شاه جي ڪلام ۾ سندس شخصيت جو عڪس
پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.
شاه هڪ اعلى درجي جو وطن دوست هو. سندس زندگيءَ توڙي ڪلام، سندس
جي حب الوطنيءَ جي فراوان شاهدي ڏين ٿا. شاه جي دل ۾ سنڌ ڏيهه لاءِ بيحد محبت هئي،
جا رسالي ۾ پاريون ڪري پلٽي آهي. ٻوليءَ، نظم ۽ خيالات جي لحاظ کان، شاه صاحب جو
رسالو، حب الوطنيءَ جو هڪ بي نظير دفتر آهي.
شاه جي زماني ۾ عربي ۽ فارسيءَ کي شرف حاصل هو. شاه، سنڌي زبان
کي شاعرانه پرواز ڏيئي، پنهنجي حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏنو. سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي فاسد
يا بگڙيل صورت آهي، ۽ ان جو بنيادي طرح، عربيءَ ۽ پارسي سان ڪوبه تعلق ڪونهي. البت،
پارسي ۽ عربيءَ جو مٿس اثر ٿيو آهي. شاه جي سنڌي، تلفظ ۽ نحوي بناوتن جي لحاظ کان،
پراڪرت کي نهايت ويجھي آهي؛ ۽ ساڳئي وقت، منجھس پارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي به نهايت
سهڻي نزاڪت ۽ رونق آهي. هن صاحب جي ٻوليءَ ۾ هندن توڙي مسلمانن جي تهذيب ۽ تمدن جو
لحاظ رکيل آهي، جا هڪ وڏي قومي خدمت آهي. مثلن، شاه جي هيٺئين بيت جو لباس سنسڪرتي
آهي ۽ منجھس سمايل خيال ويدانتي:
ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،
جيُ، سڀڪنهن جي سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪئن چئان.
جيُ، سڀڪنهن جي سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪئن چئان.
وري هيٺئين بيت جو ويس عربي ۽ پارسي آهي ۽ خيال صوفياڻو:
پاڻهين جل جلاله پاڻهين جان جمال،
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن جمال.
پاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهين حسن جمال.
شاه، شعر جي نظم ڪرڻ ۾ به، حب الوطني ڏيکاري آهي. سنڌي شاعر
پنهنجو شعر اڪثر علم عروض تي ٿا ٻڌن، پر شاه، وزن (دوهي) جي باري ۾ به، ديسي نمونو
ورتو. اهڙي طرح، پاڻ کي هڪ ڌارئي ۽ مصنوعي طريقي کان آزاد رکيائين. هندستان جي
مشهور سنتن جون ٻاڻيون، دوهرن ۾ لکيل آهن ۽ شاه به اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪيو؛ پر
دوهري ۾ نيون ۽ نهايت نزاڪت واريون تبديليون آندائين. شاه کي ”سنڌ جو حافظ“ ڪري
سڏيندا هوا. سو شايد اِنهيءَ ڪري جو شاه، سنڌين کي اَهڙو پيارو آهي، جھڙو ايرانين
کي حافظ، ۽ ”ديوان حافط“ اَهڙوئي الهامي ڪتاب آهي، جھڙو ”شاه جو رسالو“؛ ورنه
حافظ ۽ شاه هم خيال شاعر ناهن، نڪي ڪي شاه، حافظ وانگر غزل چيا. شاه، روميءَ جو
شايق هو ۽ روميءَ جي مثنوي هميشه ساڻ هوندي هيس. چاهي ها ته پنهنجو شعر، مثنويءَ جي
صورت ۾ چئي سگھيو ٿي، پر سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کيس اِئين ڪرڻ نه ڏنو. تنهن
هوندي به سندس ڪلام ۾ اَهڙي مستي آهي، جھڙي روميءَ جي ڪلام ۾، خمار هميشه شراب مان
پيدا ٿيندو آهي ۽ نه پيالي مان؛ ته به شراب کي جھلڻ لاءِ پيالو ضرور
گھرجي.
مستي ز باده مي رسد و از اياغ نيست
هر چند باده را نتوان خورد بي اياغ.
(اقبال)
شعر آهي شاعر جي دل جو پاڻي، جو ڪهڙي به پيالي (نظم) ۾ پنهنجو جوهر نه
وڃائيندو. شاه، دوهري ۾ به اهڙي شاعرانه نزاڪت ۽ خيالات جي بلندي رکي سگهيو آهي،
جھڙي روميءَ مثنويءَ ۾ ڏيکاري آهي.
شاه جي سنڌيءَ سان ايتري ته محبت هئي، جو ڪٿي به پارسي شاعر جي ڪابه تڪ،
تضمين طور پنهنجي ڪلام ۾ نه آندي اٿس. ٻيا شاعر ڇڏيو پر رومي۽ جي مثنويءَ مان به،
ڪوبه سخن، تضمين طور نه کنيو اٿس، جيتوڻيڪ روميءَ سان بيحد محبت ۽ عزت هئي. رومي ئي
آهي، جنهن جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس؛ پر هن جي فيلسوفيءَ کي به سنڌي لباس
پهرايو اٿس:
طالب ڪثر، سونهن سر، اِي رومي جي رهاڻ،
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
پهرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
”سر سهڻيءَ“ ۾ شاه هڪ پارسي مصرع تضمين طور ڪم آندي
آهي. پر اِها شاه عنايت شاه جي چيل آهي، جو سنڌ جو هڪ جنگ درويش ٿي گذريو آهي. هو
صاحب، سنڌ ۾ عاشقن جو سر مور ٿو ليکجي، ڇو ته شهادت جو جام پيتو هوائين. اِتي به
شاه پنهنجي وطن جو مان ڪيو آهي، جو سنڌ جي هڪ درويش شاعر جي ئي مصرع کنئَي اٿس؛ شاه
عنايت شاه جي مصرع هيٺينءِ طرح ڪم آندي اٿس.
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهوئي ونگ.
رڳو هڪ ئي هنڌ، شاه ڪجھه نهايت مختصر پارسي پنهنجي شعر چئي
آهي:
بر خيز بده ساقي، پيار کي پرين.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
شاه صاحب، قرآن شريف ۽ حديث شريف مان حوالا به پنهنجي ڪلام ۾
آندا آهن، پر پنهنجي مادري زبان سان بيحد محبت هئڻ ڪري، اُنهن جو سنڌيءَ ۾ شاعرانه
ترجمو به ڏيئي ويو آهي.
شاه، سماع تي فدا هو ۽ هندستان جي گائن وديا جو اونهو علم هوس.
سندس جدا جدا سرن تي هندستاني راڳن ۽ راڳڻين جا نالا رکيل آهن، جنهن مان سندس حب
الوطنيءَ جو ثبوت ملي ٿو. البت، رسالي جي ڪن سرن تي، اُنهن جي مضمونن جي مدنظر نالا
رکيل آهن، پر اهي مضمون خود ديسي آهن ۽ شاه جي وطن پرستيءَ تي ڪافي روشني اُڇلين
ٿا. هر هڪ سر، داستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ داستان جي پٺيان وائي آيل آهي. ”وائي“
شاه جي ايجاد ڪيل آهي، پر اُن جي بناوت هندستاني ٺمريءَ جھڙي آهي. ”سر حسيني“، جنهن
۾ شاه سسئَي جي درد ناڪ صدائن ۽ سياپن جو ذڪر ڪيو آهي، سو هڪ مشهور عربي ۽ فارسي سر
آهي، پر اهو سر به هندي گائن وديا ۾ جذب ٿي ويو آهي.
شاه، تشبيهون به اُهي ڪم آنديون آهن، جي ديسي حالتن مطابق آهن.
شاه جي محبت هئي سنڌ ۽ سنڌ جي شين سان. هو، گل ۽ بلبل جي عشق کي ڇڏي، ڪونر ۽ ڀونر
جي پريم جي مهما ٿو ڳائي. مطرب جي بجاءِ ”چارڻ“ کي شرف ٿو ڏئي. باد صبا جي بجاءِ
ڪانگل ۽ قمر کي قاصد ٿو ڪري. شراب ۽ ساقيءَ کي وساري، ڪلاڙ ۽ ڪڪوه جي واکاڻ ٿو
ڳائي.
شاه جي سونهن ۾ سرس ۽ سورميون، بزم يا محفل ۾ نمائش جي لاءِ
نٿيون اچن، پر هو آتڻ منجھه ويهي، بلبلن وانگر لاتيون ٿيون لنون. شاه جي رڳ رڳ ۾
وطني پريم سمايل هو. شاه جي ڪلام ۾ شيخ شبلي ۽ شيخ صنعان جو نالو به ڪونهي؛ هو
پنهنجي ديس جي جوڳين ۽ سنياسين تي مست آهي. شاه، هندستاني ڪوين وانگر، اِستريءَ کي
عاشق بڻائي، سندس دل جي اُمنگن جي ترجماني ڪئي آهي. ايراني شعر ۾ مجنون ۽ فرهاد
جون، ۽ مومل، مجنون جون سڪون ٿي لاهي. سورمين جي سيرت نگاريءَ ۾ به شاه هندستاني
دستور موجب هليو آهي ۽ پارسي شاعرن جو نمونو هرگز نه ورتو اٿس.
ڪيترن ئي شاعرن، وطن پرستيءَ جا نهايت سهڻا خيال ظاهر ڪيا آهن.
پر شاه جيڪا مارئيءَ جي ويس ۾ وطني حب ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ جادوءَ جھڙو تاثير آهي.
شيڪسپيئَر، انگلنڊ کي هڪ ”بي بها هيرو“ ٿو سڏي، جو ”چانديءَ جھڙي سمنڊ“ ۾ جڙيو پيو
آهي. شاه، وطن جي خاڪ کي تاتار جي مشڪ ۽ وطن جي پاڻي کي آب ڪوثر کان وڌيڪ ٿو سمجھي.
پنهنجي وطن جي خاڪ ۾ دفن ٿيڻ، سندس نظر ۾ ابدي حياتي ماڻڻ آهي. ”سر ڪاپائتي“ ۾ شاه
چرخي چورڻ جو پرچار ڪيو آهي، جو قوم جي آسودگيءَ جو هڪ اهم وسيلو آهي. سنهي سُٽ جي
ڀيٽ ۾، ماڻڪن کي به تڇ ٿو سمجھي.
جي ماڻڪ موٽائين، توءِ ملهه اُن جو.
ململ به هڪ زرخيز پدارٿ آهي، جو وطن کي سون سان مالا مال ٿو ڪري.
ململ منجھان، ماءِ! جي سکيون، تن سون ڪيو.
شاه چرخي جو پيغام، رڳو سنڌ ۽ هنڌ کي ڪونه ٿو ڏئي، پر سڀني ديسن
کي. شاه جو هڏ سڄي جھان لاءِ ٿو ڪرڪي ۽ هُو سڀني ديسن کي آسودو ڏسڻ ٿو
چاهي.
ڪي اوبين عرب ۾، ڪي ڪابل منجھه ڪتن،
سٽ اُن جو سڦڙو، مٽيو ماڻڪن.
”سر سارنگ“ ۾ ساري عالم جي آبادي ۽ آسودگيءَ لاءِ دعا ٿو پني.
پنهنجي پياريءَ ۽ مٺيءَ سنڌ کي دليون دعا ٿو ڪري. سارنگ جي مرحبا ڪندي چوي
ٿو:
اڄ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا.
شاه، سارنگ ۾ پنهنجو پرين ٿو پسي، جو ”رب العالمين“ آهي ۽ جو ڪنهن به ديس
کي پنهنجي نوازش کان محروم نٿو رکي. سارنگ جي ورکا رڳو سنڌ تي نٿي ٿئي، پر سڀني
ملڪن تي. شاه، ساري عالم، پر خاص طرح سنڌ لاءِ، حق جي درگاه ۾ دعا ٿو
پني:
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار،
ڪي اُٿي ويون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمرقندين سار،
ڪي رمي ويئيون روم تي، ڪي ڪابل قنڌار،
ڪي دهليءَ، ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار،
ڪنهين جنبي جيلسمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار،
ڪنيهن اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار،
سانئَيم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوس! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.
شاه صاحب جي اخلاقي سکيا جو بنياد تواضع آهي. تواضع سڀني گڻن ۾
مول گڻ آهي. نئڙت جي صاحب کي صبر، شڪر، صداقت ۽ ساري مخلوقات سان همدردي ۽ محبت
ضرور هوندا. شاه، قدرت جي هر هڪ چيز کي اخلاقي نگاه سان ڏسي ٿو. سندس نظر ۾، جيڪي
خاڪ ۾ آهي، سو ٻيءَ ڪنهن به چيز ۾ ناهي.
سو نه ڪنهن شي ۾، جيڪي منجھه تراب
(سر
سهڻي)
شاه صاحب جي مول هدايت اِها آهي ته هر انسان کي جڳائي ته هميشه
خاسڪاريءَ ۾ گذاري ۽ پنهنجي ضمير يا وويڪ جي حڪمن هيٺ هلي. اِئين ڪرڻ سان، نه سندس
هٿان ڪو گناهه صادر ٿيندو، نه ئي هُو هن جھان مان ئي ڪانيارو ٿي
لڏيندو.
پايو منهن مونن ۾، غربت ساڻ گذار،
مفتي منجھه وهار، ته قاضي ڪانيارو ٿئين.
(سر يمڻ
ڪلياڻ)
غرور واري انسان جي صحبت کان هميشه ڪنارو ڪجي، ڇو ته اُن مان مورڳو اخلاق
کي ضرر رسندو.
لاتيون جي لباس جون، سي ڇپائي ڇڏ،
”آئون“، ”اسين“ ڪن جي، پاسي تن م اَڏ.
(سر
آسا)
ڪينو ڪيرائيندڙ آهي ۽ کميا اڏيندڙ. کمندن جي هر حال ۾ سوڀ آهي ۽
هوڏين جي هار. ويڻ ڏيندڙ کي ورندي ته ڏيڻ آهي نجس نفس کي نهوڙڻ. هاديءَ جي هدايت
اِها ئي آهي:
سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج م وري،
هاديءَ جي هدايت جي، اِي ڳري،
تن سڄي ساه سري، جن ماريو نفس ماٺ سين.
(سر يمڻ
ڪلياڻ)
ڏمر مان انسان کي ڏک ئي رسڻو آهي؛ صبر هڪ جانفرا عطر آهي.
ڏمر پاسو ڏک سين، کاند کٿوري هوءِ.
(سر يمڻ ڪلياڻ)
شاه صاحب وڏو ڪرم يوگي آهي. هُو سکڻي توڪل جو پرچار نه ٿو ڪري.
انسان جو فرض آهي دل و جان سان ڪرم ڪرڻ ۽ ان جو نتيجو رب تي ڇڏڻ. ڪرم ڪندي ڪهڙي به
مشڪلات اچيس، ته همت نه هاري، پر پوري دليريءَ سان، ان کي منهن ڏئي. پوءِ ڪاميابي
اَوس سندس قدم چمندي. ستن کي قدرت وٽان سوغاتون ملڻيون ناهن؛ قدرت جو هٿ اُنهن کي
ٿو رسي، جي سچي دل ۽ نيت سان سعيو ٿا ڪن.
ڇپر ڪين ڏئي، سوکڙيون ستن کي.
(سر کاهوڙي)
انسان جو فرض آهي ته همت رکي، مشڪل ۾ منهن وجھي؛ اُن جو حل
پاڻيهي هادي پيدا ڪندو. ڪي پنهنجي سر جوشي، ڪي خدا جي مدد.
ڪي تران ڪي تار مون، ڪي سگھان ڪي سگھه.
(سر
سهڻي)
هلڻ ۾ سوڀ آهي، وهڻ ۾ هار. نه ويٺلن لاءِ واهر آهي، نه سُتلن لاءِ ساٿ. دلي
مقصد اُهي حاصل ٿا ڪن، جن ڪشالن ۾ منهن وڌو آهي.
ويٺلن ناه وراڪو، ستين ڪونهي سنگ،
هوت هلندن کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
(سر سسئي
آبري)
اڳيان رڻ هجي يا جبل؛ مهراڻ هجي يا جھنگل، ته دهلجي بيهڻو ناهي؛
پر سر جو سانگو نه ڪري، اَڳيان ڌوڪي پوڻو آهي. پوءِ ئي رڻ مان کٿوري، جبل مان
لعلون، مهراڻ مان موتي ۽ جھنگل مان ڦل ڦول هٿ ايندا. بحر ۾ گھڙندڙن کي ماڻڪ ٿا ملن،
ڪناري تي بيهندڙن کي ڪوڏ ۽ ستيون.
سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،
ڇلر جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ ستيون.
ڇلر جي چوئين، تن سانکوٽا ۽ ستيون.
(سر
سريراڳ)
دنيا جي ڪرم ڀومي يا يڌ جو کيتر آهي، جتي دل جا وهم وساري، سچي سوره وانگر،
سوڀ لاءِ لڙڻو آهي.
سوره مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار.
(سر
ڪيڏارو)
بي همت انسان مان قدرت به بيزار آهي. بيڪار ۽ آرام پسند اِنسان
کي جڳائي ته قدرت ڏانهن نظر ڪري ۽ ان مان محنت جو سبق وٺي. اِنسان پاڻ به ته قدرت
جو جزو آهي؛ پوءِ جنهن صورت ۾ سج، چنڊ، تارا، سمنڊ، نهرون ۽ نارا هميشه هلن پيا،
تنهن صورت ۾ کيس ڪئَين واجب آهي، ته بي توجه ٿي، پنهنجي زندگي، بيڪاريءَ ۾ برباد
ڪري!
نڪو سک نکٽين، نه ويساند نئَين،
جيڪا اَچئي سامهين، ڀائين سا سئين،
جيڪا اَچئي سامهين، ڀائين سا سئين،
موڙي ڪوه مئين؟ جئن سڄيون راتيون سمهين؟
(سر
سريراڳ)
اِنسان، دنيا جي کيتر ۾، ڪرم جو ٻڄ پوکڻ آيو آهي. جيڪڏهن هن پوري وقت تي
پاڻ سنڀالي، پنهنجو فرض ادا نه ڪيو، ته وڃي ڪنهن اَهڙي اوڙاه ۾ ڪرندو، جتان پاڻ ڪڍڻ
مشڪل ٿي پوندس.
پره ڦٽي، رات گئَي، جھيڻا ٿيا نکٽ،
هاري! ويءِ وٽ، گھڻا هڻندينءِ هٿڙا.
هاري! ويءِ وٽ، گھڻا هڻندينءِ هٿڙا.
(سر ڏهر)
اِنسان پاڻ پساهن جا هيرا ۽ ماڻڪ کڻي آيو آهي. جيڪڏهن غفلت وچان، اِنهيءَ
قيمتي پدارٿ کي لُٽي، پاڻ سچو ڪيائين، ته مئي پڄاڻا، حقيقي صراف اَڳيان منهن هاري
وڃي بيهڻو پوندس.
لک مڙيئي لٽيا، هنهين ويا هزار،
تو کي آرس اَکڙين ۾!
(سر سريراڳ)
اِنسان پاڻ سان هُتان سون ۽ جواهرات کڻي آيو آهي، پر هت پنهنجو
هٿ وڃي ٿو شيهي ۽ شيشي جي وڻج ۾ وجھي. کٽيو ته گھوريو، مورڳو پنهنجو مُور به وڃائي،
برباد ڪري ٿو ڇڏي. لوڻ جي سودي ۾ به ڪڏهين کٿوري ملي آهي! اِنسان جو حال به اهو ئي
آهي. پنهنجا اَملهه پساه اَجايا وڃائي، ڪئَن ٿو سچ جي سوغات طلبي!
وکر وهائين لوڻ، رنگ کٿوري گھرين!
(سر سريراڳ)
انسان کي انسان جو دشمن ڏسي، شاه نهايت ارمان ۽ افسوس ٿو کائي.
ماڻهن جو اِخلاص ماٺو ٿي ويو آهي ۽ هر ڪو ٻئي جو ماس پيو کائي.
آدمين اِخلاص، مٽائي ماٺو ڪئَو،
هاڻ کائي سڀڪو، ماڙهونءَ سندو ماس.
(سر ڏهر)
آدمين کان وڌيڪ پکين ۾ ساڃهه آهي، جو هو وڳر ڪيو، پاڻ ۾ پريت پيا
ونڊين. هيڏانهن، انسان، اِنسان کان ونءُ پيو وڃي!
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڙهنئان ميٺ گھڻو.
(سر ڏهر)
دنيا ۾ هر ڪو ڪوڙيءَ دوستيءَ جو دم پيو هڻي؛ پرک تڏهين ٿي پوي،
جڏهين ڪنهن جو ٻئي ۾ ڪم ٿو اَٽڪي.
يار سڏائي سڀڪو جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پوي.
(سر بروو سنڌي)
پکي ته ڇڏيو، پر ڪکن ۽ ڪانن کي به اِنسان کان وڌيڪ مريادا ۽
ساڃهه آهي. نديءَ جي ڪناري تي بيٺل ڪکن کي به ڏسو ته ڪيڏو نه مرم آهي! جڏهين ٻڏندڙ،
ٻيو ڪو حيلو وسيلو نه ڏسي، منجھن هٿ ٿو وجھي، تڏهين يا ته کيس ڇڪي مٿي ٿا ڪن، يا
مرم وچان پاڙان پٽجي، ۽ درد جي دانهن ڪري، ساڻس گڏ سير ۾ ٿا هلن! اِنسان کي گھرجي
ته وفاداريءَ جو سبق، ڪکن مان پرائي.
ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجھن،
پسو لڄ، لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڻي ڪنڌي ڪن، نات ساڻن وڃن سير ۾.
(سر
سهڻي)
آخر سڀ فنا آهي. اِنسان ڇا تي غرور ڪري، جڏهين وڏا وڏا حشمت ۽ عظمت جا صاحب
به نيٺ زمين دوز ٿي ويا! جنهن زمين تان اسين پنڌ پيا ڪريون، تنهن جي هيٺان ڪيئي سڄڻ
دفن ٿيا پيا آهن. اِنسان جو ڪم آهي ته سجاڳ ٿي حقيقي پرينءَ کي لوچي.
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،
ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چي.
(سر مومل راڻو)
شاه هجي توڙي گدا ته کيس لٽجڻو مڙيئي ڌوڙ ۾ آهي. دنيا هڪ ساعت جو چٽڪو آهي،
جنهن تي ڀلجي، سچ جو سودو هٿان نه ڇڏڻو آهي.
فاني ني فاني! دنيا دم نه هيڪڙو،
لٽي لوڙ لتن سين، جوڙيندءِ جاني!
ڪوڏر ۽ ڪاني، آه سر سڀڪنهن.
(سر بروو سنڌي)
شاه سنڌ ۾ پهريون شاعر هو، جنهن طبيعي شعر چيو. هُو سير ۽ سياحت
جو شايق هو. قدرت جي هر ڪرشمي کي پنهنجي نوراني ۽ باريڪ نظر سان جاچي، اُن جي جمال
۽ جلال تي اونهو تصور ڪيو اٿس، ۽ پوءِ اُن جي هوبهو تصوير پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪئي
اٿس. شاه سنڌ جي ڍنڍن ۽ ڍورن، برن ۽ بحرن، ٽڪرن ۽ نهرن، ٿرن ۽ ماٿرين تي ئي عاشق
هو. سندس شعر ۾ ڪٿي به سرو ۽ شمشاد جو ذڪر نه ٿو اچي. هُو ٿر جي ولين ۽ وڻن تي عاشق
هو.
قدرت جي چهچٽن چٽڻ ۾، شاه ڪٿي به اجائي اينگھه نه ٿو ڪري. رڳو
اُنهن جون مکيه خوبيون وفائيءَ سان نقش ٿو ڪري. ٻي سندس خاصيت هيءَ آهي، جو قدرت جي
ڳجھارتن ڏانهن اشارو ڪري، اُنهن کي وڃيو انسان جي دل جي حال سان لڳائي.
”سر سارنگ“ ۾ برسات جو عجيب بيان ڪيو اٿس. بادلن جي برجن ۾ رسيلا
رنگ ٿو ڏسي، قدرت ۾ هر هنڌ ساز، سارنگيون ۽ سرندا وڄندا ٿو ٻڌي. مينهن جو صاف پاڻي،
ايراني شاعرن واريون صراحيون ياد ٿو ڏياريس.
اڄ رسيلا رنگ، بادل ڪڍيا برجن سين،
ساز سارنگيون، سرندا، وڄائي برجنگ،
صراحيون سارنگ، پلٽيون رات پڊام تي.
سانوڻ جي مند ٿي نه آهي، ته آڪاس ۾ منڊل وڄڻ شروع ٿا ٿين؛ حقيقي
پرين، نوان سينگار ڪري، ناز منجھان نڪري نروار ٿو ٿئي. ڪڪرن جي ڳوري چال ۾،
معشوقاڻي رفتار جي ڪشش آهي. سنسڪرت ڪوي، سهڻي چال واري پريتم کي، ”گج گامن“ يعني
هاٿيءَ جي چال وارو ٿا چون. شاه جي نظر ۾، هيءَ اهڙي چال آهي، جو هاٿيءَ جيڪر چاه
پئي ان کي سکن.
گنير گت سکن، چلڻ جي چاه پئي.
وڄن جي چمڪ جي لالاڻ مان پرينءَ جي لبن جي لالائي عيان آهي. گلال
جھڙا ڳاڙها مينهن وسارا به، اِها لالائي ڏسي، حيرت ۾ پئجيو وڃن.
هنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪئَي لبن.
ڪڪرن کي پرينءَ جا ڪارا ڪيس (زلف) آهن؛ ۽ وڄن کي محبوب وارا گلاب
جي گلن جھڙا لباس پهريل آهن. اُنهن جي نروار ٿيڻ سان، شاعر جو ڄڻ پنهنجي معشوق سان
مکاميلو ٿو ٿئي.
اَڄ پڻ اُتر پار ڏي، ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون، ڪري لعل لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.
محبت جون ماريل دليون، برسات جو نرمل نظارو ڏسڻ سان، ججھي
پونديون آهن، ۽ پرينءَ جي ديدار جي لاءِ ڦٿڪنديون آهن.
محب منهنجا سپرين، آڻيندءِ اَلله،
توکي ساريو ساه، اڪنڊيو آهون ڪري.
ويچارن وانڊين جو حال افسوس جھڙو آهي. ڪانڌن کي ياد ڪيو، ڳجھا ڳچ
پيئون ڳارين.
ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪيو، جھڙ پسيو جھڄن.
شاه، سندن حق ۾ اِها دعا ٿو پني ته شل سندن غريباڻن پکن کي ڪو ضرر نه
رسي.
وري ري وانڊن اَڏيا سي م پسن.
سج، جھڙ جي ڪري اَلوپ ٿي ويو آهي؛ پر کنوڻ، عاشقن کي واڌايون
پيئي ڏئي ته اِجھو ٿو محب مليوَ.
سڄو صاف نه اُڀري، سرلي وچان سڄ،
منهن چڙهيو ماڙهن کي، ڏئي واڌائي وڄ،
هنئڙا! کپ ۾ کج، سگھا ملندءِ سپرين.
آسمان ۾ جھڙ ڏسيو، عاشقن جي اکين ۾ به جھڙ ٺهيو پوي، ڇو ته جھڙو
ويس سپرينءَ جو ٿو ٿئي، تهڙو سارنگ جو به آهي. محبوب جي مشڪڻ سان، سڀ سور وڃيو پري
پون.
ڪڪر منجھه ڪپار، جھڙ نيڻنئون نه لهي،
جھڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملار،
کڻ اکيون، کل يار! وڃن سور سنڌا ڪيو.
نه رڳو عاشق، پر سرشتيءَ جا سڀ جيوَ، سارنگ لاءِ بيقرار ٿا
رهن.
سارنگ کي ساڙين، ماڙهو، مرگھه ميهون،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين،
سپون جي سمونڊ ۾، نئي سج نهارين،
پلر پيارين، ته سنگھارن سک ٿئي.
سنگھاريون ۽ سنگھار، سارنگ ڏسي سرها ٿا ٿين، ڇو ته مينهن پوڻ
سان، گاهه ۽ اَناج جام ٿا ٿين، ۽ ماڻهو ۽ مرون ڍئجي ٿا پون. سارنگ، برڪت جو سائين
آهي. اَناج سستو ٿو ٿئي ۽ مکڻ به جھجھو ۽ ارزان.
هڪ ارزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجھه ماٽي.
سنگھاريون گلي ۾ گلن ڦلن جون مالهائون پائي پيئون ٽلن.
سرهيون ٿيون سنگھاريون، پويو پائين طوق.
موذين ۽ ڏڪارين جي دل کي ئي سخت چوٽ ٿي رسي؛ ٻي ساري مخلوقات
خوشيءَ ۾ آهي. ڏڪارين اَن ميڙي رکيو هو، جئن پوءِ وڏي اَگھه تي وڪڻي سگھن؛ ۽ پنجن
مان پندرهن ڪري، خلق کي پيڙيو هوائون؛ هاڻي خدا جي حساب ۾ آيا آهن، ۽ سرد آهون ڀري،
منهن مٿو ٿا پٽين. چي: ”مهانگو لهي ميڙيوسين، هاڻي سستو ڏيڻو پوندو.“ شل اَهڙا دئت،
هن پرٿويءَ تان چٽ ٿي وڃن.
جن مهانگو لهي ميڙيو، سي هٿ ٿا هڻن،
پنجن منجھان پندرهن ٿيا، اِئين ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موذي سڀ مرن.
ڪئين نه شاه، نرالن اِنسانن جي دل جي ڪيفيت جو نقش، وفائيءَ سان
چٽيو آهي! اِها شاه جي خاص خوبي آهي، جو قدرت جو نظارو چٽيندو به ٿو وڃي، ۽ ساڳئي
وقت، اِنساني دل جي حال جو به ورنن ڪندو ٿو وڃي. لاشڪ، قدرت جي جدا جدا ڪرشمن جو،
اِنسان جي دل تي نرالو نرالو اثر آهي.
شمس هجي يا قمر يا سهڻو سارنگ، ته شاه جي پرينءَ سان، حسن ۾ ڪنهن
جي جاءِ ناهي. شاه، سارنگ جي ساراه ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي، ته به اُنجي سوڀيا
کان، پنهنجي پرينءَ جي سونهن کي، سهسين ڀيرا سرس ٺهرايو اٿس. انيڪ برساتون پون، پر
ساجن بنا عشق جي جيءَ کي قرار اچڻو ناهي. جانيءَ جو هڪ درشن، برابر آهي سهسين
سارنگن جي.
آگم اِي نه اَنگ، جھڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن ريءَ سيد چئي، روح نه رچن رنگ،
سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوءِ ۾.
مطلب ته قدرت جو ڪهڙو به حيرت انگيز نظارو، شاه جي پرينءَ سان،
سونهن ۽ سينگار ۾، مٽ پئجي نه سگهندو.
”سر سهڻيءَ“ ۾، شاه، سمنڊ جو وئراٽ روپ چيو آهي. درياه جي دهشت
ڏسي، ماهر تارو به ڪنبي اُن کان ڪنارو ٿا ڪن. اَندر ڪارن ڪنن جا ”ڪاريهر ڪڙڪا“ ۽
ڪناري وٽ ڀوائتيون ڀواريون پيئون پون. هيبتناڪ درندا واڪا ڪيو، هڪ ٻئي تي اُلرون
پيا ڪن. واڳهن، سيسارن، ٿلين، ۽ لوهڻين جو ليکو ئي ڪونهي. اونهاڻ جي سڌ، ماٽيڙن کي
ناهي، وڏا جھاز به منجھس غرق ٿيو وڃن. اَهڙي ڀوائتي ساگر ۾، ڌڻيءَ جو لطف ٿو
گھرجي.
دهشت دم دريا ۾، جت جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
درندا درياه ۾، واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پرزو پئَدا نه ٿئي، تختو منجھان تن،
ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اَڻ تارن، ساهڙ! سير لنگھاءِ تون.
”سر گھاتوءَ“ ۾ ڪلاچيءَ جي قهري ڪن جو ذڪر ٿو اچي. جو اندر
گھڙيو، سو وڃڻ کي ويو:
ڪو جو قهر ڪلاچ ۾، جو گھڙي سو نئي.
(سر
گھاتو)
درياه جو دور، دانائن کي ديوانو ڪيو ڇڏي؛ وڏن وڏن ماهرن جون
متيون به اُت منجھيو وڃن؛ ۽ اڄ ۽ سڀاڻ جي سار ئي دماغ مان نڪريو وڃيين.
گھنگھريا گھڻ ڄاڻ، موڙهي مت مهائيين،
ويا گڏجي وير ۾، پيا منهن مهراڻ،
اَڳيان پويان ٽاڻ، ويا ويچارن وسري.
”سر سريراڳ“ ۾ به سمنڊ جي خطرن ۽ خوفن جو ذڪر ڪيو اَٿس. سمنڊ کي
به لکين لباس آهن؛ ڪٿي لڙ آهي، ڪٿي لهر؛ ڪٿي لس آهي، ڪٿي ليٽ؛ پر اُن جي اونهاڻ جو
انت ڪونهي:
لڙ، لهريون، لس ليٽ؛ جتي اَت نه آب جو.
درياه جو سفر، جگر ٿو گھري. پريان ئي ڪنن تي سمنڊ جا غوغاءُ پيا
پون، جي ٻڌي، سينو ڪنبيو وڃي.
اَچن ٿا آواز، سڻاٽي سمونڊ جا.
ملاحن کي گھرجي ته هر دم سجاڳ رهن، ڇو ته سمنڊ جي قهري ڪنن، ڪئين وڏا ٻيڙا
نيا آهن.
وڏا ٻيڙا ٻوڙيا، سائر ڏيئي ساه،
ملاحظو، ملاح! ڪج اِنهيءَ ڪن جو.
اها سڌ ڄاڻن کي آهي، ته درياه ڪهڙو نه ديوانو آهي:
سونهان سڌيون ڏين، اُن ديواني درياه جون.
درياه جو ٻاهريون روپ لاشڪ ڀوائتو آهي، پر جيڪي همت رکي، منجھس
پيهي ٿا وڃن، تن سان وڏا وڙ ٿو ڪري. سمنڊ کي جي جلال آهي ته جمال به اٿس. ظاهري
صورت خوفناڪ ۽ ڪرڙي اٿس. پر باطن ۾ نهايت سٻاجھو ۽ سخي آهي. هر طرح پوڄڻ لائق آهي.
سمنڊ جي سيوا مان اَملهه ماڻڪ ۽ موتي ٿا پڙپن.
سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون، لطيف چئي، لالون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.
قيمتي خزانا هٿ ڪرڻا آهن، ته سمنڊ جي ٻاهرين روپ کان نه ڪنبي،
سندس پوڄا ڪرڻي آهي. مٿان واگھو، سيسار ۽ مڇ پيا ڦرن، پر پاتال ۾ ماڻڪ ۽ موتي پيا
جرڪن. اِها سڌ ٽوٻيڙن کي آهي، جي خبرداريءَ سان منهن کي ڪائو ڏيئي، پاتال مان ماڻڪ
ميڙي ٿا اچن.
اِي گت غواضن، جئن سمنڊ سوجھيائون،
پيهي منجھه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.
لوهيڙي جي سهڻي وڻ ۽ سر سبز گاه کي ڏسي، وڻجاري جي اِستريءِ کي پنهنجي ڀتار
جي پياس ٿي ٿئي.
سر لوهيڙا ڳڀيا، ڪيسر نسريا،
تو ڪئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا؟
”سر ڪاموڏ“ ۾ شاه، ڪنيجھر ڍنڍ جو نرمل نظارو پيش ڪيو آهي. هيٺ
ڪينجھر جو اوجل پاڻي، مٿان وڻن جي ڇانو؛ وري جو اچي اُتر جي هير، ته ڪينجهر ڄڻ
هندورو ٿيو پوي. ڪنڌيءَ وٽ، ڪنول صف لايو بيٺا آهن. بهار جي رت ۾، ساري ڍنڍ، هڪ
عجيب سرهاڻ سان واسجي ٿي وڃي.
هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراه،
لڳي اتر واءَ، ڪنجھر هندورو ٿئي.
هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونر ٽرن،
ورئي واهوندن، ڪنجھر کٿوري ٿئي.
”سر کنڀاٽ“ ۽ ”سر مومل راڻي“ ۾، سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن
ڏانهن ڪي اِشارا ڪيا اٿس. سنڌ جي اوجل آڪاس ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ، سهسين سينگار ڪري ٿو
اڀري، ۽ شعرى تارو، صبح جي وقت، پوري حسن ۽ جمال سان چمڪي
ٿو. سوڀيا ۾ ٻنهي جي، پرينءَ سان جاءِ ناهي.
ڪتيون ۽ تارا به پوري چمڪاٽ سان ٿا چمڪن،
ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو اُڀا ٽيئي.
(سر مومل راڻو)
شاه، قدرت جي هر رنگ جو مشتاق آهي؛ پر پنهنجي پرينءَ جو، ان کان وڌيڪ پياسي
آهي.
شاه، قدرت جا ٻئي پاسا چٽيا آهن ـــــــــ ڀينڪر ۽ موهيندڙ. قدرت
قاتل به آهي، ته ٺپن تي ٺار وجھندڙ به. سسئَيءَ وارن سرن ۾، جبلن جي جلداين ۽
ڏونگرن جي ڏاڍاين جو ذڪر ٿو ڪري. مصيبت جي ماريل اِنسان کي، قدرت ۾ همدرديءَ جو ذرو
به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. سندس دل رتو رت آهي، پر قدرت کي رتيءَ جو به ڪهڪاءُ
ناهي.
ڏونگر! ڏوراپو، پهرين چونديس پرينءَ کي:
”پهڻ پير پٿون ڪيا، تريون ڇنيون تو،
رحم نه پيءَ روح ۾، قدر منهنجو ڪو؛“
”وو! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري!“
(سر
ڪوهياري)
سنڌ جي جبلن ۽ برپٽن جو پنڌ به دوزخ جھڙو آهي. ڪٿي جنهنگلي وڻ
روڪ پيا وجھن، ته ڪٿي تتل واريءَ هلڻ کان عاجز ڪيو ڇڏي؛ ڪٿي نيلا نانگ، دل کي
دهلايو ڇڏين.
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو، جمر، جر،
ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دمدم تپي ڌر. . . .
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا . . .
(سر سسئي
آبڙي)
سفر اهڙو ته اڻانگو آهي؛ جو جبرا ۽ سٻر اٺ به هڪواري ات دهلجيو بيهيو
وڃن.
دوڪ دهليا جت، گوڏا لن نه گس ۾.
(سر
ديسي)
جئن ديواني درياه کي ڏسندي، دانائن کان دانائي ڇڏايو وڃي، تئن ڪرڙا ڏونگر
ڏسي، حريف ئي حيران ٿيو وڃن.
ڪرڙا ڏونگر، ڪهه گھڻي، جت برپٽ، بيران،
ڏاهن ڏاهپ وسري، ٿيا حريف حيران.
(سر ديسي)
بيابان ۾ واسينگ وراڪا ڏيو پيا گھمن. واسينگن جا ٻچا ڏسڻ ۾ سنها،
پر اَهڙا زهري، جو هاٿيءَ جھڙي پربت حيوان کي به جيڪر کن ۾ ڊاهي وجھن.
سنها ڀانءِ م سپ، وياءَ واسينگن جا،
جنين جي جھڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.
(سر
ڪارايل)
وڻن ۾ چٻن ۽ چيهن جا آشيانا ۽ ٻيهن جون ٻوليون آهن. جبل جا پنڌ، پيرن کي
رتو رت ڪيو ڇڏين ۽ سارو ڏينهن، مٿان لوه پيئي وسي. اهڙي هنڌ، اڪيلائي، موت کان وڌيڪ
بري بلا آهي. لڪن جا ڪشالا به چيلهه ڀڃيندڙ آهن.
وڏا وڻ وڻڪار جا، چٻون جت چيها،
منزل دور، من تنها، اُت ٻوليون ڪن ٻيها،
رائي پير رت ڪيا، لڳي لڪ ڏيها،
لڪن جيون ليها، لوڙهيا لال لطيف چي.
(سر سسئي
آبري)
هي لاثاني شاعر، ٿر ملڪ جي ڪک پن تي مفتون هو. ”سر مارئيءَ“ جو
هر لفظ اها شاهدي ڏئي ٿو. ٿرين جي سادي پر اخلاقي زندگيءَ ۽ ٿر ملڪ جي فطرتي سينگار
تي عجيب جادو بياني ڪئي اٿس. ٿر ملڪ جي نرالن نرالن گلن ڦلن، ميون، اَنن ۽ گاهن
ڏانهن، مارئيءَ جي ويس ۾، نهايت محبت ۽ تاثير ڀريل لفظن ۾ اِشارا فرمايا اٿس.
برسات کان پوءِ، ٿر هڪ گلستان ٿي پوندو آهي، ۽ ڀٽن تي اهڙي عجيب گلزاري ۽ ساوڪ
نمايان ٿيندي آهي، جو قادر مطلق جي قدرت تي، عقل، حيرت جي گرداب ۾ غرق ٿيو وڃي.
ٿري ويچارا، جن جو گذران، گولاڙن ۽ گاهن تي آهي، ۽ جن لاءِ پلر
هڪ نعمت آهي. سي ڪيئن نه سارنگ جي اچڻ سان وجد ۾ اچن! ماروئڙا پنهنجا پکا ئي وڃيو
ڀٽن ڀر اڏين.
ڀٽن ڀر هوندا، پکا پنوهارن جا.
جت جھڙ ڦر، تت سندن
جھوپڙا:
جھڙ ڦر جت ٿيان، تت اَڏيائون پکڙا.
ٿر جا ماڻهو ته ٺهيو، پر پکي پرندا ۽ مرون به سارنگ لاءِ بيتاب ٿا رهن.
ويچارو ٿر ٻاٻيهو ته لوه لڳڻ سان مريو وڃي. شاه صاحب، هن سارنگ جي فدائي
پکيءَ کي، هڪ حقيقي عاشق جو مرتبو ٿو ڏئي.
منجھان منهنجي روح، جي وڃي ساجن وسري،
مر لڳي لوه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
ساري ٿر جو گذران، مال ۽ چاري تي آهي. مارئي اهڙو اشارو ڪري
ٿي:
منهنجو تُور تلن ۾، چيها ٿو چاري.
مطلب ته ٿر ملڪ جو، اُهو ڪو دلڪش تفصيل ناهي، جو شاه صاحب جي نظر کان گٿو
هجي.
شاه، سنڌ جي قدرتي نظارن کي هڪ باريڪ، فلسفانه، عارفانه ۽
عاشقانه نظر سان جاچيو آهي. سندس طبيعي شعر جي وڏي ۾ وڏي خوبي اِها آهي، جو ان ۾
نهايت وفائيءَ سان، هيڪلائيءَ جي ماريل دلين جو احوال چٽيل آهي. قدرت جا نرالا
نرالا نظارا ڏسندي، ستايل دلين ۾ جيڪي پور ۽ اُڌما ٿا اُٿن، تن جو نهايت سوز ڀرئي
نوع ۾ وستار ڪيو اٿس. شاه، طالب به پاڻ آهي، مطلوب به پاڻ. پنهنجي حسن تي پاڻ حيران
آهي.
پنهنجون اهي ٻئي شخصيتون، پنهنجن سورمين ۽ سورمن جي قالبن ۾
پلٽيون اٿس. طالب جي صورت ۾، هُو سهڻي ۽ سسئي، مومل ۽ ليلا، نوري ۽ مارئي آهي.
سهڻيءَ ۽ سسئيءَ جو عشق، سندس بي انتها عشق جو عڪس آهي؛ اِهو عشق، درياه جي دهشت ۽
بيابان جي وحشت کي، کن ۾ مات ڪيو ڇڏي. محبوب حقيقي لاءِ مومل ۽ ليلا جي روپ ۾ رڙي
ٿو؛ مارئيءَ جي ويس ۾، پنهنجي اصلوڪي غيبي وطن لاءِ ڳوڙها ٿو ڳاڙي؛ ۽ محبوب جي
حضوريءَ ۾ هوندي به، نوريءَ وانگر، ڪنڌ هيٺ نوائي ٿو وهي، ڇو ته:
رئنديون ڏٺيون مون، اِن در مٿي دادليون.
جان نثاري ۽ فدا ڪاريءَ جون اِهي مورتون چٽي، پنهنجي حقيقي وصفن
جو اِظهار ڪيو اٿس. هنن جي محبوبي صورتن ۾ پنهنجي باطني حسن وجمال جو عڪس پسايو
اٿس.
منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين باغ بهار
درحقيقت، شاه جا سورما، پهرين طالب ٿيا آهن، ۽ پوءِ ڦري مطلوب
بنيا آهن. سچي عاشقي ڪمائي، سچائي ۽ صداقت جا پروانا بنجي، عشق ۽ معشوق مٿان، ايتري
قدر پاڻ فدا ڪيو اٿن، جو سندن مطلوب خود ڦري، سندن طالب بنجي پيئون آهن. شاه، مطلوب
جي حيثيت ۾، پاڻ کي پنهون، راڻي، چنيسر ۽ ميهار جي صورت ۾ روشن ڪيو آهي. هُو، هڪ
اهڙو سچو طالب آهي، جو پنهنجي بي انتها صداقت جي ڪري ڦري، هڪ محبوبي مطلوب ٿي پيو
آهي.
عاشق سي چئجن، جن تي عاشق پاڻ ٿيو،
اهڙي رنگ رچن، سي عاشق معشوق ٿيا.
(سامي)
اِهو آهي حقيقي راز، جو شاه، پنهنجن سورمن ذريعي، نروار ڪيو
آهي.
سسئي، شاه پاڻ آهي. سسئيءَ جا ڪشالا، شاه جي حقيقي جفائن جو عڪس
آهن. شاه جي دل ۾ سمايل بره جي اَٿاه باه جا شعلا، سسئيءَ جي صدائن ۾ نڪري ظاهر ٿيا
آهن. پر اُهي لفظ شعلا آهن، آتش شاه جي سيني ۾ ئي محفوظ رهي. تڏهين شاه چوي
ٿو:
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري اوڀڙ اُڀري ڪين ڪي.
(سر
ڪوهياري)
پر جيڪا ذري آتش سسئيءَ جي لباس ۾ ظاهر ڪئي اٿس، سا به پڙهندڙ جي دل تي وڄ
وانگر ٿي ڪري. سسئي، بنن ۽ برپٽن مان لنگھندي، دلي سوز ۽ جگري جوش جو طوفان
مچائيندي ٿي وڃي. پاڻ ته قرب جي ڪٺل ۽ ويراڳ جي وڍيل آهي، پر پنهنجي درد سان، بي
جان شين کي به وڍيو ٿي ڇڏي. مرون ۽ مرغ ۽ ٻيو هر ڪو جيو، جو کيس ڏسي ٿو، سو ماتم ۾
مريو وڃي:
وڍيءَ سي واڍوڙيا، رت نه ڏنو جن،
موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
(سرمعذوري)
شاه، پنهنجي سورمين کي سچي عشق ۾ رڱي، هميشه لاءِ زنده رکيو آهي.
درحقيقت، نوري به شاه پاڻ آهي، ته سهڻي به پاڻ؛ ليلا به پاڻ آهي، ته سسئي به پاڻ.
انهن جي پايندگيءَ جو ذڪر ڪندي درحقيقت پنهنجي پايندگيءَ ڏانهن اِشارو ڪيو اٿس.
نوريءَ کي تماچي نه نوازي ها، ته سندس نالو، گمناميءَ جي دفتر ۾ لکيل هجي ها؛ سهڻي،
ساهڙ جي صدقي سير ۾ گھڙي قربان نه ڪري ها، ته اڄ سندس نالو، عدم جي طاق تي ئي اڪريل
هجي ها؛ سسئي محبت جي مارڳ ۾ مئَي، تڏهين ئي سندس نالو ديسان ديس وڄي ويو آهي؛ نه
ته هوند سنڌ به ڪين سڃاڻيس ها ته ڪير هئي.
سڌر سين سڱ ڪري، پرکنڊين پيياس،
ڪير برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄاڻي ڪيڻاس،
هند نه سنڌ سياس، هن پريين ڪيس پڌري.
(سر
معذوري)
شاه، دنيوي جيوت جا ڏينهڙا، نماڻي نموني ۾، غريباڻي ڀٽ تي
گھاريا، پر اڄ سندس خوشبوءَ، ولايتن کي واسي ڇڏيو آهي. سسئي، پنهونءَ جي محبت ۾
مئي؛ ۽ شاه، اِلاهي عشق ۾ فنا ٿيل هو. شاعر سان گڏ سندس سورميون به هميشه زنده
رهنديون.
هر ڪو شاعر عاشق آهي. دنيا ۾ اهڙو شاعر پيدا نه ٿيو آهي، جنهن جي
چولي ۾، عشق جي چڻنگ نه پيئي هجي، يا جو ان جي اثر هيٺ نه آيو هجي. دنيا جو ڪوبه
شاعرانه دفتر، عشق جي ثنا کان خالي نه آهي. مشرق شاعر، ان جي اچارڻ سان ئي؛ وجد ۾
اچي ٿا وڃن. رومي چوي ٿو: ”عشق ۾ اهڙو ڪو زبردست برقي اثر آهي، جو ان جي ٻڌڻ سان،
جبل به جنبش ۾ اچي ٿو وڃي ۽ نچڻ لڳي ٿو.“
”کوه در رقص آمد و چالاک شد.“
شاه کي مجازي ۽ حقيقي عشق جو تجربو هو. جيڪو به ڪلام چيو اٿس، سو
عشق جي مستيءَ ۾. روميءَ وانگر، شاه به عشق جي مدح ڳائيندي وجد ۾ اچي ٿو
وڃي:
مدح مون کان نه ٿئي. سندي سور صفت،
هِجي ڪريان هيج سين، مطالع محبت.
(سر معذوري)
”مون کي لفظ ئي ڪينهن جو مان درد جي صفت يا ساراه ڪري سگھان.
’محٻت‘ جي هِجي ئي آءُ جيڪر وڏي شوق سان ڪريان ۽ سڪ جو سبق، بيحد چاه سان پڙهان.“
شاه هڪ آدرشي عاشق آهي، ۽ پنهنجي ڪلام ۾، عاشقن لاءِ اعلى درجي جون هدايتون ۽ آدرش
ڇڏي ويو آهي. عشق جو سارو روپ، سندس ڪلام ۾ چٽيل آهي؛ عشق جو هر هڪ راز ان ۾ سمايو
پيو آهي. شاه، عشق جي وارتا، ابتدا کان وٺي کڻي ٿو. پر محبت هڪ اهڙي چيز آهي، جنهن
کي انتها آهي ئي ڪين. شاه جو عشق به لا انتها آهي.
شاه، محبت کي هڪ عجيب اُڃ ڪري بيان ڪيو آهي، جا ڪڏهين به اُجھامڻ
جي ناهي. ”سر سهڻي“ ۾ چوي ٿو: اندر ۾ پرينءَ جي عشق جي اهڙي تونس اٿم، جو سارو سمنڊ
پي وڃان، ته به مون لاءِ ڄڻ هڪ سرڪ به نه آهي:
کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تئونس پرين جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمونڊ منهن ڪريان، توءِ سرڪيائي نه ٿئي.
”سر سسئي آبري“ ۾، انهيءَ عجيب اُڃ جو ساڳئي نموني ۾ ذڪر ٿو ڪري. جئن جئن
محبت جو جام پيئبو، تئن تئن اها تشنگي زور پيئي وٺندي. عاشق جي اُڃ تڏهين لهندي،
جڏهين سندس معشوق جي اندر ۾ به اهڙي ساڳي اُڃ پيدا ٿيندي. پوءِ ٻنهي جو ابدي وصال
ٿيندو، ۽ اُڃ اُڃ سان مٽجي ويندي.
محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار،
پي پيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اُٿيار.
محبت اڳيان، ڪهڙيون به ڳريون مصيبتون، بيهي نه سگھنديون. ندي ۽
واهڙ ڪهڙي چيز آهن، جي سهڻيءَ جي اٿاه عشق اڳيان سٽ جھلي سگھن، يا جبلن ۽ برپٽن کي
ڇا مجال آهي، جو سسئيءَ جي لا انتها سڪ اڳيان، پنهنجي هستي قائم رکي
سگھن!
جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهڙ ڀائن وکڙي. (سر سهڻي)
جبل وڏو جو، لوڻ مڙوئي نينهن کي. (سر ديسي)
هيءَ ته هڪ ندي هئي، پر سهڻيءَ جھڙي سچي عاشقياڻيءَ اڳيان، کڻي
سهسين سمنڊ پنهنجي دهشت ڏيکارين ها، ته به سندس نينهن کي لوڏي نه سگھن ها. مطلب ته
سچو عاشق، ڪهڙين به مصيبتن کي خاطر ۾ نٿو آڻي.
سهسين سائر گجن، توءِ سهج نه مٽي سهڻي،
ته ڪي نينهن ڇڄن، پر تنهين پرين جي؟
(سر سهڻي)
شاه، عشق تي عاشق آهي. ڪڏهين به وصل لاءِ نٿو واجھائي، بلڪ هميشه
اِهائي آرزو ٿو رکي ته دائم سڪندو رهان. فراق، محبوب جي ياد کي سرسبز ۽ تازو ٿو
رکي؛ وصل، سڪ کي موت جي سيج تي ليٽائي ٿو ڇڏي. شاه، وصل جي ويجھو به نه ٿو وڃي، پر
هميشه فراق جي مرحبا ٿو ڪري.
وصالان فراق جي، سڄي ڳالهه ڳري. (سر سهڻي)
ڦوڙائي فراق جي، سڄي ڳالهه ڳري. (سر سسئي آبري)
”سر حسيني“ ۾ فراق جي شان ۾، ڪهڙو نه سهڻو خيال ٿو پيش ڪري! جيڪي
فراق ۾ آهي، سو وصل ۾ ناهي. محبوب مليو ته سڪ لٿي؛ گويا محبوب، عاشق کي ويجھو ٿيڻ
سان، هن کي پاڻ کان پري ٿو ڪري. وصل، محبوب ۽ عاشق جي وچ ۾ ويڇو ٿو آڻي، ڇو ته وصل
جي حالت ۾، عاشق جا فراق وارا ڪڙهندڙ ڦٽ ميٽجي ٿا وڃن، ۽ عاشق، سوز ۽ درد کان خالي
ٿو رهجي وڃي. جي دل ۾ دوست جو درد نه رهيو، ته عاشقي ختم ٿي چڪي ۽ عشق جو لطف وڃڻ
کي ويندو رهيو. شاعر، دل و جان سان فراق جي آجيان ٿو ڪري.
جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي،
اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.
شاه، سخين تي عاشق هو، جئن سندس مديحي ڪلام مان ظاهر آهي. سچو
سخي به هڪ اهڙو فقير آهي، جنهن جي وڏائي ڪامل عارف به ٿا ڳائين. سخين جي سخاوت، هڪ
ابدي گل آهي، جنهنجي سرهاڻ، ”جڳان جڳ“ ڦهليل ٿي رهي.
سخين جي صدقي، شاه مديحي شعر چيو آهي. ”سر پرڀاتي“ ۾ سپر سخي، لس
ٻيلي جي سخي حاڪم، ۽ ”سر بلاول“ ۾ مشهور سخي ڄام (سنڌ جي سمي حاڪم، جادم جکري) جي،
دل کولي واکاڻ ڪئي اٿس. ايراني شاعر، ڪنهن انعام جي تمنا رکي، خسيس بادشاهن کي به
پنهنجن قصيدن ۾ وٺي عرشين چاڙهيندا هوا.
شاه جن حاڪمن جي ساراه ڪئي آهي، سي تن ڏينهن ۾ جھان ۾ ئي ڪين
هوا. شاه، اهو مديحي شعر، انهيءَ لاءِ چيو آهي، ته دنيا ۾ سخين جي سخاوت، اَمر رهي،
۽ حاڪم، سخاوت کي پنهنجي خوءِ ڪن. تحقيق، ڪنهن سخيءَ جو ديدار ئي هڪ پاڪ زيارت آهي؛
۽ سندس ساراه ڳائڻ، هڪ ”عجيب عبادت“.
راءِ ڏياج، هڪ ڪامل راڳائيءَ کي، پنهنجو سر ڏاڻ ۾ ڏنو؛ هوڏانهن،
سپڙ سخيءَ وري هڪ ڏڏ مڱڻهار کي، هڪ سئو تازي گھوڙا اِنعام طور ڏيئي ڇڏيا. راءِ ڏياج
پنهنجو سر لڄيندي لاٿو، ڇو ته ٻيجل جي تند کي، ”سئو هزارن سرن“ ۽ ”ڪوڙين ڪپارن“ کان
مٿي ٿي سمجھيائين؛ سپڙ سخيءَ به ڏڌ مڱڻهار سان وڏا ئي ور ڪيا؛ کيس سندس بي سرائيءَ
بابت ته ڪجھه نه چيائين، پر پاڻ ساڻس ڏک ڪيائين ته ”اي جاجڪ! ٻين درن تي وڃڻ بدران،
جو هن کان اڳ، منهنجي در تي نه آئين، تڏهين ئي هيترا سارا ڏکيا ڏينهن ڏٺا اٿيئي.“
ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻا مٿي مڱڻي،
”مون در ڇڏيو، مڱڻا! مڱين ڪوه ٻيا؟
تڏهن تو پيا، وچان ولها ڏينهنڙا.“
(سر پرڀاتي)
ڄام سمي جي سخاوت کي، هن ريت ٿو داد ڏيئي: ”جس جو لائق، هڪ ڄام
سمو آهي؛ ٻيا مڙيئي حاڪم، ”انيراءِ“ (جنهن راءِ ڏياج جو، ٻيجل محل معرفت، سر وڍايو
هو) مثل آهن. جنهن هنڌ، هي سخي سردار جڙي راس ٿيو هو، تنهن هنڌ، ٻيو ڪوبه انسان
اهڙو نه جڙيو، ڇو ته اُتي مٽي هئي ئي ايتري. هن سخي حاڪم کي ڏسڻ سان ٻيو ڪوبه راجا،
دل تي ئي نه ٿو اچي، ڇو ته جتي مٺي پاڻيءَ جو چشمو هوندو آهي تتي ٻين کوهن کڻڻ جو
ڇا سود!“
جکرو جس جکرو، ٻيا سڀ اَنيرا،
جئائين گھڙيو جکرو، تئائين نه ٻيا،
مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري.
ڏٺي جادم جکري، چت نه ٻيا چڙهن،
ته ڪي کوه کڄن، جه سر لڀي سڀرو.
شل سخين جي سخاوت، هميشه قائم رهي! سخين کان سواءِ، دنيا ۾
اَنڌوڪار آهي. سخي، هن دنيا جي ريگستان ۾، مٺي ۽ ٿڌي کوه مثل آهن، جنهن مان رڻ
اُڪرندڙ، پاڻيءَ چڪو پي، پنهنجو جيءُ ٺارين ٿا. شل اُهي امر رهن!
اَلا! جنگ، جنين اَجھي گھاريان،
شال مَ سڪي ويئري، جئان پي پين.
شاه، جادم جکري جي واکاڻ ڪندي، وجد ۾ اچي ٿو وڃي، ۽ مبالغي ۾ اچي
ٿو ڇٽڪي: ”هن حاڪم سان ٻيا سوين سردار به نه پاڙيان. اي سخي! تنهنجي سخا، مينهن مثل
آهي. تنهنجي ’جھڙ‘ يعني سخاوت، ارڙهن هزارن حاتمن کي ڍڪي ڇڏيو آهي.“
پانڊپ سين نه پاڙيان، سوين ٻيا سردار،
آهي مثل مينهن جي، سخي تنهنجي سار،
حاتم هزده هزار، جھڙ تنهنجي جھپيا.
(سر بلاول)
شاه، الله جو عاشق هو، تنهن ڪري الله جي عاشقن جو به عاشق هو.
اِمام حسين جي شهادت جو بيان، نهايت رقت آميز نموني ۾ ڪيو اٿس. اِمام حسين پنهنجو
سر، غزا يا ديني جنگ ۾ ڏنو. شاه جھڙو عاشق، ڪئين نه اهڙي واقعي کي، پنهنجي ساري
روحاني قوت ۽ شاعراني شعور سان چٽيندو؟ عاشقن جي مرڪ ئي آهي شهادت.
سي ڌڙ پسي سڌ، ڪنهن اَڀاڳيءَ نه ٿئي.
(سر ڪلياڻ)
فردوسيءَ وانگر، شاه، تاريخي دلچسپيءَ کان، رزمي شعر نه چيو آهي.
اگرچه ”سر ڪيڏارو“ آهي تاريخي حقيقتن تي ٻڌل. هن نموني جو شعر به شاه، حقيقي عشق جي
جذبي هيٺ چيو آهي. ”سختي شهادت جي نسورو ئي ناز“. ڪيڏارو، سنسڪرت شبد ”ڪيدار“ جو
بگاڙ يا فاسد صورت آهي. ”ڪيدار“ جي معنى ئي آهي يڌ جو کيتر يا جنگ جو ميدان. ”سر
ڪيڏاري“ ۾ جنگ جو جوش ۽ خروش، بهادرن جي همت ۽ شجاعت، جھونجھارن جي دل دهلائيندڙ رڪ
وهندي راند، شيرن جي ڪنڌن جو رڻ ۾ نچڻ، ونڪن جي وهن جي جان ڏڪائيندڙ واويلا، ڪائنات
جو عاشقن جي شهادت تي ماتم ڪرڻ وغيره ـــــــ اِنهن مڙني جو ذڪر قلب کي پاڻي ڪندڙ
لفطن ۾ ڪيو اٿس.
شاه جي نظر ۾ سوره اُهو آهي، جو ويڙه ويل، ڪٽڪ ۾ بنا ڪنهن وسوسي
يا هٻڪ جي، ڪاهي ٿو پوي. نه زره ٿو بت تي پهري، نه پنهنجي بچاءُ ۾ ڍال اَڳيان ٿو
ڍاري. هُو سر جو سانگو لاهي، نيزي ۽ تلوار جو مارو ڪندو ٿو اچي، ۽ سواءِ ويڙه جي،
ٻيو ڪو به ويچار اندر ۾ نه ٿو اچيس. جو سپاهي، جنگ جي ميدان ۾ زره ۽ ڍال ٿو سنڀاري،
تنهن کي اڃا جان سان موه آهي. اهڙو سپاهي، سوره سڏجڻ جو لائق ناهي. سچو سوره اُهو
آهي، جنهن کي جيئڻ جي رتيءَ جيتري به سڌ ناهي.
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
اڃا اُن کي جيئڻ جو، آسانگو آهي،
سوره سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گھڙي.
شاه، بهادرن کي هيءَ تلقين ٿو ڏئي:
سوره! مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
شهزادن جي مرڪ آهي جنگ جو شوق رکڻ؛ ۽ جيسين جيئن، تيسين رڪ جي
پيالي پيئڻ جي تمنا رکندا اچن؛ ۽ آخر ۾ جنگ جي ميدان ۾ شهادت جو جام
پيئن.
ڪونر ڪلي جا ڪوڏيا! جانڪي تائين جيُ،
مٿان اَڙن اُسري، رڪ پيالو پيُ،
ڳاه ڳجھن جو ٿيُ، ويٺي جن وره ٿيا.
پر شاه کي احساس آهي ته جنگ جي ميدان ۾ دلير ٿيڻ، هر ڪنهن مڙس جو
ڪم ناهي. هتي اهو ڪڏي ڪاهي پوي، جو ڀڄڻ کي وڏو مهڻو سمجھي.
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائوُ سڀ نه هوُن،
پڙ تي سيئي پون، موٽڻ جنين ميهڻو.
شاه هڪ سچو صوفي هو. اها صوفياڻي پر ناهي، جنهن ڏانهن شاه صاحب
اشارا نه ڪيا آهن؛ اِهو صوفي طريقو ناهي، جنهنجو هن صاحب اڀياس نه ڪيو آهي. سندس
رسالي ۾، صوفين جي جدا جدا منزلن يعني شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت ۽ صوفيانه اُصولن
جھڙوڪ ذڪر ۽ فڪر، قضا ۽ رضا، توڪل ۽ تسليم، تجلي ۽ استتار وغيره ڏانهن به اِشارا
موجود آهن، جئن هيٺين مثالن مان ظاهر آهي.
جسي ۾ جبار جو، خفي خيمو کوڙ.
جلي تون زبان سين، چارئي پهر جوڙ،
فڪر سين فرقان ۾، اِسم اعظم ڏور،
ٻيا در وڃي م ووڙ، اِي امل اِئائين سپجي.
(سر يمڻ
ڪلياڻ)
قضا: قضا جا ڪريم جي، تنهن
کان ڪنڌ ڪڍبو ڪئن؟ (سر سهڻي)
توڪل: ڏيئي توڪل تڪيو، آر
لنگھيا آسان. (سر سريراڳ)
رضا ۽ تسليم: سڀيئي سبحان جي، ڪر
حوالي ڪم،
ٿي تحقيق تسليم ۾، لاهي غم وهم.
تجلي ۽ استتار: عاشق کي ڪڏهن مشاهدو ٿو ملي، ڪڏهن پردا ٿا
چڙهينس.
ڪڏهن طاقيون ڏين، ڪڏهن کلن در دوس جا. ـــــ (سر بروو سنڌي)
صوفين جي جدا جدا منزلن ڏانهن به اشارا ٿو ڪري:
راه شريعت هليا، تفڪر طريقون،
حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳون،
ناسوت، ملڪوت، جبروت، اِي اِنعام لڌون،
پس لاهوت لنگھيون، هاهوت مٿي هليا.
(سر رامڪلي)
سالڪ کي شريعت جي پيڙه تمام پختي ٻڌڻي آهي، پوءِ ئي ان جي مٿان،
هڪ سالم حقيقي عمارت اَڏي سگھندو. روحاني پنڌ ۾ انيڪ خوف ۽ خطرا آهن ۽ جيسين طالب
کي ڪو ڪامل رهبر ناهي، تيسين هو هي اڻانگو سفر طئي ڪري نه سگھندو. اهڙا اِشارا شاه
صاحب ڪيترن ئي هنڌ ڪيا آهن. صوفين جي چوڻي آهي ته جنهن کي ڪو مرشد نه آهي، تنهنجو
مرشد شيطان آهي. ”سر ديسيءَ“ ۾ شاه صاحب سالڪ کي تاڪيد ٿو ڪري ته بنا مرشد جي سڀ
اونده آهي:
دُودُ
دِلِ تان دُورڪَري، ڪَرِ، ساجَنَ! صَفائِي؛
مَنۡ لاَ شَيۡخُ لَہٗ فَشَيۡخُہُ الشَّيۡطَانُ، اِنَ رِءَ اُونداھِي؛
مَنۡ لاَ شَيۡخُ لَہٗ فَشَيۡخُہُ الشَّيۡطَانُ، اِنَ رِءَ اُونداھِي؛
سالڪ کي مرڻ کان اڳي مرڻو آهي يعني سڀني حرصن کي ختم ڪرڻو اٿس. ”موتوا قبل
ان تموتوا“ (حديث) اِنهيءَ چوڻيءَ جي شاه، ”سر معذوري“ ۾ اپٽار ڪئي آهي. هڪ داستان
۾ اهو ئي سر اَلاپيو اٿس: ”موت کان اڳي مرو“: ”موتوا قبل ان تموتوا“. موت کان مرڻ
آهي حرصن کي فنا ڪرڻ، نه جيءَ کي جفا ڏيڻ يا ڪنڌ ڪپائڻ.
مري، جيءَ ته ماڻيين، جانب جو جمال،
ٿئين هوند حلال، جي پند اهائي پارئين.
پر ۾ پچي پرينءَ کي، مري نه ڄاتوءِ،
”موتوا“، منڌ! نه سوءِ، ڪنڌ ڪڄاڙيا ڪاٽئين؟
صوفين جو قول آهي ته جڏهين ڌڻيءَ جھان خلقيو، تڏهين چيائين ”ڪن“
يعني ٿيءُ؛ پوءِ ائين ٿيو پوي: ”فيڪون“ خدا جڏهين روح خلقيا، تڏهين اُنهن کان
پڇيائين ته ”الست بربڪم“ يعني ”ڇا، نه آهيان مان اوهانجو رب؟“ روحن جواب ۾ چيو:
”هائو (قالو بلى). قرآن شريف ۾ به ائين فرمايل آهي. شاه جي ڪلام ۾، اِنهيءَ عقيدي
ڏانهن به اِشارا آيل آهن:
”الست بربڪم“، جڏهن ڪن پيوم،
”قالو بلى“ قلب سين، تڏهن تت چيوم.
ـــــــــــــــــــ ڪلياڻ آڏواڻي
No comments:
Post a Comment