Wednesday, 28 October 2015

عبدالواحد آريسر

جنهن سرزمين جي ٿڌڙي ۽ مٺڙيءَ واريء تي انسان جي ننڍپڻ بابڙانيون پاتيون هجن،جنهن ڌرتيءَ جي حسن سان هن جي اک پهريون ڀيرو آشنا ٿي هجي جنهن وطن جي هنج ۾ انسان جي سرمست جوانيءَ آس ۽ پاس جا ڪئي ديپ جلايا هجن،جنهن ملڪ جي ڀاڪرن ۾ هن جي جواني جي امنگ سان ڀرپور پهريون خواب ڏٺو هجي،جنهن سرزمين تي رسڻ ۽ پرچڻ ڪچهرين ۽ رهاڻين جا انيڪ داستان دفن ٿيل هجن،جنهن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ ان جي روح ۾ اچي کيس راس بنايو هجي ۽ جتي جڳن کان سندس وڏن جي جسمن ۽ اُمنگن جون چتائون دفن ٿيل هجن،اهڙيءَ ڌرتيءَ جي آزاديءَ جو جڏهن جوش فرزندان زمين جي دلين ۾ پيدا ٿي پوندو آهي ان وقت اهي دنيا جي وڏي کان وڏي طاقت سان ٽڪرائجي ويندا آهن.ڦاسين جي تختن تي مرڪندي چڙهڻ کان اڳ ۾ جهڪي پنهنجي ڌرتيءَ کي چميون ڏيندا آهن ۽ جلاد جي تلوار هلڻ کان اڳ ۾ رڙ ڪري چوندا آهن ته؛“ خدا جي واسطي منهنجي اکين تان پٽي کوليو،آء آخري ڀيرو پنهنجو غلام پر آزادي ڏانهن وڌندڙ سرزمين کي ڏسي وٺان ۽ ان جو پورو حسن پنهنجي نگاهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيان.
عبدالواحد آريسر
چونڊ عابد آزاد جهتيال

No comments:

Post a Comment