Wednesday, 31 August 2011

مارئي هڪ ڪردار هڪ حقيقت

مارئي هڪ ڪردار هڪ حقيقت

23102009
سيد ڏنل شاهه راز
پهنوارن پاٻوهيو ، وريا واهوندا
سارام سيڻ سيد چئي ، گاڏيلُيون گُندا
ڀٽن ڀر هوندا ، ڀنگا ڀڙ ڀتارن جا !
شاهه
ساڻيهه ۾ سانوڻ جو سايو آهي، وڏڦڙي وسي وسي ويساندي ڏني آهي ، ڇاڇرو ، مٺي ، ڀالوا ۽ ڀوڏيسر ڀڄاءَ ڪارونجھر تان ٿي ڪڇ ڀُڄ ڏانهن هليو ويو آهي. اُٺي جي ٿڌڙي هير اُلهندي کان اچي پئي ، هرا جي هن تازي جھوٽي کي “واهوندو وريو آهي” چوندا آهن . ڪارونجھر جي ڪور تان مور اُڏامي ڀوڏيسر جي تلاءُ تا پاڻي پيو پيئي ،هڪ ٻڪراڙ ڀٽ تي ويهي بانسري پيو وڄائي ، ڀٽ تي سندس چاپايو مال پيو چري ، ڦوڳن ڦوڳي جھلي آهي ، روهيڙن رتا گل ٿر تي انڊلٺي رنگن جي ورکا لاهيو ويٺا آهن. پُسي ۽ پيرون پنهنجي وطن ۾ رنگبرنگي ڏاکاءُ ڏين ٿا. وهين ، بڙن ، ڳيرن ۽ ٻاٻيهن کٻڙن ۽ ڄارين ۾ پنهنجون پينگھون ٻڌيون آهن. لنب ڌرتيءَ تي سبز مخملي ميناڪاريءَ جو فرش وڇائي ڇڏيو آهي . ٻاٻيها ۽ تاڙا جھر جھنگ ۽ وانگين کي واڌايون پيا ڏين . ڪنڊين جي ڪڻڪن ۽ ڇيرن جي ڇڻڪار تي فطرت رقص ڪري رهي آهي . انهي خوبصورت منظر جو تصور مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ آڻي ٿي . مارئي جنهن جي پنهنجي مٽيءَ سان بي انتها محبت هئي ، سندس زندگي حب الوطني جي چٽي تصوير ۽ وطن پرستيءَ جو آئينو ۽ اُهڃاڻ آهي . مارئي جھڙو امر ڪردار دنيا ۾ ملڻ نه رڳو مشڪل پر ناممڪن پڻ آهي . مارئي جنهنن عمر جي عاليشان بنگلن جي ڀيٽ ۾ ٿر جي ڪکائن ڀونگن کي ترجيح ڏني ! جنهن پلنگن ۽ پٿراڻين جي ڀيت ۾ واريءَ جي وڇاڻي کي ترجيح ڏني ! جنهن ست رڇن طعامن جي ڀيٽ ۾ ڏونرن ۽ ڏُٿ کي ترجيح ڏني ! جنهن بخمل ۽ بافتن جي ڀيٽ ۾ جھنگ جي ولين کي ترجيح ڏني .
ورسي وطن ڄايون ، صحرا سَرجن
گولاڙا ۽ گگريون ، اوڇڻ اناڻن
ويڙهيا گھمن وليئين ، جھانگي منجھه جھنگن
مونکي ماروئڙن . سُڃ ڳڻائي سيج ۾
مارئي جو حب الوطنيءَ جو اهم اصول ۽ انمول خزانو آهي . هي حب الوطنيءَ جو اڻ کٽ سرچشمو آهي
ٿرڄائي مارئي جو ڪردار هڪ اهڙو روشن چراغ آهي جنهن جي نوراني روشني ذريعي هڪ گمراهه انسان ۽ انجو ڀٽڪيل روح اونڌاين ۽ تاريڪ راهن ماجھان نهايت ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان مٽيءَ جي مُٺ کي منعى بخشي ٿو ۽ سرکي جھڪاءِ مٽي ماءُ جي مقدس قدمن کي چمي ، دل جي ڪنهن پراسرار گوشي ۾ ڌرتيءَ جو ڌنڌلو عڪس پسي ، پنهنجو پاڻ کان پڇي ٿو ، “الءَ ڇو متي ۽ ماءُ محترم ۽ مقدس آهن” . ڇا مٽي انهي ڪري مقدس آهي جو ماءُ کان پوءَ مٽي ئي پنهنجي جيءَ ۾ هميشه لاءِ جاءِ ڏي ٿي. پوءِ ڇو ڪي بي واها ۽ وحشي انسان پنهنجي مٽي ۽ ماڳ ڇڏي ٻئي هنڌ هليا ويندا آهن. پيٽ جي بک اُجھاءِ ۽ رنگ جي اڳڙي حاصل ڪري ويهي رهندا آهن ته کين وري وطن يادئي نه ايندو آهي مگر هن ٿرياڻيءَ اهڙن احمقن ۽ غدارن کي صاف لفظن ۾ چيائين ته ،
ڇلي ڇڏ م َ ڇپرين ، ڏلي ڇڏ م َ ڏيهه
پسي وڻ وطن جا ، وڙڪيو اچي ويهه
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

دنيا جي هن عظيم ، عجيب ۽ خوبصورت خطي ٿي کي اها سعادت حاصل آهي جو مارئي جهڙي پاڪ دامن عورت هتي پيدا ٿي. جنهن لوڀ ۽ لالچ تي هرکڻ بجاءِ ٿر جي لوئي جي لڄ سلامت رکي ، جنهن پٽ راڻي ٿي عمر سومري کي ور ڪرڻ بجاءِ “کٿروئي خوب ۽ ميرو ئي محبوب ” جي هام هنئي ! جنهن سونهن ، سچ ۽ سُڳنڌ کي ٽڪو به لڳڻ ڪونه ڏنو.جنهن سنڌ جو غيرت جي حوالي سان دنيا ۾ مان مٿانهون ڪيو. جنهن ٿر واسين کي مان ۽ مرتبو بخشيو ، عزت ، نفس ۽ وقار قائم رکيو. جنهن خودداري ۽ ضمير کي زندهه رکي ٿر واسين بلڪه سنڌ واسين جو اقوام عالم ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو .
دنيا ۾ ڪير هئي ۽ اڃان به ڪير آهي جنهن بادشاهت کي ٿڏي مارئي وانگي وطن لاءِ واجھايو هجي !؟ هن عظيم عورت جي هانءُ ۾ ايتري حب الوطني ۽ همت هئي جو ظالم جي زور ۽ زبردستي، ظلم و تشدد کي للڪاريندي رهي پر پنهوارن جي پچار ڪونه ڇڏيائين
جي لوڻ سگي لاهين ، چيري چيري چم
مون ڪر اڳي نه ڪيو ، اهڙو ڪوجھو ڪم
جان جان دعوى دم ، تان تان پريت پنهوارن سين

اسان غداريءَ جا به ليڪا لتاڙي، بين القوامي غدارن جي لسٽ ۾ نانءُ لکائي چڪا آهيون. اسان وطن جي حب جي دعوى ۾ دنيا کي مان ڏيئي چڪا آهيون . اسان حب الوطنيءَ جا ليبل لڳائي ديس جي ديوار جي تر جي سر ڪڍون ٿا پوءِ به اسانکي ڪجھه ڪونه چيو وڃي ٿو ۽ اسانکي ان غداريءَ جي عيوض خان صاحب ، خان بهادر۽ هزهئينس جهڙن لقبن سان نوازيو وڃي ٿو . اسان مارئي جا وارث سڏائي مارئي جي مٽيءَ کي ڀڳڙن مٺ نيلام ڪريون ٿا ! اسان هر چمڪندڙ شيءَ تي وڪامندي دير ئي نٿا ڪريون! اسان ڌرتي ماتا کي سري عام نيلام ڪندي فخر محسوس ڪريون ٿا! اسان غيرت جي گود ۾ غوش نشين ٿي مٽي ماءُ کان منهن مٽي ساڻيهه جي سودي تي صحيحون ڪريون ٿا! اهڙن ديس جي دلالن ۽ مٽيءَ جي منافقن لاءِ مائي هينئن چئي ويئي آهي
هي منهن ڏيئي ٻن ، تون وه کائي نه مرين
تان جي ملير ڄايون ، تسين سنڱ ڪن
تون ڪيئن منجھان تن ، پاڻ ڪوٺائين مارئي

مارئي جتي حب الوطنيءَ جو اعلى اهڃاڻ آهي اتي ديس جي خوشحالي ۽ داخلي قاعدن ۽ قانون بابت به سندس هڪ منفرد Concept آهي ، جيڪو هڪ اعلى آدرش رکندڙ وطن پرست جو هوندو آهي . مارئي هڪ اهڙو خوشحال ۽ آزاد وطن چاهي ٿي جنهن ۾ آجپو ۽ آزادي هجي. اهڙو وطن جيڪو هر ڏاڍ ۽ ڏمر ، ظلم ۽ جبر کان پاڪ هجي ، جتي عزت نفس سلامت هجي ، حاڪم رعيت تي رُعب بجاءِ انهن کي پنهنجو اولاد سمجھي.
هوءَ اهڙي وطن ۾ رهڻ بجاءِ وطن ڇڏڻ کي ترجيح ڏي ٿي ، جنهن ۾ چوڪيدار چور ٿي وڃي! دوستيءَ جي دعويدار دوکا ڏين ۽ حاڪم رعيت جا حق ڀڃين ! اهڙي عمل کي مارئي هڪ ڀوائتو تصور سمجھي ٿي ڇاڪاڻ ته “جهان نهين چينا، وهان نهين رهنا”
پنهنجي “ماتر ڀومي” لاءِ ته مارئي رات ڏينهن رُني پر حاڪم جوحوس ۽ ڏهڪاءُ ڏسي مارئي هينئن به چيو ،
ج سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي دير
ته ماروئڙا فقير، رهي رهندا ڪيترو”
يا
ج سي لوڙائو ٿيا، جنين ڀر رهن
ته ماروئڙا ٿرن ، رهي رهندا ڪيترو”
ڏسو مارئي جي وطن دوستيءَ جو اعلى مثال: عمر جي ڪوٽ ۾ آهو وهم وڪوڙي وڃيس ٿوته ساڻيهه جي سرتين ڪٿي اهو نه سوچيو هجي ته مارئي مال تي هرکي، ملير کي وساري عمر سان شادي ڪري راڻي ٿي ويهي رهي ، ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ، سرتيون ڪٿي اهو نه سمجھن ته مارئي لالچ ۾اچي وطن سان غداري ڪري ساڻيهه جو سودو ڪري ڇڏيو هوندائين، ساڻيهه واسين جي سچائي ۽ سيل کي ٽڪو ڏنو هوندائين ، تنهن ڪري مونسان منهنجيون ماروئڙيون ناراض هونديون ، وري به پنهنجي دل کي دلاسو ڏي ٿي ته:
“مونسين مروئڙيون ، ڪهڙي ريت رُسنديون
چوٽيءَ ۾ چيڙ پيو ، پئم رت ڄيون
نيڻين ننڊ وه ٿي ، ساري ساڏوهيون
هتي جي هيون ، ته سڌ پين سيل جي ”
مارئي جي جدوجهد ڪوڙ جي ڪوٽ کي ڪيرائڻ هئي

تاريخ جي تاتارين هميشه دل وارن جي ديس تي دٻدٻي ۽ دهشت سان حاوي ٿي حڪومت ڪئي آهي. ملڪ جي ماڻهن جي مرضيءَ خلاف ڪيئي عمر سومرا مسڪين ماروئڙن کي ڏيهه کان ڏور ڪري نه رڳو ڪوٽن ۽ ڪلفن ۾ قيد ڪن ٿا پر مارئي جي ملڪ جي ماروئڙن جي نڙيءَ تي ننهن ۽ پيٽ تي لت ڏيئي هڙئي حق هڙپ ڪن ٿا. جڏهن وقت جا واسينگ ڏيهه واسين کي ڏنگين ٿا مارئي جي من جا مور ڪارونجھر جي ڪور تي ويهي ڀوڏيسر ۽ ڀالوا جي ڀون بابت لطيف جي لفظن ۾ سا سٽ ساري ٿو جيڪا ڪڏهن مارئي عمر جي اچڻ کان اڳ۾ چئي هئي.
جڪين جھل نڪين پلن ، نڪين رائر ڏيهه ۾
آڻيو وجھن آهرين ، روڙيو رتا گل
مارو پاڻ املهه ، ملير ته مرڪڻون
هن وطن پرست عظيم عورت حد کان مٿي بيحد جي ميدان ۾ وطن ۽ وطن واسين سان محبت جا اعلى اقرار ڪيا آهن. دنيا جي وڏن فلاسافرن کي پوئتي ڇڏي زمان ۽ مڪان جون حدون اورانگھي چئي ڏنائين.
الست برتلم” جڏهن ڪن پيوم
“قالونلى قلب سين” تڏهن تت چيوم
تڏهن وير ڪيوم ، وچن ويڙهيچن سين

مارئي پنهنجو اول ۽ آخر ، ايمان ۽ عقيدو ، ڪعبو ۽ قبلو ، جيئڻ ۽ مرڻ ، ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن جي محبت جي مالها ۾ پورو پروئي ڇڏيائين. عقل ۽ علم کان اڳتي عشق جي انتها ۾ پهچي ماروئڙن جي محبت ۽ نينهن جي نشي ۾ جھانگين سان جڙن جون ڳالهيون ڪيون اٿن . جو دنيا جو هر نظريو جيڪو حب الوطنيءَ بابت آهي سپ مارئي جي نظريي جي ڀيٽ ۾ نيچ محسوس ٿئي ٿو. عمر جا آرڊر ۽ امر ، حڪم ۽ حيلا هن محڪوم ، لاچار، هيڻي ۽ بيوس جي اڳيان بيڪار ثابت ٿين ٿا.جڏهن هوءَ ماروئڙن سان محبت جو انوکو مثال ڏي ٿي:
آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنهوارن پچار
جڙ جنين جي جان ۾، لڳي ري4 لوهار
ميکون محبت سنديون ، هينئڙي منجھه هزار
پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا
جڏهن هن جڏيءَکي ديس کان دوريءَ جو احساس انتها تائين ستائي ٿو تڏهن ڏکن جا ڏينڀوڏنگين ٿا ۽ نااميديءَ جا نانگ عمر جي آرڊر تي هن ڦريل کي ڦوڪين ٿا، تڏهن هن جي دُکي دل کي پنهوارن نه پسن جي پڪ ٿئي ٿي ، ته شايد، هاڻ مئي کانپوءِ ئي وطن وڃان ۽ پوءِ مارئي وطن دوستيءَ ۽ مٽيءَ سان محبت جو هڪ اهڙو سنيهو سڻائي ٿي جنهن جي سڳنڌ روح پاتال تائين محسوس ٿئي ٿي.
حب الوطنيءَ جي اهڙي حقيقت دنيا جي تارخ ۾ ڪونه ٿي ملي. مارئي جون جڏهن جيئري وطن ورڻ جون آسون ۽ اميدون الوپ ٿيندي محسوس ٿين ٿيون تڏهن هن بيوس ۽ لاچار موت کي منعى ڏيڻ خاطر مرڻ پڄاڻان به وطن ورڻ جو خيال دل ۾ هري ٿو.
وطن جي ولين ۽ وڻن جو واس، ساڻيهه جي سڳنڌ ۽ اباڻن جي اُڪنڊ، مٽيءَ جي مهڪ ۽ ماروئڙن جي ڇڪ من اندر ماتام مچائي ٿي. پڇاڙي تائين مارئي جي اها خواهش رهي ٿي ۽ ان جي هوءَ اظهار به ڪري ٿي. اي عمر سومرا ! جيڪڏهن تنهنجي هن ڪوٽ ، هن قيد خاني م منهنجو موت واقع ٿئي ته منهنجو جسم خاڪي ٿر پڄائجان ته جيئن منهنجي قبر پنهنجي ماروئڙن ۽ پنهوارن سان گڏ ٿئي ته هن مصيبت جي ماريل کي معراج نصيب ٿيو.
واجھاءَ وطن کي ، جي آئون هت مياس
ته گو منهنجي سومرا ، ڪج پنهوارن پاس
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه ، منجھان ولڻين واس
ميائي جيس، جي وڃي مِڙهه ملير ڏي

Tuesday, 30 August 2011

پاڻ سڳورا صلى الله عليه و آله وسلم ، امام حسن مجتبى عليه السلام سان سڀني کان وڌيڪ محبت ڪندا هئا

عبدالله بن عبدالرحمن بن زبير کان روايت آهي ته امام حسن عليه السلام نبي ڪريم صلى الله عليه و آله وسلم جن جي خاندان ۾ سڀني کان وڌيڪ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي همشڪل هئا ۽ پاڻ سڳورا صلى الله عليه و آله وسلم ، امام حسن مجتبى عليه السلام سان سڀني کان وڌيڪ محبت ڪندا هئا . راوي جو چوڻ آهي مون ڏٺو ته رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جن سجدي ۾ هئا ته امام حسن عليه السلام پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي ڪلهي مبارڪ يا پٺن تي سوار ٿيا ۽ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم تيستائين امام حسن عليه السلام کي پنهنجي پٺن تان نه لاٿو جيستائين امام حسن عليه السلام پاڻ نه لٿا ۽ مون اهو به ڏٺو ته جڏهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم رڪوع ڪندا هئا ته پنهنجن پيرن مبارڪن کي ايترو کولي رکندا هئا جو امام حسن عليه السلام هڪ طرف کان ٻئي طرف وڃي سگهن

پاڻ سڳورا صلى الله عليه و آله وسلم ، امام حسن مجتبى عليه السلام سان سڀني کان وڌيڪ محبت ڪندا هئا .

عبدالله بن عبدالرحمن بن زبير کان روايت آهي ته امام حسن عليه السلام نبي ڪريم صلى الله عليه و آله وسلم جن جي خاندان ۾ سڀني کان وڌيڪ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي همشڪل هئا ۽ پاڻ سڳورا صلى الله عليه و آله وسلم ، امام حسن مجتبى عليه السلام سان سڀني کان وڌيڪ محبت ڪندا هئا . راوي جو چوڻ آهي مون ڏٺو ته رسول خدا صلى الله عليه و آله وسلم جن سجدي ۾ هئا ته امام حسن عليه السلام پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم جي ڪلهي مبارڪ يا پٺن تي سوار ٿيا ۽ پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم تيستائين امام حسن عليه السلام کي پنهنجي پٺن تان نه لاٿو جيستائين امام حسن عليه السلام پاڻ نه لٿا ۽ مون اهو به ڏٺو ته جڏهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم رڪوع ڪندا هئا ته پنهنجن پيرن مبارڪن کي ايترو کولي رکندا هئا جو امام حسن عليه السلام هڪ طرف کان ٻئي طرف وڃي سگهن

Monday, 29 August 2011

سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڀٽو جي عروج واري دور ۾ لکيو هو .. ظفر سنڌي

October 6th, 2010
سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڀٽو جي عروج واري دور ۾ لکيو هو ته جستائين ڀٽو صاحب بيغرت ٿي، اقتداري حوس خاطر سنڌي مفادن کي نقصان پهچائي سندن حڪم قبول ڪندو ايندو، ان وقت تائين هو کيس ڪرسيءَ تي سلامت رکندا ايندا. پر جهڙيءَ طرح هنن کهڙي صاحب کان ون يونٽ ڪرائي ٻن مهينن کان پوءِ هن کي وزارت اعليٰ تان هٽائي ڇڏيو، اهڙي طرح ساڳي حالت ڀٽي سان به ڪندا. ان حالت ۾ هو نه پاڻ بچائي سگهندو ۽ نه پاڪستان کي.ان ساڳي شخص پاڪستان (پنجاب) جي ڀلائي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو پر ڪم لهڻ کان پوءِ رات جي اونداهيءَ ۾ سندس لاش سنڌ جي حوالي ڪيو ويو. تاريخ جي بدقسمتي بس اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي. ان جي وارثن وري هن جي قاتلن کي ظاهر ڪرڻ بجاءِ انهن جي ئي ڳٺ جوڙ سان حڪومت هٿ ڪئي. تڏهن ياد اچن ٿا مغل حڪمران جن جي اقتدار جي حوس به بي حساب هئي. هر حڪمران جي تخت تي ويهڻ جي شروعات سڀ کان اڳ پنهنجي پيءُ، ڀاءَ يا ڪنهن مائٽ جي قتل يا قيد سان ٿيندي هئي. نهرو هڪ هنڌ لکيو آهي ته اقتدار جي حد کان وڌيڪ حوس ڪنهن انسان کي ايترو نيچو نوائي ٿي جو ان جي اڳيان سڀ آدرش ادنيٰ ۽ اقتدار اعليٰ بنجي وڃن ٿا.
هن ملڪ ۾ اسان سنڌين جي بدقسمتي ڏسو، اسان کي تاريخ اجهو هيئن ٿي پڙهائي وڃي، ”باھ جي ڀڙڪڻ تي هاٿي ٽهي ڪافرن جي لشڪرن جون صفون هيٺ مٿي ڪري ڇڏيون. جنهن تي انهن ذليلن پاڻ کي پاڻيءَ ۾ اڇلايو.“ هن جملي ۾ ذليل سنڌين کي چيو ويو آهي. يعني اهي سنڌي ذليل هئا جن پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ مزاحمت ٿي ڪئي ۽ اهي وري اسلامي سورما هئا جيڪي هزارين ميلن کان گگ ڳاڙيندا اچي سنڌ جي دولت لٽڻ لاءِ پهتا هئا. اهڙي تاريخ پڙهي ۽ سنڌ جي روڊن رستن جي نالن کي انهن وحشي حمله آورن جي نالن سان منسوب ڏسي اسان جو نوجوان جيڪو پرائيندو تنهن جو اندازو آساني سان ڪري سگهجي ٿو. اها تاريخ سنڌ جي سورمن لاءِ انتهائي گندا لفظ استعمال ڪري ٿي. جڏهن راجه ڏاهر کي شهيد ڪيو وڃي ٿو ته تاريخ جا جملا اجهو هيئن لکيل آهن، ”ڪافر جهنم رسيد ٿيو.“
ماضيءَ جي سنڌ مذهبي متڀيد کان پاڪ ۽ سيڪيولر صوفي رهي آهي، پر سنڌ جي اها سڃاڻپ پاڪستان ۾ شموليت کان پوءِ ڳولي نٿي لڀي. دنيا جي سمورن خطن ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هاڻ پاڪستان جي حوالي کان جدا نه آهي. ان ڪري سنڌ جي سڃاڻپ مذهبي انتهاپسندي، مذهبي فرقيواريت، پاڙيسري ملڪن سان دشمني، طالبان نواز بنياد پرستن جي حامي ۽ سموري دنيا جي مذهبي انتهاپسندن جي پناه گاھ واري آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ وڃي ڏسو يا انٽرنيٽ تي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهوءَ سان گفتگو ڪري ڏسو. اوهان کي چڱيءَ ريت اندازو ٿي ويندو ته سنڌين جو پنهنجو تاريخي تشخص ڪيئن ميسارجي رهيو آهي!

Sunday, 28 August 2011

حيلم باغي جي شاعري


حيلم باغي جي شاعري

ڪم ظرف جي ويڪوءَ فطرت تي احساس ملامت ڪئي هوندي
چانديءَ جي چمڪ تي وڪجي ويو، ضمير عدالت ڪئي هوندي

زنجير جو کڙڪو چپ ٿي ويو، تو کي ته اڃان پر ڏڪڻي آ
پڪ ڄاڻ تو جھڙي ڪنهن ماڻهوءَ قانون جي اطاعت ڪئي هوندي

رت جنهن کي سانڍي سوچين ٿو ۽ هارڻ کان لهرائين ٿو
او رت پڄارا تو کي به ڄڻي ڪنهن ماءُ سخاوت ڪئي هوندي

او ساٿ ڌڻي جي واڳ وٺين ۽ واڳ وٺي جي واٽ وٺين
هت چؤواٽن تي چنڊ کڙيا ــ جي ڪنهن به واردات ڪئي هوندي

اڄ دار جي پاران دز اڏي منصور، وري ڪو دار چڙهي
ڪنهن جي ته سسيءَ هن وقت ميان موسم تي عنايت ڪئي هوندي

رُت ڦرڻي آ سا ڦرندي پئي، هڪ ڳالهه ته ماڻهو ڄاڻن ٿا
تاريخ ڦري يا ڀل نه ڦري، باغيءَ ته بغاوت ڪئي هوندي

راجا ڏاھر بن راجا چَچ (برھمڻ گھراڻو سنڌ) ـ ڪتاب سنڌ جا سورما سائين جي ايم سيد


راجا ڏاھر بن راجا چَچ
(برھمڻ گھراڻو سنڌ)

سورھيه مربن سوڀ کي،ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا،وڙھ ڀاڪرين،آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيخ ترار،مار ته متارو ٿئين.
                                (شاھ)
       سرزمين سنڌ دنيا جي قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن مان ھڪ آھي،ان دنيا جي عام دستور موجب گھڻا لاھا چاڙھا ڏٺا آھن. ان جي قديم عظمت جا نشان، آمري ، ڪوٽ ڏيجي ۽ موھن جي دڙي جي يادگارن ۾ اڃان تائين موجود آھن. ان تي ڪجھ وقت ملڪي حاڪمن جي حڪومت پئي رھي آھي ته ڪو وقت ڌارين جي قبضي ھيٺ اچي ان کي ڏکيا ڏنھن ڏسڻا پيا آھن. ان جي تاريخ جي پوريءَ طرح خوجنا نه ٿي سگھي آھي،پر نزديڪ سنڌي تسلط جو دور راءِ سھلسي ۽ چچ گھراڻي حڪومتن جو ھو.
       چچ گھراڻي کي برھمڻ حڪومت به سڏين ٿا.ان گھراڻي جو آخري حاڪم راجا ڏاھر چچ جو ننڍو فرزند ھو. راجا چچ 52 ھ مطابق 672ع تي وفات ڪئي. ان بعد راجا چندر ، سنڌ جو والي ٿيو. جنھن اَٺ سال حڪومت ھلائي 60ھ مطابق 680ع تي وفات ڪئي. ان کان پوءِ راجا ڏاھر سنڌ جي حڪومت گاديءَ تي ويٺو ، جنھن نھايت دانشمندي ، ھمت ۽ خوش اسلوبيءَ سان 32سال حڪومت ڪئي. جنھن کان عرب بنو اميه سامراج جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي جي نياڻي محمد بن قاسم حڪومت وٺي سنڌ تي ڌاريون تسلط قائم ڪيو.
راجا ڏاھر حڪومت جي واڳ وٺندي ھڪ سان اندر چئو طرف حڪومت کي مظبوط ڪرڻ لاءِ قدم کنيا. سندس گاديءَ جو شھر لور ھو.اتان ھن پھرين اڀرندي سنڌ ڏي برھمڻ آباد ۾ اچي سندس ڀاءُ ڏاھر سين کي مڪاني حڪومت سپرد ڪري پوءِ مڪرار طرف روانو ٿيو، جتي مڪاني حاڪم سان لاڳاپا قائم ڪري موٽي الور آيو. اھڙي طرح ھن سندس پيءُ راجا چچ جي ڏينھن واري ساري سلطنت تي ملتان سوڌو تسلط قائم ڪري ورتو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ اندر مضبوط حڪومت قائم ٿي ۽ امن امان رھيو.
ان وقت عرب ۾بني اُميه گھراڻي جي حڪومت ھئي،جن جي ھڪ حاڪم يزيد بن معاويه رسول صلعم جي ڏھٽي امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪرائي ان جي لاش گھوڙن کان چٿرائي سندس سر مبارڪ نيزي تي چاڙھي مھينن تائين ملڪن ۾ گھماريو ھو.امام حسين عليه جي فرزند ۽ خاندان جي عورتن کي قيد ڪرائي دمشق گھرايو ھو.انھئَ گھراڻي عبدالله بن زبير کي حرم ڪعبه ۾ قتل ڪرايو ھو،از انسواءِ ڪيئي ظلم ڪيا ھئا.
راجا ڏاھر جي ڏينھن ۾ انھئَ گھراڻي جو حاڪم عبدالملڪ بن مروان عرب جو بادشاھ ھو. ان جو سپھ سالار حجاج بن يوسف ثقفي وڏو ظالم ، قاتل ۽ بي رحم ھو جنھن اھل بيت رسول تي اڪيچار ظلم ڪيا ھئا ۽ بيشمار مسلمانن جو سندس ھٿان خون وھيو ھو.انھن ڳالھين کا تاريخ دان بخوبي واقف آھن.
امام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ جي مڪاني رد عمل پيد ٿيا تن کي سختيءَ سان دٻائڻ بعد جڏھن بني اُميه گھراڻي جو تسلط ساري عرب تي ويھي ويو ته ھنن سندن سامراج کي وڌائڻ لاءِ چئوطرف حملا ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيا.
عربستان جو گھڻو حصو ريگستاني آھي،اتي جا رھاڪو سواءِ ٻن مکيه شھرن مڪي ۽ مديني جي بدويانه زندگي گذاريندا ھئا. ان ۾ رھندڙ قبيلا اڪثر پاڻ ۾ وڙھندا رھندا ھئا. ان ڪري جنگجويانه ذھنيت سندن سرشت ۾ سمايل ھئي. اتي جا رھاڪو گھڻو ڪري قديم قبيلائي مذھبن جا پوئلڳ ھئا جن جي خدائيءَ جا بت ڪعبي ۾ رکيل ھئا .پر ڪي منجھانئن ڪرستان ۽ يھودي ھئا.ضرورت زندگيءَ لاءِ ھو شام ۽ عراق سان قافلن ذريعي واپار ڪندا ھئا.
رسول مقبول صلعم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ به ھنن مان روم ۽ ايران جي شھنشاھن طرفان جنگي لشڪر لاءِ ڀرتي ٿيندي ھئي.ھتي جي رھاڪن جو زياده تر گذران مال چارڻ تي ھوندو ھو.سندن زندگي اڪثر ڪري تنگ گذرندي ھئي.رسول مقبول جي پيدا ٿيڻ تي ھنن کي نئين مذھب جي نالي ۾ متحد ڪري ھڪ مرڪزي حڪومت ھيٺ منظم ڪيو ويو.جنھن ڪري ھنن جي طاقت ۽ حوصلو وڌي ويو.
حضرت رسول ڪريم جن جي رسالت جا ٻه مقصد ھئا:
ھڪ ماڻھن جي ذھني تربيت ، نفسياتي اصلاح ۽ اخلاقي درستئَ جو ھو.
ٻيو امن امان رکڻ ، ملڪي نظام ۽ ماڻھن جي گذراني مسئلن جي حل ڪرڻ جو ھو.
پيغمبر خدا جي موجودگئَ ۾ ٻئي ڪم خوش اسلوبئَ سان سرانجام ٿيندا رھيا ان جي انتقال کانپوءِ سندس پوئلڳ ٻن راين ۾ ورھائجي ويا.
ھڪڙي جو رايو ھو ته مٿين ذڪر ڪيل پھرئين مقصد کي جو مذھب جو بنيادي متو ھو ترجيح ڏني وڃي.
ٻين جي راءِ ھئي ته عرب جا ماڻھو اڃا سندن بدويانه عادتون،قبيلائي اختلاف پراڻا اعتقاد ۽ رسم رواج پوريءَ طرح بدلائي نئين مذھب جي عقيدن ۽ دستور سان مانوس نه ٿي سگھيا ھئا. تاريخ ۾ پھريون دفعو انھن ۾ اتحاد ۽ مرڪزيت قائم ٿي ھئي جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ طاقت جي استعمال کي گھڻو دخل ھو ان ڪري سڀ کان زياده توجھ ٻي مقصد جي سرانجامئَ طرح ڏيڻ گھرجي. پھرئين جو واسطو مستقبل جي ڳالھين سان ۽ ٻئي جو حال سان ھو. مستقبل جو مدار حال تي رھي ٿو،ان ڪري ٻئي گروھ کي ڪاميابي حاصل ٿي.
عرب جا ماڻھو غريب ھئا ، انھن جي يڪشت رکڻ ۽ قبيلائي اختلافن کان سندن توجھ ھٽائي ٻئي طرف ڪرڻ لاءِ راءِ جي ڪارڪنن ضروري ڄاتو ته ڀر وارن آباد ۽ سرسبز ملڪن کي قبضي ۾ آڻي انھن جي سرمائي سان ھتي جي رھاڪن جي گذران جو انتظام ڪجي.
نئين مذھب انھن ۾ اتحاد ۽ جذبه جنگ اڳي پيدا ڪيو ھو از انسواءِ ٻين سرسبز ملڪن جي ملڪيت ۽ پيدائش گذران لاءِ ھٿ ڪرڻ جي خيال منجھن ٻاھرين ملڪن فتح ڪرڻ جي خواھش پيدا ڪئي. حضرت عمر رضه جي ڏينھن ۾ ڀروارا سکيا ملڪ شام،عراق،مصر ۽ ايران فتح ٿي چڪا ھئا.
انھن فتحن عرب جي تنگدست ماڻھن کي سکيو ھڪ طرف بنايو ته ٻئي طرف ھنن جي جنگي قوت ، قومي وقار ۽ عزت جو ڌاڪو وھاري ڇڏيو. پھرين ٻن خليفن جي ڏينھن ۾ ڪي اخلاقي معيار ۽ رسول مقبول سلعم جي روايات قائم رکڻ جي ڪوشش ٿي . ليڪن مل ۾ ناراضگي ايتري وڌي جو ان مان ھڪ خليفو قتل ٿي ويو.
پئسا ، ملڪيت ۽ گذر جي فراواني جيڪڏھن زندگيءَ کي سھل بنائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ته انھن جي ڪري ڪي خرابيون به پيدا ٿين ٿيون. نتيجو اھو نڪتو ته حضرت علي عليه السلام جي شھادت کان پوءِ قبيلائي اختلافن ۽ اقتدار جي حصول عربن ۾ خانه جنگي پيدا ڪري ڇڏي. نيٺ بني اُميه خاندان ٻين سڀني گروھن کي زور سان دٻائي سمري طاقت جو مالڪ بنجي ويٺو.
شيخ سعدي عليه الرحمته چيو آھي ته :
ھفت اقليم ازبگيرد بادشاھ ، ھم ڇنان در بند اقليم دگر،
نيم نان گر خورد مرد خدا،بزدل درويشان کندنيم دگر.
(معنيٰ : بادشاھن جي ستن ملڪن فتح ڪرڻ بعد به طمع جھڪي نٿي ٿئي ۽ وڌيڪ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو،ليڪن درويش ھڪ مانئَ مان اڌ کائي ٻئي لاءِ اڌ بچائي رکي ٿو.)
عبدالملڪ جي ڏينھن ۾ خانه جنگي گھٽ ٿي اندروني انتظام درست ٿيڻ بعد ھن بني اُميه سامراج کي وڌائڻ لاءِ رٿون رٿيون. نالو اسلام جو ھو ، مقصد فتح ڪرڻ ،ڦر لُٽ ڪرڻ ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ھو. ڪن مسلم تاريخدانن جو چوڻ آڳي ته رسول مقبول کان پوءِ خلافت ۽ اسلامي حڪومت ئي ڪانه ٿي آھي. پر ڪن جو چوڻ آھي ته خلفاءِ راشدين جي ڏينھن ۾ ٿورو گھڻو رسول مقبول جي روايات کي خيال ۾ رکيو ويندو ھو.ان کان پوءِ حڪومتون اسلامي نه رھيون.بلڪ نالي ۾ سلطان بادشاھن جي ھٿن ۾ پئي رھيون جن سندن شخصي ، قبيلائي ۽ گروھي مفاد لاءِ پئي حڪومتن کي ھلايو.
عبدالملڪ جي دور ۾ ان پوئين گروھ جي مفاد خاطر حڪومت ھلي رھي ھئي،تاريخدانن کي پتو آھي ته سندن سپھ سالار حجاج بن يوسف جيڪي ظلم ۽ قتل عام ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، آزاد ماڻھن کي غلام بنائڻ جا ڪيا ھئا.
ٻئي گروھ جو چوڻ ھو ته اسلام ھڪ نئون مڪمل عالمگير دين ٿي آيل ھو.ان جي اچڻ بعد ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا ھئا ھن نئين دين جا مکيه متا توحيد،نماز،حج ،زڪوات ۽ روزو ھئا. انھن متن ۾ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوريءَ دنيا ۾ ماڻھن مٿان مسلط ڪرڻ ھو جنھن عمل کي جھاد جي نالي سان سڏيائون ٿي ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙھائي ڪري خونريزي ڪرڻ ، ان تي قبضو ڪرڻ ، ڦر لٽ ڪرڻ ، مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري ٻڪرين وانگر وڪڻڻ وغيره ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي.
انھن ٻن گروھن مان پوئين جي عقيدن ۽ ڪارگذاري کي ڏسي غير مسلم عالمن ۽ تاريخ دانن اسلام کي ڊاڪن،لٽيرن،عيش پرستن جو مذھب ظاھر ڪيو ٿي. ھنن جو چوڻ ھو ته ماڻڳو ان ۾ تلوار جي آڌار تي زور زبردستئَ سان داخل ٿيا ھئا ورنه ان مذھب ۾ ڪھڙي سٺي ڳالھ ھئي جو اھڙي مذھب ۾ شامل ٿين ھا.ان قسم جي غلط فھمين کي دور ڪرڻ لاءِ مسلم عالمن ۽ درويشن ظاھر ڪيو ته صحيح اسلام اھو آھي جو پھرئين گروھ ٿي ظاھر ڪيو. پوئين دور ۾ سر سيد احمد خان ۽ خواجه ڪمال الدين جا ڏنل جواب پڙھڻ جي لائق آھن. سندن چوڻ ھو ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪونه ٿيو ھو بلڪ تاليف قلوب،بھترين اصولن ڪري اھو ماڻھن قبول ڪيو ھو. مسلمان حاڪمن طرفان جيڪا ملڪ گيري ، ڦرلٽ ۽ ٻيا ظلم ٿيا ھئا انھن جو اسلام سان تعلق ڪونه ھو.ملا جي اسلامي تشريح صحيح نه ھئي.
اڃان تائين مسلمان ساڳئَ طرح ٻن راين ۾ ورھايل آھن. جن مان ھڪ کي ملا جو گروھ ۽ ٻئي کي در ويشن جو گروھ سڏجي ٿو.اسان جو واسطو درويشن جي گروھ سان آھي تنھن ڪري محمد بن قاسم جي ڪارنامن کي اسلام سان واسطو رکندڙ نٿا تسليم ڪريون نه ان کي عازي نه اسلام جو علمبردار سڏڻ لاءِ تيار آھيون. بلڪ ان کي غاصب،سنڌين جي آزادي ، عصمت ، مال ،ملڪيت جو دشمن ۽ لٽيرو سمجھون ٿا.جنھن نه صرف سنڌ جي مردن ۽ عورتن کي غلام ڪري وڪرو ڪيو ۽ ملڪيت ڦري ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪيو پر اھلبيت رسول جو دشمن ، عياش،اسلام جي بنيادي اصولن جي خلاف ۽ مسلمانن جو قتل عام ڪرائيندڙ ھو.
اسان رسول مقبول صلعم کي رحمته العالمين سمجھون ٿا. ان جا ٻه قول اسان جي ڪنن ۾ اڃان تائين گونجي رھيا آھن .
 ھڪ ! ” حب الوطن من الايمان“ وطن جي محبت ايمان جو جزو آھي.
ٻيو ته ” سنڌ جي طرف کان کيس ٿڌي ھير ٿي لڳي.“
ڇا ان تعليم ھوندي اسان سنڌ جي محبت کي جائز ٺھرائيندي ان تي ڌارين جي تسلط ۽ ٿيل ظلمن کي جائز قرار ڏئي سگھون ٿا؟
اسان ان راءِ جا آھيون ته ھر ماڻھوءَ لاءِ وطن جي حب لازمي آھي ، جو وطن دوست نه آھي سو بي ايمان آھي ، ايمان کان سواءِ صحيح مسلمان ئي نه ٿي سگھبو.
سنڌ پنج ھزار ورھين کان تھذيب ۽ تمدن جو مرڪز رھي آھي، رسول مقبول جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ ھڪ به مسلمان ڪونه ھو بلڪ سڀ ماڻھو ھندو ۽ ٻڌ ھئا.پوءِ به سندن اظھار ته ان مان کيس ٿڌي ھير ٿي آئي ڪا ته معنيٰ رکندڙ آھي.
اھڙي حالت ھيٺ اسان ڪھڙي طرح ان ملڪ جي ماڻھن تي زوريءَ قبضو ڪري انھن جي آزادي سلب ڪرڻ اُتي جي مردن ۽ عورتن کي غلام بنائڻ ڪروڙھا روپين جي ملڪيت کي لٽي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪم کي صحيح اسلام مطابق جائز سمجھي سگھون ٿا.
جيڪڏھن ڪي ماڻھو سندس اھڙن ڪمن کي عين اسلام سمجھن ته مرضئَ جا مالڪ آھن. ھر ڪنھن جي سندن راءِ جو حق آھي. آخر ڪي اھڙا ماڻھو به ھئا ۽ اڃا تائين آھن جي امام حسين عليه السلام کي ناحق تي ۽ يزيد کي حق تي سمجھن ٿا. اھي ماڻھو يزيد ۽ انھئَ گھراڻي جي ھر ڪارروائي عين اسلام سمجھن ٿا. ان گروھ ۾  نه صرف ان زماني جا عالم ۽ حافظ قرآن شامل ھئا پر آڄ ڪلھ به ڪيئي ماڻھو ملي سگھن ٿا.
کين اھڙيءَ راءِ رکڻ جو ھر ڪو حق آھي ليڪن اسان کي به پنھنجي راءِ رکڻ جو اھڙو ئي حق ھئڻ گھرجي جھڙو ھنن کي ڏيڻ گھرون ٿا. اسان محمد بن قاسم جي حملي کي صحيح اسلامي تشريح جي خلاف ۽ غاصبانه سمجھون ٿا سنڌ جو جيد عالم ۽ بزرگ مولانا ابو الحن به ڏاھري سڏائڻ ۾ عيب نه سمجھندو ھو. اسان کي اعتراض نه آھي . سنڌ ۾ محمد بن قاسم گروھ جا طرفدار ڀلي پاڻ کي يزيدي سڏائين . ماڻھو نطفه مان پيدا ٿئي ٿو جو رت مان جڙي ٿو،رت کاڌي مان ٺھي ٿو.کاڌو اناج ، ڀاڄين ۽ گوشت مان ٺھي ٿو. اھي سڀ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح ملڪي زمين ۽ پاڻيءَ جي پيدائش آھن.
مثال طور کڻي ڏسنداسين ته ھڪ ان جي داڻي زمين ۾ پوکڻ بعد سوھا داڻا پيدا ٿين ٿا. جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان ٺھن ٿا.تنھن ڪري ھر شيءَ ملڪ جي مٽي ۽ پاڻيءَ مان  پيدا ٿئي ٿي. ھر ماڻھوءَ جي حقيقي ماءُ پيءُ آھن.
قرآن شريف به شاھدي ڏي ٿو ته:
” ولقد خلقنا الانسان من سلالهّ من طين.“
(معنيٰ : تحقيق اسان ماڻھن کي مٽئَ جي جوھر مان پيدا ڪيوآھي.)
انھي نقط نگاھ کان جيڪو ماڻھو وطن سان وفادار نه آھي سو حلالي ٻار نه آھي.انھئَ کي مدنظر رکندي آءُ راجا ڏاھر کي سنڌ جي آزادي، عزت ۽ ناموس لاءِ لڙي سر ڏيندڙ کي شھيد اول سڏڻ کان نٿو ڇرڪان ، پوءِ ڀلي ڪن يزيدي گروھ جي طرفدارن کي مرچون لڳن.
اھڙن ماڻھن جي دشمنئَ کان امام حسين عليه السلام نبي صلعم جو ڏھٽو ڇُٽي نه سگھيو آھي ، آءُ ته ان جي در جي خاڪ مثل آھيان.
ڪي ماڻھو راجا ڏاھر تي بھتان رکي سندن غازيءَ جي برن ڪارنامن لاءِ جواز پيدا ڪن ٿا. اچو ته انھن چند بھتانن جي جاچ ڪريون. ان مان مکيه ھيٺيان آھن:
1 ـــ ھن ڀيڻ سان شادي ڪئي ھئي.
2 ـــ ھن عربن جي ڪن ماڻھن کي قيد ڪيو ۽ ڦريو لُٽيو ھو.
3 ـــ ھن ٻُڌ ڌرم ۽ غير برھمڻن سان ظلم ڪيا ھئا.
بدنامي ٿئي ٿي.
(3) ٽين ڳالھ ھن جي خلاف اھا چئي وڃي ٿي ته ھن ٻُڌ ڌرم ۽ ٻين غير ھندن تي ظلم ڪيا ھئا، ان ڳالھ جو ثبوت ڪونه ٿو ملي. اھا تاريخي حقيقت آھي ته راجا چچ جو ڀاءُ راجا چندرسين جڏھن تخت تي ويٺو ته ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ طرف رخ رکيو. ھن ٻُڌ جي بڪشن ۽ پوڄارين سان خاص رعايتون ڪيون ھيون، ھر ھڪ کي معلوم آھي ته برھمڻن جو مذھبي تعصب ملن جي تعصب کان به ڪي رتيون ڪٽر آھي. سندن انھئَ پاليسئَ ڪري ٻُڌ ڌرم مرڳو ھندستان مان نڪري ويو. پر اھو سنڌ جو ملڪ ئي ھو جتي ھن راجا جي ڏينھن ۾ ٻُڌ ڌرم پوري زور تي ھو. جن جي موجودگي بنسبت ٻين ھندو حاڪمن جي راجا ڏاھر جي رواداريءَ جو ثبوت ڏي ٿي.سندس دور حڪومت ۾ ٻه گورنر ٻڌ ڌرم جا ھئا نه رڳو ايترو پر ھڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي ساري قبيلي سان بني اُمين جي ظلم کان لڏي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاھر جي پناھ ھيٺ رھيو. ان سان راجا ڏاھر اھڙو سلوڪ ڪيو جو سندس سڪي جي ٻي طرف ھن جي نالي اڪيرڻ جي اجازت ڏني . اھڙي رواداري جو سلوڪ تاريخ ۾ ڪو ڇڊو نظر ايندو.
اھڙي منصف مزاج راجا تي متعصب ھئڻ جو بھتان اھڙن ماڻھن طرفان لڳائڻ جن جي تاريخ جو ڪيترو حصو تعصب ۽ ڪٽرپڻي سان گريو پيو ھجي. بدديانتئَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.
(4) چوٿون بھتان راجا ڏاھر تي اھو لڳايو ٿو وڃي ته ھو عياش ۽ ظالم حاڪم ھو. خبر نه آھي انھن لفظن مان بُھتان لڳائيندڙ ماڻھو جو مقصد ڪھڙو آھي. ڇا راجا ڏاھر جي ٻن نياڻين جيڪي بادشاھ لاءِ تحفو ڪري موڪليون ويون ھيون جن سان زنا ڪرڻ جي جرم ۾ سزا کائيندڙ ماڻھو راجا جي زال ، ڇوڪرين جي ماءُ سان زوريءَ شادي ڪندڙ ، سنڌين جي عورتن کي ٻانھيون بنائي بنا نڪاح جي انھن سان صحبت ڪرڻ کي جائز ڄاڙڻيدڙ ھزارھا سنڌي عورتن ۽ مردن کي وڪرو ڪندڙ زياده گناھگار آھي يا وطن جي حفاظت لاءِ سِر ڏيئي سرھو ٿيندڙ ڏوھاري آھي؟
راجا ڏاھر 92 ھجري مطابق 712ع تي سنڌ خاطر لڙي شھيد ٿيو . ھر ھڪ سچي سنڌيءَ کي ان جي ڪارنامي تي فخر ٿيڻ گھرجي . ان لاءِ آءُ کيس سنڌ لاءِ سِر ڏيندڙ سورھين جي قطار ۾ پھريون ھيرو شمار ڪريان ٿو.
ان کان پوءِ سنڌ 340ورھيه غيرن جي غلامئَ ھيٺ رھي جيسيتائين ڪه سنڌ جي ھڪ سومري گھراڻي 1351ع ۾ وري سنڌ ۾ خالص سنڌي حڪومت قائم ڪئي.

ڀڳو آءُ نه چوان ، ماريو سين وسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونھان،
ته پڻ لڄَ مران جي ھونسِ پُٺ ۾ ...
                                                              (شاھ)

ڪتاب سنڌ جا سورما سائين جي ايم سيد

سائين جي ايم سيد سائين جو خانداني احوال

سائين جي ايم سيد سائين جو خانداني احوال ــــ

 سائين جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت 801 هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، (1) جرار پوٽا (2) موسه پوٽا (3) باقيل پوٽا (4) ميان پوٽا. پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ 9 صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو. ۽ ان کي ست پٽ ٿيا، (1) سيد معروف شاه (2) موج شاه (3) سيد ڌڻي شاه (4)سيد حاجي شاه (5)سيد داد شاه (6)سيد جهنڊو شاه (7) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه ) جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (1) سيد جرارشاه (2) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن. سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر 1905ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو. سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي، تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءالله. سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان 20اپريل 1910ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي. مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون. عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن، ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين ، مگر تقريبن 12،13 سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي. سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا:
(1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.
(2) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔
 (3) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو ٿا.
 (4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي.
 (5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.
(6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن.
(7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.
(8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو.
(09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
 (10)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ
 (11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ
(12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ
 (13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ
 (14) جديد سياست جا نورتن ــــــ (14) چونڊ سياسي مضمون
(15) ههڙا هاڃا ٿين.
(16) تحريرون ـــــ
 (17) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.
(18) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم ، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.
(19) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
(20) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي.
(21) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي.
(22) شاه جون ڪافيون ـــ
(23)چونڊ ادبي مضمون ـــ سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس 1919ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ... 1929ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔ 1930ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو 1937ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... 1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔ 1940ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔ 1941ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... 1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... 1944ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔ 1946ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ” پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔ 1955ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... 1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين 1969ع ۾ ” سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين سائين محترم جي ايم ” سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد 1906ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ ( جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو ) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔ 1921ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔ 1924ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن 300 ماڻهون شريڪ ٿيا۔ 1924ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو 1919ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان سائين جي ڪتابن جون ڪجهه لنڪون ، سائين جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز پيش ڪريان ٿو، اميد ته پسند اينديون. نوٽ توهان هيٺ ڏنل لنڪ ڪلڪ ڪري ڪتاب ۽ مضمون پڙهي سگهو ٿا۔