تيوڻو،
حفيظ: مشهور سگھڙ شاعر حفيظ تيوڻي جو اصل نالو لال بخش، ذات جو تيوڻو هو،
ڳوٺ ڏاتي تيوڻي تعلقي وارهه ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو.
جوانيءَ ۾ همت ڀريو شخص هو. سڄي عمر مينهون چاريائين. مينهن سان ايتري ته
محبت هوندي هيس، جو انهن کي مومل، هير، سهڻي ۽ سسئي وغيره جي نالن سان
سڏيندو هو. ماتا جي بيماري ٿيس. جنهن ۾ اکين کان نابينا ٿي پيو ۽ اهڙو حال
وٺي شاهه گودڙيي تي وڃي رهيو ۽ دعائون گھرندو
رهيو. هڪ روايت مطابق ارشاد ٿيس ته ”تنهنجي دعا قبول پيئي، هاڻي تون موٽي
وڃ ۽ تون لالو فقير نه، پر حفيظ آهين.“ اتان ڳوٺ اچي شاهه گودڙيي جي ساراهه
م شعر چيائين. حفيظ تيوڻي جو جنم 1810ع ڌاري ٿيو. سندس ڪلام، بيتن، ڪافين ۽
مثنوين وغيره تي مشتمل آهي. پاڻ هڪ وڏو سگھڙ شاعر هو. بيتن ۾ چيل مومل
راڻي جو قصو منڍ کان پڇاڙيءَ تائين تمام منفرد ۽ نرالي رنگ ۾ جوڙيائين.
حفيظ جو ڪلام ”لعلو حفيظ“ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ ڇپرايو هو، جنهن ۾
مومل راڻي بابت شعر ڇپيل آهن. هن قصي بابت حامد علي خانائي لکيو هو ته:
”سموري قصي کي شاعر تفصيل سان نهايت سهڻي رنگ ۽ ڍنگ سان جوڙيو آهي، -ان-
مان اصليت جي بوءِ پئي اچي ۽ منجهن مبالغو نظر ڪو نه ٿو اچي. سمورو الميه
داستان، درد ۽ سوز سان ڀريل آهي، هن ۾ عورت، مرد جي محبت ۽ قرباني جو ذڪر
آهي، نه صرف اهو پر -ان- مان سنڌي -تهذيب- ۽ تمدن، رسم و رواج ۽ مهمان
نوازيءَ جهڙين خوبين جو پتو پوي ٿو. حفيظ تيوڻي جي وفات 1885ع ڌاري ٿي.
اڳي سندس ’مومل راڻي‘ وارا -بيت- درسي ڪتابن ۾ به شامل هئا، پر هن وقت درسي ڪتاب تبديل ٿيا آهن. ڪلام ۾ ”حفيظ تيوڻو“ ۽ ”لالو“ تخلص طور ڪم آندو اٿس. خاص و عام ۾ حفيظ تيوڻي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب 1890ع ۾ وفات ڪيائين.
اڳي سندس ’مومل راڻي‘ وارا -بيت- درسي ڪتابن ۾ به شامل هئا، پر هن وقت درسي ڪتاب تبديل ٿيا آهن. ڪلام ۾ ”حفيظ تيوڻو“ ۽ ”لالو“ تخلص طور ڪم آندو اٿس. خاص و عام ۾ حفيظ تيوڻي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب 1890ع ۾ وفات ڪيائين.
No comments:
Post a Comment