عرب
دور ــ
ابتدا ۾ خانه جنگين ھئڻ ۽ ٻين سببن ڪري ٿوري وقت لاءِ عرب سامراج جي ٻاھرين
فتوحات جو ڪم رڪجي ويو. پر ان کان واندي ٿيڻ بعد، عربن عبدالملڪ بن مروان ۽
وليد بن عبدالملڪ جي زماني ۾ ، ٻاھرين ملڪن کي فتح ڪري ، سندن سامراجي
تسلط ھيٺ آڻڻ ۽ مال ملڪيت ھٿ ڪرڻ جو ڪم چالو رکيو. سنڌ تي حملو ۽ ان کي فتح
ڪرڻ جو ڪم به ان سلسلي جي ڪڙي ھئي. ان جي فتح ڪرڻ لاءِ 14 حملا اڳي ڪيا
ويا ھئا. آخر ۾ وليد بن عبدالملڪ جو دور ۾ سنڌ کي فتح ڪري، بني اُميه
سامراج جي تسلط ھيٺ آندو ويو. بني اُميه سلطنت کي صرف سنڌ مان چاليھ ڪروڙ
روپيا ڦرلٽ (مال غنيمت) جو حصو مليو ان کان سواءِ زماني جي دستور مطابق
سولجرن (جنگ ڪندڙن) کي جو سامان ڦرلٽ مان ھٿ آيو اھو جدا ھو. انھن اٽڪل ٽيھ
ھزار زالون ۽ مرد غلام بنائي ، عرب ملڪن ۾ پنھنجي استعمال يا وڪري لاءِ
موڪليا. اھڙي طرح سال بسال سنڌ مان ڍلن ۽ جزيي (ٽيڪس) مان عربن کي لکين
روپيا وصول ٿيڻ لڳا.
بني اُميه کان پوءِ بني عباس جي حڪومت جي پاليسي به ساڳي رھي ۽ سنڌ کي عرب
سامراج ھيٺ رکي ان جو استحصال ڪيو ويو. اھڙيءَ طرح سنڌين ۽ سنڌ ملڪ کي عظيم
ترين نقصان سھڻو پيو. انھن جي مذھب جي آزاديءَ واري پاليسي ختم ٿي وئي
مڪاني حڪومت جي عيوض ڌاري حڪومت جو اقتدار قائم ٿيو. سنڌ جي پيدائش کي عرب
مفاد لاءِ ڪتب آندو ويو. سنڌين ۾احساس ڪمتري پيدا ڪري سندن مذھبي خيالات
کي غلط ، سندن نسل ۽ ذات کي ڪمتر ، سندن رسم و راوج کي غير شرعي يعني اسلام
جي خلاف ۽ سنڌي قومپرستيءَ کي گناھ ٺھرائي، عرب ملڪن جي زيارت، عرب دستورن
جي پوئلڳي ۽ عربي نسل سڏائڻ ۾ شرافت ۽ فخر محسوس ڪرائڻ جو دستور وڌو ويو
ـــ سائين جي ايم سيد
اھڙي طرح ئي ھن وقت سنڌ تي مھاجر پنجابي مستقل مفاد جو سامراج قائم آھي.
اھي پنھنجي سامراجي قيام جي جواز ۾ مذھب جو نالو ڪتب آڻين ٿا ـــ ۽ سنڌ جي
فتح کي ھيٺين سببن ڪري جائز ٺھرائين ٿاـ
1.عربن جو سنڌ تي حملو اسلام جي فورغ لاءِ ھو تنھن ڪري اھو جائز ھو ۽ سنڌ
جي فتح حقيقت ۾ دين اسلام جي فتح ھئي.
2.ان حملي جو جواز ۾ ھڪ دليل اھو به ڏنو وڃي ٿو ته سرانديپ جي حاڪم طرفان
عرب حاڪم ڏي ڪجھ ٻانھيون ۽ قيمتي تحفا جھاز ذيعي موڪليا ويا ھئا. تن کي سنڌ
جي ميدن ، جي دريائي ڦورو ھئا ۽ جن جو گذارو ڦرلٽ تي ھو ڦري ورتو ھو انھن
جي موٽارائڻ ۾ ڪوتاھي ڏيکاري ھئي.
3.بني اُميه سامراج جي مخالف ۽ حضرت امام حسين جي ھڪ طرفدار عرب سردار محمد
بن حلافيءَ ڀڄي اچي سنڌ ۾ پناھ ورتي ھئي ان کي موٽائي موڪلڻ کان راجا
انڪار ڪيو ھو ان ڪري مجبور ٿي سزا ڏيڻ لاءِ ھي حملو ڪيو ويو ھو.
جي چتائي ڏسبو ته مٿي ذڪر ڪيل سڀ دليل غلط ۽ بي بنياد ۽ ھٿ جا گھڙيل ھئا.
تنھن ڪري ان جي رد ۾ ھيٺينءَ طرح مفصل ذڪر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي آھي ـــ
دليل پھريون : اھا ڳالھ غلط ھئي ته بني اُميه سامراج جو سنڌ تي حملو اسلام جي فورغ لاءِ ھو. اھا ڳالھ روز روشن جيان پڌري آھي ته عربن کي مذھبي تعليم سان حضرت محمد صلعم روشناس ڪرائي. انھن مان اختلاف دور ڪري، کين متحد قوم بنائڻ لاءِ قدم کنيو ھو پر بني اُميه خاندان، جن جو رسول جي ورود کان اڳ مڪي تي تسلط ھو تن رسول پاڪ جو ھڪ غريب گهراڻي جو فرد ھو کي تڪليفون ڏيئي مڪي مان لڏائي مديني ۾ رھڻ لاءِ وڃي مجبور ڪيو. اُتي به کيس سک سمھڻ نه ڏنو ويو. نيٺ حضرت محمد صلعم جڏھن آخري طور ڪامياب ٿي مڪو فتح ڪيو ته ھنن بيعت قبولي اچي مسلمانن سان شرڪت ڪئي. رسول صلعم جي وفات کان پوءِ حضرت عثمان جي دور حڪومت ۾ ھنن حڪومت جو مکيه عھدن تي قبضو ڪري، طاقت حاصل ڪري ورتي. جڏھڻ حضرت علي حڪومت جو مالڪ ٿيو ته ان جي پوئلڳي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري نيٺ ان کي شھيد ڪرايائون. امير معاويي پوءِ حڪومت پنھنجي ھٿ وس ڪري پنھنجي پٽ يزيد لاءِ بيعت وٺائڻ شروع ڪئي. جڏھن يزيد تخت تي ويٺو ته ان امام حسين کان زوريءَ بيعت وٺائڻ گھري پر ھن جي انڪار ڪرڻ تي ھن کي عزيز اقربا سميت شھيد ڪرائي، سندس سر نيزي تي گھمارايو ۽ اھلبيت جي بيغزتي ڪرائي . عبدالله بن زبير کي ڪعبي ۾ قتل ڪرائي، ٿنڀي ۾ ٽنگائي ڇڏيو ڪوفي جي مسجد ۾ بني اُميه جي سپھ سالار حجاج بن يوسف ھزارين مسلمانن کي جمعي نماز مھل قتل ڪرايو ۽ ڪعبي تي پٿر اڇلارائي ان کي نقصان پھچارايو. انھن جو ڪم ڦر لُٽ ، عيش عشرت، شراب خوري ۽ بدڪرداري ھئا. اھي صحيح طور مسلمان ئي نه ھئا. تن لاءِ چوڻ ته انھن اسلام جي فروغ لاءِ جنگيون ڪيون ھيون سراسر ڌوڪو ۽ فريب آھي . پارسي مقولو آھي ته ” خود گم اَست ڪرارھبري ڪند“ يعني ”جو پاڻ گمراھ آھي سو ٻين جي ڪھڙي رھبري ڪري سگھند!“. ان ڪري جنھن صورت ۾ ھو ظالم، غاصب بداخلاق ھئا ته انھن جي جنگين کي جھاد اسلامي قرار ڏيڻ اسلام جي بي عزتي آھي ـــ
دليل ٻيون: ان حملي جي ڪارڻ سرانديپ (سيلون) جي طرف کان موڪليل ٻانھين ۽ تحفن جي کسجڻ جو انتقام وٺڻ به من گھڙت ۽ غلط آھي. جي کڻي اھا ڳالھ قبول نه ڪجي ته واقعي دريائي ڦورن اھِ زالون يا تحفا ڦر ڪيا ھئا ته ان لاءِ راجا ڏاھر کي ڪھڙي طرح ڏوھاري ٺھرائي سگھجي ٿو . سوبه مفت جي مال لاءِ جنگ ڪري ملڪ فتح ڪرڻ ڪھڙيءَ طرح جائز ٿي سگھي ٿو!ـ
دليل ٽيون: محمد بن علافيءَ سميت حجاج بن يوسف جي ظلم کان تنگ ٿي راجا ڏاھر وٽ اچي پناھ ورتي ھئي ان کي موٽائڻ جي گُھر کي راجا ڏاھر رد ڪري ڇڏيو ھو. جو ھن جو چوڻ ھو ته ملڪ جي دستور موجب سام ۾ ورتل ماڻھو کي موٽائڻ نامناسب ھو. راجا ڏاھر جي ملڪ ۾ رواداريءَ سبب سڀئي مذھبن جا ماڻھو رھندا ھئا ۽ انھن کي مذھبي آزاديءَ حاصل ھئي. اتي ھندن جا مندر ھئا.، پارسين جا آتشڪدا ھئا. ٻڌ ڌرم وارن جا اسٽوپا ۽ خانقاھون ھيون. جين ڌرم وارن جا مندر ھئا ۽ مسلمانن جون مسجدون ھيون ـ ھوڏانھن بني اُميه جي عرب حاڪمن جي اھا حالت ھئي جو ھنن رسول جي اولاد کي به اختلاف راءِ يا بيعت نه ڪرڻ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو. سندن ظلم اظھرمن الشمس ھئا. ان ڪري کين ھيءُ رحمدل راجا. ڪھڙيء طرح آيل سماون موٽائي ڏيئي سگھيو ٿي. راجا ڏاھر ته خود امام حُسين کي چوائي موڪليو ھو ته جيڪڏھن عربن جي ملڪ ۾ کين امن سان رھڻ نٿو ڏنو وڃي ته سنڌ ۾ اچي پناھ وٺي سگھن ٿا. امام حسين رضه جو سندن اھلا لنساءِ سميت ڪوفي کان سنڌ طرف اچڻ جي ويچار ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ اھو ھو. مولانا ابوالڪلام آزاد پنھنجي ڪتاب ”انسانيت موت جي دروازي تي“ ۽ مولانا سيد سليمان ندويءَ پنھنيج ڪتاب ”عرب و ھند ڪي تعلقات“ ۾ لکيو آھي ته امام صاحب يزيد جي عملدارن کي چيو ھو ته کيس اجازت ڏني وڃي ته ھو سنڌ طرف ھليو وڃي. ان ڪري مٿيان دليل يزيدي طرفدارن طرفان پيش ڪرڻ بي بنياد عذر آھن. سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ عربن طرفان اھو پھريون حملو نه ھو پر عرب سامراج قائم ڪرڻ لاءِ حضرت عمر رضه جي ڏينھن کان وٺي حملا شروع ڪيا ويا ھئا. ھن آخري حملي کان اڳ چوڏھن حملا سامراج جي فورغ لاءِ ٿيل ھئا ۽ ھيءُ حملو پندرھون ھو ـــ
سائين جي ايم سيد ـ ڪتاب سنڌو جي ساڃاھ پيج : 51 کان 53 تائين ــ

No comments:
Post a Comment