کي لڙائيءَ جي ميدان ۾ جيتڻ مشڪل آهي، تنهن ڪري کيس دوکي سان مارڻ جو پروگرام رٿيو ويو. ڪن مردن زالن جو لباس پائي پڪاريو ته اسان کي محمد بن قاسم جا سپاهي گهلي وٺي وڃي رهيا آهن. مهاراجا ڏاهرسين هڪدم ميدان ۾ آيو. ائين اوچتو هن کي دوکي جو شڪار ڪيو ويو ۽ مهاراجا ڏاهرسين باهه جو بک ٿي ويو، پر هن جو ٻليدان اڄ ڏينهن تائين اسان کي اتساهت ڪري رهيو آهي.
مهاراجا ڏاهرسين جي ٻليدان جو سبب عرب نه، پر اهي ڀليل ڀائر ئي آهن، جن لوڀ، لالچ ۽ ڪانئرتا ۾ اچي ڌرم جو غلط ارٽ لڳائي عربن کي ساٿ ڏنو.
محمد بن قاسم سان مهاراجا ڏاهرسين جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ جئسين خوب چڪريون کاڌيون ۽ چيو وڃي ٿو ته انهن ئي چڪرين ۾ الور اندر محمد بن قاسم مري ويو هو. نڪي گڏهه جي کل ۾ پورائڻ سبب- ٿوري دير اندر وري سنڌ واسين عربن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ وري وطن واسين جو راڄ قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي نالي وارا راجا ٿي گذريا آهن.
نانڪ رام ايسواڻي
No comments:
Post a Comment