Thursday, 12 November 2015

سنڌو ماٿر جو دراوڙي دور – سجاد حيدر علي قادري

رگ ويد ۾ دراوڙن جو ذڪر ٽن نالن داس، داسيو (معنيٰ غلام) ۽ اسوريا اشور سان آيو آهي. داس يا داسيو اهي قبيلا هئا جيڪي ماڻهن جهڙا ماڻهو هئا جن ۾، رگ ويد موجب ڪابه خاص ڳالهه نه هئي، جڏهن ته اشور بيحد ذهين عالم ۽ فاصل شخص هئا، انهن ۾ وري ٻه طبقا هئا، هڪ کي ورتر چئبو هيو (شايد هي ماڻهو جنگي جوڌي ورتر جي قبيلي جا هئا يا هي ئي اهو قبيلو هيو جنهن تي رگ ويد پرسنيفاءِ ڪري هڪ شخصيت جو روپ ڏنو هيو) ۽ ٻئي طبقي کي پڻي چئبو آهي (هي شايد اهي پڻي لوڪ آهن جيڪي مشهور ٻيڙياتا هئا ۽ آرين جي آمد کانپوءِ هنن جو وڏو انگ، سنڌ ڇڏي ويو هيو ۽ جيڪي سنڌو ماٿري ۾ رهيا سي آرين ۾ مدغم ٿي ويا هئا) درحقيقت اهي اشور ئي آهن جن جي باعث دراوڙي تهذيب، آرين تي ايترا گهرا ۽ ڏوررس اثر مرتب ڪري سگهي هئي، ان ڳالهه جي باوجود ته اشور به آرين لاءِ وڏو عرصو مٿي جو سور بڻيل رهيا هيا، آرين جي هڪ ٻي مقدس ڪتاب اٿرويد ۾ لکيل آهي ته اشور پنهنجي ڏات ۽ ذهانت سبب رشين (آرين جا عالم ۽ روحاني پيشوا) جي همسري ڪندا هئا ۽ پنهنجي ان ئي ڏات سبب ڪيترائي دراوڙ اشور هڪ محڪوم قوم جا فرد هوندي به رِشي جي بلند مرتبي تي پهچي ويا هئا پر انهن جي سڃاڻپ لاءِ انهن جي نالي سان لفظ ”اشور“ ضرور لڳايو ويندو هيو مثلاً اشوري واسوري، اشوريانا ۽ اشوري وغيره. آريا پنهنجي غلام اشورن جي علم ۽ فضل کان ايترو ته متاثر ۽ مرعوب ٿيا جو انهن کي پنهنجي ديوتائين جو همسر سمجهڻ لڳا. ان کان اڳ آريا فقط ديوتائين کي ئي پرجا پتي (ڪائنات کي تخليق ڪندڙ هستي) جو اولاد سمجهندا هئا پر هاڻ هو دراوڙ اشورن کي پڻ پرجاپتي جي اولاد ۽ ديوتائن جو همسر سمجهڻ لڳا هئا. آرين موجب اشور، پرجاپتي جي اولاد ته هئا پر ڀٽڪيل هئا. ان ڳالهه جي تصديق ڪندي، سبط حسن، هندن جي ڪتاب ست پت براهمن جو هڪ ٽڪرو نقل ڪيو آهي جنهن مطابق ديوتا ۽ اشور، ٻئي پرجاپتي جي اولاد هئا ۽ گڏ رهندا هئا، پر پوءِ وڏائي ۽ غرور ۾ اچي اشور چڙهاوو (ديوتائن ۽ مندرن لاءِ ملندڙ مال ۽ دولت) پنهنجي وات ۾ رکڻ لڳا (پاڻ کائڻ لڳا) ۽ ان جي ڪري ڀٽڪيل سڏرائجڻ لڳا ۽ آرين طرفان ملامت جا حقدار بنيا. آرين جي نظر ۾ دراوڙن جي بلند مرتبي جو ثبوت اُپنشڌ مان به ملي ٿو. اپنشڌ موجب جڏهن روح جي اصليت جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو ته روح جي ماهيت ۽ اصليت پڇڻ لاءِ جيڪي ٻه مهان هستيون، پرجا پتي جي درٻار ۾ ويون هيون انهن مان هڪ ديوتائن مان ”ديوتا اندر“ هيو ۽ ٻي جو نالو ”وروچنا“ هيو ۽ وروچنا جو تعلق اشورن (دراوڙن) مان هيو. آرين دراوڙين کان هڪ ٻيو جيڪو علم حاصل ڪيو اهو جادو هيو هن علم (جادو) جي اهميت ان زماني ۾ تمام گهڻي هئي ۽ جادو جي علم کي ”اشورياتو“ چيو ويو آهي.
مٿي ذڪر ڪيل انهن سڀني ڳالهين مان هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح سامهون اچي ٿي ته آرين جي حملي تائين دراوڙي تهذيب تي جمود طاري هئڻ باوجود قوتِ نفوذ باقي هئي ۽ اها اهڙي همه گير نموني آرين تي اثر انداز ٿي جو آرين جي زندگي جو ڪوبه پهلو ۽ پاسو، دراوڙي تهذيب کان متاثر ٿيڻ کان بچي نه سگهيو ان ڳالهه کي سولي ريت سمجهڻ لاءِ جيڪڏهن اسان دراوڙي تهذيب جا آرين تي پيل چند اهم اثر هڪ فهرست جي شڪل ۾ رکون ته سندن ترتيب ڪجهه هيئن بيهندي.
1. آريا جڏهن هن خطي ۾ آيا ته لاڏاؤ Nomads هيا. جيڪڏهن اهي ڪنهن هنڌ عارضي طرح لڏو لاهي ويهندا هئا ته عارضي خيمن يا گاهه ۽ ڪاٺين مان ٺهيل جهوپڙا ٺاهي ويهندا هئا. سنڌو ماٿري ۾ اچڻ کان بعد انهن جو واسطو شهرن ۾ رهندڙ متمدن قوم سان پيو ۽ انهن ئي ماڻهن کان هنن شهر آباد ڪرڻ جو هنر سکيو ۽ خانه بدوشي کي ڦٽو ڪري شهر آباد ڪيا.
2. شهر آباد ڪرڻ ڪري هو فقط تهذبيي دور مان نڪري پهريون ڀيرو متمدن بڻيا. ان طرح تمدن جو سبق به انهن دراوڙن کان ورتو.
3. لاڏاؤ هئڻ ڪري، سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ آرين وٽ رياست جو ڪوبه تصور نه هيو، سنڌ ۾ آباد ٿيڻ کان بعد انهن دراوڙن کان نظم و نسق ۽ رياستي جوڙجڪ جو فن سکي پنهنجو رياستون برپا ڪيون.
4. سنڌ اچڻ کان اڳ آريا ڏيهان ڏيهي (بين الاقوامي) واپار کان ناآشنا هئا جڏهن ته دراوڙ هاڪارا واپاري هيا، ۽ انهن جي واپاري طبقي کي ”پڻي“ چيو ويندو هيو.  پڻي لوڪن جو وڏو حصو آرين جي حملن وقت سنڌ ڇڏي ويو، جيڪو رهيو سو آرين ۾ شامل ٿي ويو اهڙي طرح بين الاقوامي تجارت ۽ ,Marine Navigation جو علم به آرين وٽ دراوڙن ذريعي پهتو.
5. طاقتور دراوڙي تهذيب جي جادو کان آريائي مذهب به بچي نه سگهيو ۽ طاقتور مرد ديوتائن ۽ ٿوريون ۽ غير اهم ديويون رکندڙ آريائي مذهب ۾ دراوڙن جي سڀ کان اهم ديوي، مادرِ ارض يا ”ڌرتي ماتا،“ ”پرٿوي“ ۽ ”جگت جنني“ جي نالي سان پوڄجڻ لڳي ان کانسواءِ مفتوح دراوڙي قوم جو ديوتا ”شو“ اهڙي فاتحانه شان سان آريائي مذهب ۾ داخل ٿيو جو هو جلد ئي ان دور جي سڀ کان اهم آريائي ديوتائن کي پوئتي ڇڏي، سندن مذهب جي ٽن سڀ کان اهم ديوتائن ۾ شامل ٿي ويو.
6. آرين، دراوڙي نظريي آواگون کي اهم مذهبي عقيدي جي حيثيت ۾ اپنائي ورتو ۽ ان اڳتي هلي آريائي مذهب جي بنيادي عنصر جي حيثيت ماڻي ورتي.
7. فطري لقائن (مظاهر فطرت) جي پرستش ڪندڙ آرين، دراوڙن جي زير اثر بت پرستي اختيار ڪئي ۽ اڄ آرين جي مذهب (هندو ڌرم) جي اهم ترين سڃاڻپ بت پرستي ئي آهي.
8. ان ڳالهه جو به طاقتور شاهديون رگ ويد ۾ موجود آهن ته آرين لکڻ، پڙهڻ جو هنر به دراوڙن کان سکيو هجي يا وري پنهنجي محدود ۽ ابتدائي Stage تي بيٺل لکڻ ۽ پڙهڻ جي هنر کي دراوڙن جي مدد بهتر بنايو هجي.
دراوڙي تهذيب جا، آريائي تهذيب ۾ داخل ٿيل هي عنصر فقط پاڻيءَ تي ليڪا نه هئا پر انهن آرين جي طرز معاشرت ۽ نظام فڪر و احساس جي ڌارائن جا رخ موڙي ڇڏيا. هنن عنصرن جا آريائي تهذيب تي پيل اثر، هر لحاظ کان اونها، ديرپا ۽ همه جهت ثابت ٿيا ان ڪري جو هي اثر ڪنهن به نموني ضمني نه، پر هر لحاظ کان اساسي ۽ بنيادي اثرن جي حيثيت رکن ٿا. جيڪڏهن ايئن چئجي ته آرين ڪنهن فوم جي ٽڪري جيان دراوڙي تهذيب جي رنگن کي جذب ڪري ورتو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
سنڌو ماٿري ۾ اچڻ کان بعد ۽ دراوڙي تهذيب مان ايڏا گهرا، بنيادي، ديرپا ۽ همه جهت اثر قبول ڪرڻ کان پوءِ آرين جي تهذيب هاڻ خالص آريائي نه رهي هئي بلڪه ان هڪ مخلوط شڪل اختيار ڪري ورتي هئي جنهن جا تخليقڪار فقط آريانه هئا پر اڻ ڳڻيا اهم ۽ غير اهم دراوڙي عنصر به ان جو حصو بنجي چڪا هئا انهن سڀني ڳالهين کي مدنظر رکندي سنڌو ماٿري ۾ آريائن جي آمد کان بعد Emerge ٿيل تهذيب کي جيڪڏهن آريائي تهذيب سان گڏ Dravado-Arian Civilization سڏجي ته غلط نه ٿيندو ڇو ته آرين هن خطي ۾ هندو ڌرم، ويدن، براهمڻ، آرڻيڪ ۽ اپنشدن، اتهاس ۽ پراڻن جي شڪل ۾ جيڪو ورثو ڇڏيو آهي، سو خالص ۽ نج آريائي نه آهي بلڪه آريائي ۽ دراوڙي تهذيب جي حسين امتزاج جي حيثت رکي ٿو. اڄ جي هندو ڌرم ۾ ۽ هندو ڪلچر ۾ خلط ملط ٿي ويندڙ دراوڙي عنصر به اُن ئي طرح احترام لائق آهن جنهن طرح آريائي عنصر. بلڪه اڄ ڪلهه جيڪي شيون هندو ڌرم جي سڃاڻپ جو اهم حصو آهن، تن مان اڪثريت دراوڙي آهي. انهن سموري ڳالهين مان واضح آهي ته سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان بعد آرين دراوڙن کي عسڪري شڪست ته ڏني پر پنهنجي غلامن جي طاقتور تهذيب کان شديد طور تي متاثر ٿيڻ کان بچي نه سگهيا ۽ آريائي تهذيب، دراوڙي تهذيب کان بنيادي نوعيت جا اثر قبول ڪيا. ان ئي نموني سنڌ ڌرتي جي وسيع ڪينواس تي هڪ اهڙي تهذيبي پورٽريٽ جا ست رنگ وکريا جنهن جي out line آريائي هئي ته رنگ دراوڙي هيا جنهن جو هڪ اسٽروڪ آريائي هيو ته ٻيو ٽچ دراوڙي هيو.
اهڙي ريت سنڌو ماٿري ۾ هڪ اهڙي دور جو آغاز ٿيو جيڪو پنهنجي ذات ۾ مڪمل ۽ بي مثل هيو. هن دراوڙ-آريائي تهذيبي دور ۾، دراوڙن سان گڏ آرين جو به اهم حصو آهي. آرين ئي سنڌ کي ڪنجهي (ڪانسي) جي دور مان ڪڍي لوهه جي دور Iron age ۾ داخل ڪيو. هنن ئي هن سرزمين جي زرعي نظام کي جديد بنائي پيداوار کي تمام گهڻي حد تائين وڌائي ڇڏيو. در حقيقت آرين جي دراوڙن تي غالب اچڻ جو سڀ کان وڏو سبب ئي انهن جا لوهه مان ٺهيل ترقي يافته ۽ جديد آلا ۽ اوزار هئا ۽ دراوڙن تي غالب اچڻ کان بعد آرين هن خطي ۾، انهن اوزارن کي رواج ڏئي هڪ تمام وڏو ڪم ڪيو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي، ته سنڌو ماٿري ۾ اچڻ کان پوءِ آرين کي اهي سڀ شيون ۽ عوامل ميسر اچي ويا هئا جيڪي ڪنهن به نسل يا قبيلي کي دنيا جي عظيم نسلن يا قبيلن جي صف ۾ وڃي بيهارين ٿا. سنڌ ۾ ئي آرين دراوڙن وٽان تمام اعليٰ ۽ نفيس تهذيبي، تمدني ۽ علمي اثر قبول ڪري انهن کي پنهنجي تهذيبي ۽ تمدني ڍانچي ۾ شامل ڪندي انهن کي عروج تائين پهچائي ڇڏيو. ان سان گڏ سنڌ جي زمين جي زرخيزي هڪ اهڙو عنصر هئي جيڪو آرين لاءِ هڪ نعمت کان گهٽ نه هيو. سنڌ جي هڪ ٻي خاصيت جيڪا آرين کي تمام گهڻو ڪتب آئي اها سنڌ وٽ وڏي ۽ ويڪري ساحلي پٽي جو هئڻ آهي. سنڌ جي ان ساحلي پٽي جي ڪري، آرين لاءِ سنڌ هڪ اهڙو base ثابت ٿي جتان هو تمام آساني سان بين الاقوامي ڌارا ۾ شريڪ ٿي سگهيا ۽ پنهنجا اثر دنيا جي سڀ کان ڏورانهن علائقن تائين ڪاميابي سان پهچائڻ کي ممڪن بڻايائون. ازانسواءِ هن خطي، سنڌو ماٿري جي هڪ خاصيت اها به هئي ته هن خطي ۾ دنيا جي وڏن دريائن مان هڪ درياءَ، ”سنڌو“ به وهندڙ هيو جيڪو اُن وقت به، هاڻي جيان، سنڌ جي سموري زرخيزي، دولت مندي ۽ ثروت جو ڄڻڪه منبع هيو.
هي اهي عنصر هيا جنهن ڪري آريا سنڌ جي زرخيزي ۽ درياءَ سنڌ جي باوقار حسن جي زلف گره گير جا اسير ٿي، ڪنهن سچي عاشق جيان، ان جي مداح ڪرڻ ۽ تعريف جا گيت ڳائڻ لڳا. آرين جو سڀ کان قابل فخر ورثو سندن زبان سنسڪرت ۽ رگ ويد آهي ۽ هي ڪتاب ”رگ ويد“ دنيا جي سڀ کان پراڻي ڪتاب هئڻ کان گڏ، آريائي (هندو ڌرم) جي سڀ کان پوتر ڪتاب هئڻ جو درجو پڻ رکي ٿو. دنيا جي ان سڀ کان پراڻي ۽ آرين جي ان سڀ کان پوتر ۽ متبرڪ ڪتاب (رگ ويد) جي ڪيترن ئي منڊلن ۽ رچائن ۾ موجود سنڌ جي زرخيزي ۽ سنڌو درياءَ جي شان ۾ لکيل اشلوڪ، آرين جي سنڌ ۽ سنڌو سان اٿاهه محبت ۽ عقيدت جو ناقابلِ ترديد ثبوت آهن. رگ ويد هڪ اشلوڪ ۾ سنڌ جي تعريف هنن لفظن ۾ ڪري ٿو.

سنڌ گهوڙن جي معاملي ۾ امير آهي
سنڌ امير آهي گاڏين ۾
سنڌ امير آ ڪپڙن ۾
سنڌ امير آ هر کائڻ پيئڻ جي شئي ۾
سنڌ وڏي هوشياري ۽ ڪاريگري سان ٺاهيل زيورن ۾ امير آهي
سنڌ جي اُنَ جو جواب ئي نه آهي
سنڌ ۾ سلما جا ٻوٽا (مُڃَ؟) به تمام گهڻا آهن
سدوري سنڌو جا ٻئي ڪپر، ماکي سان ڀريل گلن جو لباس پهريل آهن
(رگ ويد منڊل 10 سوڪت 75)

اڄڪلهه هندو ڌرم جو سڀ کان وڌيڪ مقدس درياءَ گنگا آهي، پر سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌو جو نالو هندو ڌم جي سڀ کان وڌيڪ پوتر ڌرمي ڪتاب  رگ ويد ۾ ان وقت درج ٿيو جڏهن آريا اڃا گنگا جي نانءَ کان به واقف نه هئا. رگ ويد ۾ هڪ ٻئي جڳهه سنڌوءَ بابت لکيو ويو آهي ته

اي سنڌو
جيئن جڏهن ڪو ئي راجا
جنگ لاءِ اُسهي ٿو ۽ سندس سپاهه سندس پويان هلي ٿو
اهڙي ريت تون به (راجا جيان) دريائن جي اڳيان هلين ٿي
۽ ٻيون نديون (سپاهه وانگر) تنهنجي پويان هلن ٿيون

رگ ويد سنڌو جي ساراهه جا ڍُڪ ڀريندي هئين به چئي ٿو ته؛
اي سنڌو تون جڏهن ميدانن ۾ وهين ٿي
ته پاڻ سان بي انداز کاڌو آڻين ٿي
تنهنجو پاڻي سڀ کان عظيم ۽ سٺو آهي
اي سنڌو، جيڪر تنهنجي خوبصورتي جي تشبهه ڏني وڃي
ته تون نئين نويلي ڪنوار وانگر آهين جيڪا هميشه جوان ۽ سدا سوهڻي آهي

۽ اي سنڌو جيئن گايون پنهنجا کير سان ڀريل ٿڻ کڻي
پنهنجي وٿاڻن تي موٽن ٿيون
اهڙيءَ ريت ٻيون نديون به
پاڻي کڻي تو ڏانهن ڊوڙن ٿيون

No comments:

Post a Comment