Sunday, 6 December 2015

پروفيسر عبدلله مگسي

پروفيسر عبدلله مگسي

سنڌ ۾ ”ميانوال تحريڪ“ عظيم وطن دوست سنڌي سپوت ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کان
شروع ٿئي ٿي. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي روحانيت ۽ سياست کي گڏ هلائڻ لاءِ
”ميانوال طريقت“ جو بنياد رکيو. جنهن جا ڪارڪن هاري طبقي سان وابسطه هئا ۽
جن پاڻکي ”فقير“ سڏرايو. جڏهن ”فقيرن“ جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو
۽ گذر معاش واسطي اُنهن کي زمين جي گهرج پوندي ٿي ويئي، تنهن کي هٿ ڪرڻ
واسطي خالي پيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ميان آدم شاهه اڳتي قدم وڌايو. جنهن
جي نتيجي ۾ ميان صاحب ۽ سندس ”فقيرن“ جي وڌندڙ مقبوليت ۽ مڃتا کي ڏسندي
ڀروارن زميندارن ۾ خوف ۽ خطرو پيدا ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري عوام دشمن زميندار
مغلن جي نائب(ملتان جي گورنر) سان ساز باز ٿي سازش ڪري ميان آدم شاهه جي
وڌندڙ طاقت(ميانوال تحريڪ يا هاري تحريڪ) کي روڪڻ لاءِ دستوري حربا استعمال
ڪرڻ لڳا. نتيجي ۾ ملتان جي سنڌ دشمن مغليه گورنر ڍل نه ڏيڻ کي موضوع
(بهانو) بنائي زميندارن جي سازشن ۽ چغلين تي ميان آدم شاهه کي قيد ڪرائي
ملتان آندو. ان قدم سان تحريڪ کي هيڪاري اُتساهه مليو. ان طرح نه صرف
ڪيترائي بلوچ قبيلا ڏينهون ڏينهن اُن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ لڳا، پر سماٽ
قبيلا پڻ وڏي تعداد ۾ تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيا ۽ هيءَ تحريڪ سنڌ ليول تي
وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳي. ان عوامي مڃتا کان خائف ٿي هن تحريڪ جي سرواڻ
ميان آدم شاهه ڪلهوڙي کي ملتان جي گورنر (مغلن جي نواب) ڦاسي جي سزا ڏني.
سندس لاش کي سکر ۾ آڻي هڪ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جنهن کي ”آدم شاهه جي
ٽڪري“ سڏيو وڃي ٿو، جتي مٿس هڪ عاليشان مقبرو اَڏيل آهي.
ميان آدم شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد دائود ۽ ميان محمد ابراهيم
ناتجربيڪاريءَ جي ڪري ”فقيرن“ کي پوريءَ طرح سنڀالي نه سگهيا، ڇاڪاڻ ته جڏهن
ميان آدم شاهه کي ڦاسي ڏني ويئي، تڏهن اُهي ٻئي ڀائر ننڍا هئا. کانئن پوءِ
جڏهن قيادت ميان الياس محمد بن ميان دائود جي هٿ هيٺ آئي ته اُها وري منظم
ٿيڻ لڳي. ميان الياس محمد جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ ميان شاهل محمد پڳ ڌڻي
ٿيو، جنهن پڻ ”ميانوال تحريڪ“ کي منظم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو. اُن جاکوڙ
جي نتيجي ۾ ميان شاهل محمد ملتان جي گورنر سان مردانه وار مُهاڏو اٽڪايو،
جنهن ۾ کيس شهادت نصيب ٿي.

No comments:

Post a Comment