شاھه جو پيغام
منوھر مٽلاڻي
|
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ؓ لاءِ روايت آھي ته
سندن ڪلام جذبي ۽ جوش جو مظھر آھي. جو بروقت حاضرين مان ڪنھن لکي ورتو ٿي. پر انھن
روايتن کي وسھڻ لاءِ ھڪ وڏي بحث مباحثي جي ضرورت آھي. ائين برابر آھي ته شاھ صاحب
جا بيت ۽ وايون خالص الاھي محبت واري جذبي جي اثر ھيٺ وجداني ڪيفيت جو ثمر آھن. پر
سندن سوانح حيات جي اھڃاڻن يا ان جي ڪلام ۾ سمايل اشارن ۽ ڪناين مان اھڙو ڪوبه گمان
نٿو نڪري؛ جو پڪ سان چئي سگھجي ته شاھ جو ڪلام جلالت واري جذبي يا مستي ۽ مدھوشيءَ
جو نتيجو آھي. شاھ صاحب جو ڪردار توڙي ڪلام سراپا جمال تي جمال آھي. ڪلام ۾ سمايل
جذبو پڻ انتھائي لطيف ۽ پاڪ آھي. اھا سندن احساسات ۽ جذبات جي لطافت ۽ پاڪيزگي ئي
آھي جو سندن اعليٰ شاعري، روح فطرت سان ھم ڪنار آھي. جڏھن جڏھن سندس فطري احساسن،
لفظن جو قالب اوڙھي، بيتن ۽ واين جي صورت ۾ سندس زبان تي پھتا ته شاھ اُھي پيغام
طور باقي اِنسانن کي ٻڌايا پئي.
شاھ لطيف ھڪ زبردست روشن ضمير ۽ روشن دماغ رھنما
ھئو. سموري سنڌ ۽ انجي پسگردائيءَ جو پاڻ شخصي طور رٽن ڪيائين ۽ اڳين توڙي ھمعصر
درويشن ۽ سالڪن جي ڪلام ۽ قول مان گھڻو ڪجھ پرايائين. سنڌ جي عالمن سان سندن صحبتون
رھيون ۽ کانئن رومي ۽ حافظ جھڙن عارفن جي ڪلام جو پورو حظ ماڻيائين. سنڌ جي سگھڙن ۽
ھند جي ساڌن، سنتن، جوڳين ۽ درويشن کان ھندوستان جي آڳاٽن سنتن؛ گرونانڪ، ڪبير،
دادوديال ۽ ٻين ڪيترن عارفن جي شعر کان واقفيت حاصل ڪيائين. انھن سمورن اڳين سنتن،
مھاتمائن، ڪامل درويشن، فقيرن ۽ ساڌن جي قول ۽ ڪلام کي شاھ صاحب پنھنجي ذاتي
اطمينان لاءِ سانڍي ڪونه رکيو؛ پر انسان جي مفاد ۽ اُنتيءَ خاطر پنھنجن مجلسن ۾ پئي
بيان ڪيو. شاھ جو شعر افڪار ۽ تخيل جي انفراديت ۽ گوناگونيت سان ٽمٽار آھي. ھُو
پنھنجي جھولائيندڙ لاٽ سان ڌرتيءَ جي ٻاٽ مٽائي ٿو. زندگيءَ جا راز کولي ٿو. اِنسان
جو اُتساھ وڌائي ٿو ۽ منجھس وک وڌائڻ جو رُوح ڦوڪي ٿو. سندس شعر جي ساغر ۾ نانا
پرڪار جا ويچار جھولندا ۽ ڇوليون ڏيندا نظر اَچن ٿا. ڪائنات جي سونھن جي عڪاسي،
زندگيءَ جي نقش نگاري، عشق جو اظھار، درد جو داستان، غريبن سان غمگساري، حب الوطني،
الاھي رازن جي اُپٽار، قرباني، مظلوم جي حمايت ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي مضمون شاھ جي شعر
جو سرچشمو آھن. جدا جدا محققن شاھ جي شعر جو پنھنجي پنھنجي نموني اڀياس ڪري جدا جدا
معنائون ڪڍيون آھن ۽ ھر ھڪ پنھنجي سچائيءَ جي پٺڀرائيءَ ۾ قابل قدر ڇيد پڻ ڪري
ڏيکاريو آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ۽ فتح چند واسواڻي وغيرہ جھڙن
عالمن شاھ ۾ تصوف کي گھڻي قدر ڳولي ڏيکاريو آھي، ته سيد غلام مرتضيٰ شاھ عرف ’
جي.ايم.سيد ‘ جھڙن عالمن وري شاھ کي يگانو قوم پرست ثابت پئي ڪيو آھي. انھن سمورن
ادب جي اُستادن، ماھرن ۽ علم دوستن جي اڀياس ۽ پنھنجي غور و خوض کانپوءِ اسين جيڪر
شاھه جي پيغام کي مجموئي طور ھيٺين حصن ۾ ورھايون ته ڪنھن حد تائين جيڪر ڀٽائي گھوٽ
کي سمجھڻ ۾ آساني ٿي سگھي ٿي.
پاڻ
سڃاڻڻ
وجود مطلق صرف ھڪ ئي آھي ۽ ٻي ھر شيءِ اُن جو
مظھر آھي. عالم ۽ الله ھڪ ٻئي جو عين آھن. تصوف جي ڄاڻ معرفت وسيلي ملي ٿي ۽ پاڻ
سڃاڻڻ ۾ اچي ٿو. طلسم جي وھمي وھنوار کي، جنھن جي مسبوب جھل آھي؛ تنھن کي معرفت ئي
ٽوڙي سگھي ٿي. ” کل شيءِ يرجع الا اصلہ “ جي اصول موجب انسان ۾ جيڪو مطلق نُور جو
جزو موجود آھي، سو ھميشہ پنھنجي اصل کي پھچڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ان منزل تي انسان
اندر جھل جو مادو ڪيئن ٽـٽي، جو باقي ذات پنھنجي اصل طرف اُڏام ڪري وڃي حق جو ديدار
پسي. حدوث جي حد يعني جھل کي ٽوڙڻ جو رستو آھي ’ معرفت ‘. جڏھن جھل، معرفت جي تکي
تلوار سان ٽـٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿئي، تڏھن ئي سالڪ نجات حاصل ڪري پاڻ سڃاڻي سگھي ٿو. جنھن
کان پوءِ ئي پاڻ کي ھر جاءِ تي پيو پسجي!
سنڌ جي تقريباً مڙني صوفي شاعرن خودي وڃائڻ، پاڻ
مارڻ ۽ معرفت ذريعي پاڻ سڃاڻڻ تي زور ڏنو آھي. قاضي قادن، شاھ عنايت، شاھ ڪريم،
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري توڙي سچل ۽ ساميءَ پڻ ساڳئي تار تنواري آھي. ھن عالم
جون شيون جن جي ڄاڻ اسانکي پنھنجن حواسن جي رستي پئجي سگھي ٿي، تن کي ڪا سچي ھستي
نه آھي؛ پر ھڪ قسم اضافي جي بُود آھي. جيسين اسين انھن جي کوجنا ۾ مشغول آھيون،
تيسين اِئين آھيون جيئن ڪنھن غفا ۾ رھندڙ شخص چؤکنڀو ٻڌل ھجي ۽ پنھنجو مٿو به ورائي
نه سگھي. پٺيان ھڪ باھ جو مچ پيو ٻري. اھڙي حالت ۾ ھُو ڪنھن به شيءِ جو پنھنجي
سامھون ديوار تي خود پنھنجو ۽ ٻين جو فقط پاڇو ئي ڏسي سگھندو. پر اھو اصل، جنھن
پاڇي کي وجود ۾ آندو ۽ جنھن ۾ ئي وري واپس وڃي مدھم ٿيندو؛ تنھنجي پروڙ پئجي نه
سگھندي. تنھن لاءِ صوفي، ظاھري حواسن کي ترڪ ڪري اندر جي تاڙي لاھي معرفت جو مشاھدو
منجھين ئي ماڻي ٿو. صوفيءَ جو علم ’ عين اليقين ‘ آھي. ھُو ڄاڻي ۽ ٻڌي نٿو، مگر ڏسي
ٿو. سچل سائين پڻ عالم ۽ الله کي ذات ۽ صفات جي عينيت جي بناءِ تي تصور ڪري ٿو.
عالم ۽ انجي صفات محض تجلي آھي. ساري ڪائنات اِنسان جي وجود ۾ ھڪ ننڍي ڦوٽي مثل
ماڻڪيءَ ۾ مورت موافق سمايل آھي. اِنسان سڀني پدارٿن جو مرڪز آھي. سندس پھريون فرض
آھي ’ پاڻ سڃاڻڻ ‘ جنھن پنھنجي نفس کي سڃاتو، تنھن بيشڪ پنھنجي رب کي ڄاتو:
پاڻ پنھنجو پاڻھي، صورت منجھ سڃاڻ،
الله، الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاھد آہ قرآن،
ناھي شڪ گمان، ” سچو “ سائين ھيڪڙو.
(سچل)
الله، الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاھد آہ قرآن،
ناھي شڪ گمان، ” سچو “ سائين ھيڪڙو.
(سچل)
شاھ ڀٽائيءَ وري دل جي آرسيءَ تان ٻيائيءَ ۽
ڪثرت جي ڪٽ لاھڻ، اندر اُجارڻ؛ رياضت، ايثار ۽ قربانيءَ رستي پاڻ وڃائڻ سمجھايو
آھي. ڇوته ’ پاڻ وڃائڻ ‘ ئي آھي درحقيقت ’ پاڻ سڃاڻڻ ‘؛ ۽ ’ پاڻ سڃاڻڻ ‘ آھي ’ خدا
کي سڃاڻڻ ‘. جڏھن سالڪ پاڻ ماري، پاڻ سڃاڻي، فاني في الله ٿئي ٿو؛ تڏھن ازخود سندس
اندر ۾ ’ اناالحق ‘ جو نعرو وڄڻ لڳي ٿو. انھيءَ حالت ۾ ساري ڪائنات ساڻس لئه ٿيو
منجھس سمائجيو وڃي. عالم جي ھر ھڪ جزي مان اھو ئي آواز پيو نڪري:
جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي
ھيڪڙي،
سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار،
ھمہ منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھئين.
(سھڻي)
سڀيئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزاوار،
ھمہ منصور ھزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙھئين.
(سھڻي)
شاھ اُن عارفانه منزل جو مالڪ آھي، جتي دل ۽
دماغ جا سمورا طاق کليو پون. حق حقيقيءَ جو ھر جاءِ مشاھدو ماڻجي ٿو. سارو عالم
زمين ۽ آسمان، سج چنڊ ۽ تارا، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا، آدم ۽ حيوان سڀ خدا جي ھستيءَ جي شاھدي
پيا ڏين:
وھم وسارياس، نا ته پنھنون آءٌ پاڻ ھئي،
پاڻ وڃايم پنھنجو، پئي پريان جي پاس،
رتي علم نه راس، ڌاران پسڻ پرينءَ جي. (سسئي آبري)
پاڻ وڃايم پنھنجو، پئي پريان جي پاس،
رتي علم نه راس، ڌاران پسڻ پرينءَ جي. (سسئي آبري)
حق حقيقي ھيڪڙو آھي. ڪثرت وحدت آھي؛ وحدت ڪثرت.
خالق ۽ مخلوق، شاھد ۽ مشھود، عاشق ۽ معشوق؛ پکي پکڻ سڀ پاڻ آھي. شاھ شروع کان آخر
تائين حق جو پلئه پختو پڪڙيو بيٺو آھي. ھُو ” ھمہ اوست “ جو حامي آھي. ” ايڪو برھم
دتيا ناستي “ فقط ھڪ رب پاڪ کانسواءِ ٻيو ڪجھ آھي ئي ڪونه. جيڪي آھي سو سڀ ھُو پاڻ
آھي:
ڪوڙين ڪايائون تنھنجيون، لکن لک
ھزار،
جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،
پريم: تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪيئن چوان. (سر ڪلياڻ)
جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،
پريم: تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪيئن چوان. (سر ڪلياڻ)
حق، جنھن کي ” ھُو “ ٿو سڏي، سو به ڪائنات بنا
ڪينھي. ڪائنات ته قادر جي ھستيءَ جي ثابتي آھي. ” ھُو “ اروپ آھي ۽ روپ وسيلي ئي
سڃاڻڻ ۾ ايندو:
ھُو پڻ ڪونھي ھن ري، ھيءُ نه ھنھان
ڌار،
”الا انسان سري و اَنا سرہ“ پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف آھڙي. (سرآسا)
”الا انسان سري و اَنا سرہ“ پروڙج پچار،
ڪندا ويا تنوار، عالم عارف آھڙي. (سرآسا)
* سنڌ جي ترقي پسند عالم ۽ فلاسافر جي. ايم. سيد ’پاڻ سڃاڻڻ‘
سمجھائيندي، شاھ کي ھروڀرو روحانيت پرستيءَ جي بند ۾ قيد ڪرڻ کان روڪيندي چيو آھي،
ته ” شخصي ۽ طبقاتي سوارٿ کي قوم جي گڏيل مفاد مٿان قربان ڪرڻ ئي ’پاڻ سڃاڻڻ‘ آھي.
شخصن جي فنا ۽ قومن جي بقا آھي ’پاڻ سڃاڻڻ‘. پنھنجو قومي نالو، نشان، اصل نسل، ۽
قديم روايات جي واقفيت، قدر ۽ قيمت سڀ ’پاڻ سڃاڻڻ‘ ۾ اچي وڃن ٿا “.
”شاھ سچل ۽ سامي“:
مرتب- اُتم
|
پر سيد جي اھڙي نظريي جي حامي ڀرڻ
کان اڳ وڏا بحث مباحثا ڪرڻا پوندا! جنھن ۾ پھرين ته قوم جي وصف تي يڪراءِ ٿيڻو
پوندو ته آخر قوم ڇا آھي؟ تنھن کان پوءِ ئي مس وڃي شاھ کي صحيح نموني سمجھي
سگھبو!
حب الوطني
شاھ ڀٽائي جي ڪلام جو ڪيترو ئي حصو حب الوطنيءَ
جي پيغام ڏانھن سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اشارو ڪري ٿو. ھُو للڪار ڪري چوي ٿو، ته ”
سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنھن بي غيرت کان ئي وِسرندا! “ شاھ حب الوطنيءَ کي به ڌرم جي صف ۾
شامل ڪري ٿو. تڏھن ئي ھن جا ڪردار وطن جي مٽيءَ کي به ڌارين جي محلن ۽ ماڙين کان وڌيڪ ترجيح
ڏين ٿا. شاھ وطن جي محبت جي بنياد تي عالم اِنسان جي ترقيءَ لاءِ راھون گھڙيون آھن.
مارئيءَ جو ڪردار اسان سنڌين لاءِ بھترين سونھون آھي؛ جنھن کي پنھنجو آئيڊيل
بڻائيندي اسين سچا محب وطن ٿي سگھون ٿا! وطن جي حدن ۾ اھي سمورا ھم وطن اچي سگھن
ٿا، جي ڪيترن پيڙھين کان اسان سان گڏ رھندا آيا آھن. پوءِ ڀلي ھُو ڪھڙي به ڌرم،
رنگ، نسل، جاتي ۽ فرقي سان وابسته ڇونه ھجن! وطن جي حب ته انھن سمورن ڀيد ڀاون ۽
نفرتن کي مٽائي ميٺ محبت ۽ اِنساني ڀائيچاري جو سنديش ڏئي ٿي. ھيءُ ته اھو سمنڊ آھي
جنھن جي صاف ۽ شفاف لھرن ۽ ڇولين ۾ تمام خودغرضيءَ جا بھتان ۽ نفرتن جا سامان
لڙھندا پيا نظر اچن ٿا. ’ حب الوطني ‘ اھا پاڪ ۽ پوتر ڀاونا
آھي، جنھن اڳيان پنھنجي شخصي يا سماجڪ فائدي ۽ جدا جاتيءَ يا ڌرم جي ويچار کي ڪابه
جاءِ ڪونه آھي.
شاھ جي شعر جو جيترو ڳوڙھو اڀياس ڪجي ٿو، اوترو
ئي منجھس سمايل سنڌيت جا اھڃاڻ وڌيڪ جھلڪا ڏيندي پيا نظر اچن. وطن جي حب جي ميدان ۾
شاھ جو ھيءُ ھڪ شعر ئي وطن جي راھ ۾ نذرانه عقيدت ۽ ” ايڪ رانجھو لکان دا مَٽ “ طور
پيش ڪري سگھجي ٿو. جنھن ۾ ايڏي ته حد درجي جي نازڪ خيالي ڪم آندل آھي جو بدنصيب
مارئي، عمر جي ڪوٽ ۾ بند کيس اھائي التجا پيئي ڪري ته وطن کي ساريندي جيڪڏھن ساھ
منھنجو ساٿ ڇڏي ڏئي ته مِھر ڪري منھنجي خاموش جسم کي به وطن ڏانھن واپس موڪلج. شاھ
صاحب به ڪمال ڪري ڏيکاريو آھي! جو ايڏو ۽ اعليٰ نفيس ويچار؛ جنھن کي سمجھائڻ لاءِ
جيڪر وڏا وڏا عالم ۽ اڪابر به لنبا ليڪچر ڪري مس سمجھائي سگھن! سو شاھ صرف ھڪ سٽ ۾
بيان ڪري ڏيکاريو آھي ته وطن جي ٿڌي
مٽي منھنجي مئل جسم کي ڇھڻ سان ئي ان ۾ نئون روح ڦوڪيندي ۽ مان وري جاڳي
اُٿندم:
مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙۡھ
مليرَ ڏي.
(سر
مارئي)
وطن جي مٽيءَ کي مُشڪ کان به مٿي سمجھڻ، پکن جي
پِريت ماڙين سان نه مٽائڻ، چيريل چَم تي لوڻ لڳارائيندي به وطن جي تات نه ڇڏڻ ۽
ڪوجھو ڪم نه ڪرڻ؛ ڪانچ ۽ ڪاٺ جي چُوڙن تي مطمئن رھڻ، قناعت ۽ رب جي رضا تي راضي
رھڻ، سادگي، محنت ۽ حق حلال جي ڪمائيءَ جو مارگه ڏيکاريندي سنڌين کي اڳتي وڌي منزل
پائڻ لاءِ شاھ جوڳي تلقين ڪئي آھي. ھڪ خاص ڳالھ اڃا به وڌيڪ ڌيان طلب آھي ته شاھ
اسان سنڌين کي وطن جي حب جي آڙ ۾ ڪٿي به تنگ دليءَ جو مالڪ ٿيڻ ۽ سوارٿپڻي کي ويجھو
نه اچڻ لاءِ مڪمل چيتاوني ڏني آھي! ڇوته شاھ جي نظر ۾ وطن سان وفاداري به عالم
انسان جي بھتريءَ جو ڀاڳ آھي. جيڪا اڳتي وڌي سموري ڌرتيءَ تي رھندڙ تمام انسانن سان
پيار ڪرڻ ۽ عالمي محبت کي جنم ڏيندڙ ثابت ٿئي ٿي. تڏھن ئي ته شاھ، سنڌ جي آسودگيءَ
لاءِ پھرئين دعا گھرندي، ٻيءَ سِٽ ۾ سموري عالمي برادريءَ جي خوشحاليءَ لاءِ پڻ
ڌڻيءَ جي بارگاھ مان رحمت جي درياھ اُٿلائڻ لاءِ ھٿ ڦھلايا آھن:
سائِينم! سَدائِين ڪَرين، مَٿي سِنڌ سُڪار،
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَم سَڀ آباد ڪَرِين.
(سرسارنگ)
دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَم سَڀ آباد ڪَرِين.
(سرسارنگ)
بي ڊپائي-
ھمت ۽ قرباني
بزدلي، جھالت، احساس ڪمتري ۽ بي اتفاقيءَ ڪري
خوف پيدا ٿئي ٿو. ايمان، اعتقاد ۽ وشواس؛ ان ڊپ کي تڙي ڪڍن ٿا. دنيا جي ڀؤ ساگر ۾
قدم قدم تي سامھون آيل دھشتناڪ لھرين ۽ ڇولين جو مقابلو ڪيئن ڪجي؟ جتي آب جو انت ئي
نه ھجي ۽ خود ملاح به ساگر جي اونھائيءَ کان اَڻ واقف ھجن. جِتي ڪُنن ۾ اھڙو ته قھر
پيو وسي جو سڄا سارا ٻيڙا به ھيٺ ائين غرق ٿيو وڃن جو اُنھن جو ڪو تختو ۽ نشان به
نه ملي. جتي ھيبتناڪ ۽ وحشي جانورن جا واڪا پيا ٻڌجن. اُتي زندگيءَ جي ڪشتيءَ کي
وشواش جو ونجھ، اڻ تارُن کي به ڇڪي اچيو ڪنڌيءَ سان لڳايو ڇڏي:
دھشت دم درياھ ۾، جت جايون جانارن،
ڪو جو قھر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اڻتارن، ساھڙ! سير لنگھاءِ تون.
(سھڻي)
ڪو جو قھر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اڻتارن، ساھڙ! سير لنگھاءِ تون.
(سھڻي)
سنڌين جي سيني مان ڪنھن به قسم جا وھم وسوسا ۽
گمان ڪڍي ڇڏڻ لاءِ، ۽ ڀرپور ھمت سان آڏو آيل سمورن حملن کي سامھون پوڻ جي قوت بخشڻ
لاءِ ھتي شاھ جو ترقي پسندانه ھيءُ ھڪ ئي شعر ڪافي آھي! جنھن ۾ ھُو کليو کلايو چئي
ٿو ڏئي، ته جڏھن ڪابه جنگ يا ھنگامي حالت اسان جي مٿان مڙھي وڃي؛ پيار ۽ محبت جا
تمام حيلا اجايا وڃن ته اسان کي خاموش مظلوم ٿي گونگا ڳوڙھا ڳاڙڻ جا تمام پردہ چاڪ
ڪندي اُن ميدان ۾ به اسان کي لبيڪ چوڻ کپي! پنھنجي منزل مقصود حاصل ڪرڻ لاءِ اُن
ڌرم کيتر ۾ به صرف ڍال سان پنھنجو بچاءُ ڪرڻ نه سکون؛ پراھڙي امتحان جي گھڙيءَ ۾ به
وير پرش ٿي سر تي ڪَفن ٻڌي انھن موذين جو مقابلو ڪريون جي اَسان جي آزاديءَ جي
مترادف وڃن ٿا! سورھين جو ڪم اُتي ڍال سنڀالڻ ئي نه، پر کين دشمن تي وقتائتو ۽ جبرو
حملو پڻ ڪرڻ جڳائي! جو وري انھن ظالمن جو نالو نشان به باقي نه
رھي:
سورہ! مرين سوڀ کي، ته دل جا وھم وسار،
ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
(ڪيڏارو)
ھڻ ڀالا، وڙھ ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
(ڪيڏارو)
زندگي مختصر، ڪم اٿاہ ۽ منزل ڏور. تنھن لاءِ ھڪ
گھڙي به اجايو ويھي ڪاھل ٿيڻ جي ڄار مان ڪڍڻ لاءِ گذرندڙ وقت جي ھر ھڪ پل جو مُلھ
ٻڌائيندي چوي ٿو، ته کسڪندڙ وقت وري موٽي نه ايندو. اسانکي ٻين تمام قومن سان ڪلھو
ڪلھي ۾ ملائڻ لاءِ ھڪ ھڪ گھڙيءَ سجاڳ رھي محنت ڪرڻي آھي! پوءِ طوفان ھجي يا آنڌي،
ڌرتتيءَ جا جھولا پيا لڳن يا سخت سيءَ جي لھر اسان جو جسم ڇِلي ڇونه ڇڏي! پوءِ به
ڪم ڪرڻو آھي! محنت ڪرڻي آھي ۽ پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي منزل مقصود پائڻي آھي! ڪٿي ائين
نه ٿئي؛ جو جيون جي شام الھڻ جو وقت اچي ويجھو ٿئي؛ ڌرتي ٻاٽ اوندہ جي سايعي ھيٺ
اچي وڃي ۽ پوءِ به اسين ڪجھ ڪرڻ کان قاصر رھجي وڃون! اھڙي گھڙيءَ ھٿوراڙيون ھڻڻ مان
ڪجھ به نه ورندو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل وھڻ
جي،
متان ٿئي اونداہ، پير نه لھين پرينءَ جو.
(حسيني)
متان ٿئي اونداہ، پير نه لھين پرينءَ جو.
(حسيني)
شاھ، پنھنجي شخصي ۽ طبقاتي مفاد کي ترڪ ڪري
عوام جو ڀلو گھرڻ سيکاريو آھي. ” فنا في القوم “ جي درجي کي پھچڻ لاءِ سر جي سٽ
ڏيڻي پوي ٿي. کامڻ جو خبرون پتنگن کان پڇجن، جي پاڻ اچيو پنھنجو جيءُ آڳ ۾ وجھن ٿا.
لھسن لُڇن نٿا. پر سچ مٿان سڙيو وڃن ۽ ڳچين سندا ڳچ وڃائي ٻرندڙ باھ ۾ به خوشيءَ
سان ڪاھيو پون. ھونئن به ” ڪل نفس ذائقه ال موت “ ته آھي ئي. ھر ھڪ شخص کي موت جو
ذائقو چکڻو آھي ته پوءِ ڀؤ ڇا جو؟ ڇونه حق جي راھ ۾ ۽ قوم جي اُنتيءَ خاطر پنھنجو
سِر ۽ ساھ بليدان ڪجي. جو شھادت جھڙو ڪو جامُ ئي ناھي! جان ھيءَ ڌرتي قائم آھي،
تيسين انھن شھيدن جو نالو اَمر رھندو:
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه
مات،
ھوندا سي حيات، جئڻا اڳي جي جئا.
(معذوري)
ھوندا سي حيات، جئڻا اڳي جي جئا.
(معذوري)
مظلومن جي
حمايت
شاھ صاحب سنڌ جي مظلوم ۽ مسڪين عوام کي غربت،
جھالت، بداخلاقي، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ کان نجات ڏيارڻ واسطي کين گڏ ڪرڻ گھري ٿو. ڇاڪاڻ
ته ھن ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته قوم جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جو دارومدار به اُنھن تي
آھي!
اچو سُورن واريون، ڪريون سُورن جي پچار،
ڪن گھڻا ڪن ٿورا، ڪانھي سُورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، سي مون جھوليءَ پائي جھليا.
ڪن گھڻا ڪن ٿورا، ڪانھي سُورن ڌار،
ڏنا جي ڏاتار، سي مون جھوليءَ پائي جھليا.
سان جا ڪيترا ئي ھم وطن ڪکائين جھوپڙين، ٿرن برن
، گھرن ۽ اسپتالن ۾ انتھائي دکي زندگي گھاري رھيا آھن. انھن سان حال ڀائي ٿيڻ، سار
لھڻ ۽ سندن مسئلا سلجھائڻ لاءِ شاھ صلاح ٿو ڏئي، ته اسان جو فرض آھي ملڪ مان بُک،
بيماري، اُگھاڙپ ۽ مصيبتون ڪڍڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ ۽ رِٿون رٿڻ. ھُو ڪٽر ۽ تعصبي
اِنتھا پسندن، تنگ نظر ۽ خود غرض، دنيا خاطر دين وڃائيندڙ مُلن ۽ مولوين مان بلڪل
خوش ڪونه ھو. ھُوانھن جي سموري علم و عقل کي بي معنيٰ ۽ فضول قرار ڏئي ٿو. جنھن مان
عام جو ڀلو ٿي نه سگھي. ڇوته علم جو اولين عمل، عالم جي ارتقا ھئڻ جڳائي:
پڙھيو ٿا پڙھن، ڪڙھن ڪين قلُوب ۾،
پاڻان ڏوھ چڙھن، جئن ورق ورائين وترا.
(يمن ڪلياڻ)
پاڻان ڏوھ چڙھن، جئن ورق ورائين وترا.
(يمن ڪلياڻ)
شاھ، تڪليفن ۽ مصيبتن جي عذاب کي ٿڌو ڪرڻ ۽ اثر
مٽائڻ لاءِ حالتن کي قبول ڪري ڏکن سان ھمدم ۽ ساٿي ٿيڻ جي صلاح ٿو ڏئي. ڏک ته سچا
ھمدم ۽ ساٿي آھن ۽ اُھي ئي ته ايندڙ سُکن جو پيغام ڏين ٿا! تنھن لاءِ تڪليفن ۽
مصيبتن سان عادي ٿيڻ به ضروري آھي؛ جنھنجي نتيجي ۾ ئي انسان اعليٰ مقام ۽ منزل
مقصود پائي سگھي ٿو:
ڏک سُکن جي سونھن، گھوريا سُک ڏکن ري!
جنين جيءَ ورونھن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(حسيني)
جنين جيءَ ورونھن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(حسيني)
ھيءَ دنيا جنھن کي انسان پنھنجو ساڻيھ سمجھي
ويٺو آھي، سا مانجھانديءَ جو ماڳ آھي. افسوس! جو ڪيترا شخص دنيوي طلسم تي موھجي
پنھنجو ڪرتويه ئي وساريو ڇڏين ۽ ننڊون ڪندي مليل وقت پنھنجي ئي ھٿن مان اجايو کسايو
ڇڏين:
ستا! اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سُھاڳ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.
سلطاني سُھاڳ، ننڊن ڪندي نه ٿئي.
نه صرف انسان، پر ھر ساھواري؛ ويندي پکي ۽
پسونءَ لاءِ به شاھ جي دل ۾ ھمدردي ۽ انھن لاءِ تڙپ ھئي! انھن مٿان ٿيندڙ بي گناھ
اتيارچار ۽ ھتيا ڏسي شڪارين کي ھُو للڪار ڪندي چوي ٿو، ته اُھي مارِي شل پاڻ ئي
حيات نه ھوندا جي معصوم پسُن کي پنھنجو نشانو بڻائي کين ڇڙوڇڙ ڪن ٿا:
مارِي، مرين شال! ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،
جئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورھن کي.
(ڏھر)
جئن تو اچي ڪال، وڌو وچ ورھن کي.
(ڏھر)
مجموئي طور شاھ جي پيغام کي چند عنوانن ھيٺ
ورھائڻ انتھائي دشوار آھي. ڇوته ائين ڪرڻ سان اسين شاھ سان انصاف نه ڪري سگھنداسين!
شاھ ته عالمگير شاعر آھي. جنھن جو ڪلام سموري عالم لاءِ ھڪ حَسين جھرڻي مثل آھي؛ جو
پنھنجي سموري پسگردائيءَ کي سونھن ڏيڻ سان گڏوگڏ انھن جي اُڃ پڻ مٽائي ٿو! شاھ عالم
جي انيڪ شين، ويچارن، تضادن، مسئلن، علم ۽ فلسفي تي اُھو به بي خوديءَ ۾؛ گھڻو ڪجھ
چئي ڏنو آھي. شاھ جي شعر ۾ افڪار جي گوناگونيت عميق آھي. پر اسين ھت صرف پنھنجي
پسند جا ترجيحي عنوان ’ شاھ جو پيغام ‘ سِري ھيٺ ڏنا آھن. اھا اسان جي خيالن جي
ترجيح آھي. باقي اُن سان ائين نه سمجھڻ گھرجي ته شاھ جو سنيھو ڪو اُنھن سُرن ھيٺ ئي
محدود آھي!
No comments:
Post a Comment