مرزا اجمل بيگ سنڌين جي لاءِ هڪ قابل فخر انسان آهي ، جنهن پنهنجي شعر ۾ سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين جي عڪاسي ڪئي آهي جيئن لکي ٿو ته
(1)
ٿي ويٺا ڪي گورنر ۽ ويا ڪي ڪمشنر بڻجي
ڪي اغرب ويا، ڪي مغرب ويا سفير معتبر بڻجي
وزارت تي وڃي پهتا ڪي منظور نظر بڻجي
مگر وئي سنڌ ويچاري ته صدقي جو ٻڪر بڻجي
(2)
سُڃا سکڻا ويا دنيا مان، جي ملڪن جا والي هئا
هتان جڏهين ويو اسڪندر ٻئي هٿ اُنجا خالي هئا
ولايت جي وڏيءَ هوٽل تي ويٺو مئنيجر بڻجي
مگر وئي سنڌ ويچاري ته صدقي جو ٻڪر بڻجي
(3)
وَڻي جا راءِ کي سا بي گُمان راڻين جي راڻي ٿي
جا ٽانڊي ڪاڻ آئي هئي، سا ويٺي بورچاڻي ٿي
رڌي ناني ٿي ۽ کائينِ ڏُهٽا ٿا سُچر بڻجي
مگر وئي سنڌ ويچاري ته صدقي جو ٻڪر بڻجي
(4)
عجب مهمان جي، جي ميزبانن کي اچن اوڏا
رکڻ آڱر ڏيو جن کي ته گهيڙيو ٿا ڏين گوڏا
اچي نازل ٿي ماڪڙ ڏيهه ساري تي ڏڪر بڻجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(5)
هٿان پيئي جڏهن، پوءِ ڇو ڏجي ڪو ڏوهه ڏرن کي؟
وجهي سنڌين کي سُورن ۾ ڇا هٿ آيو وڏيرن کي؟
ويا جي راهه ۾ رولي اسان کي راهبر بڻجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(6)
ڏنو رب پاڪ سنڌين کي سَڀو ڪُجهه آهه، ڇا ناهي؟
ڀَري آهُون، تَڪڻ جي لاءِ هيڏو آسمان آهي،
ڪريون شڪوو شڪايت ڇو اسان ڪوته نظر بڻجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(7)
پڙهي ڪلمو مسلمانن ڀڳو ئي ڪوٽ ڪثرت جو
لڳي نعرو ٿو پاڪستان ۾ هر هنڌ وحدت جو
ٻيائيءَ کي هڻي ٻُن ۽ رهو شروشڪر بنجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(8)
وزير خارجه اُنجو عليءَ جي ذوالفقار آهي
اسان جو آ، اسان مان آ، اسان کي افتخار آهي
ڏکئي هن وقت ۾ بيٺو اسان جي سو سپر بنجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بنجي
(9)
اُها ٻولي جا دنيا جي وڏين ٻولين جو جوڙ آهي
عرب توڙي عجم جي ڪُل زبانن جو نچوڙ آهي
وئي افسوس خود پنهنجي وطن ۾ دربدر بنجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بنجي
(10)
اُها ٻولي جنهن جو ارفع و اعليٰ قبيلو آهي
جا هر هڪ علم جي اظهار جو عمدو وسيلو آهي
سا نااهلن جي هٿ ۾ اڄ وئي بلڪل بتر بڻجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(11)
حقيقت ۾ جڏهن ڪنهن قوم جي تقدير بگڙي ٿي
زبان سان گڏ زبان دانن جي پڻ توقير بگڙي ٿي
وڃي ٿو قوم جو آواز بلڪل بي اثر بنجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(12)
جڏهن ڪنهن قوم ۾ خود رونما ….. ٿيندو آهي
معزز لفظ ٻوليءَ جو ذليل و خوار ٿيندو آ،
ٿي …. شناس اڄ ويو حڪيم نامور بنجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
(13)
رڳو شاعر سڀئي سڏبا هئا شاگرد رحماني
مگر اڄ سنڌ ۾ سي فخر سان سڏجن ٿا خفتائي
لقب ڪهڙو نه شاعر کي ڏنوسين بي خبر بنجي
اسان جي سنڌ ويچاري وئي صدقي جو ٻڪر بڻجي
No comments:
Post a Comment