چيل حفيظ تيوڻو ( لالو جو )
]هن
مناظري ۾ ڄاڻايل آهي ته سهڻي دلي تي تري درياءَ
پار ڪري، ميهار سان ملڻ ويندي هئي، ان جي خبر
جڏهن سندس سس کي پيئي، تڏهن کيس طعنو هڻي چئي ٿي
ته: تون جو روز ميهار وٽ ٿي وڃين ته لوڪ ڇا
چوندو؟ تنهن کان سواءِ درياءَ جا خوفناڪ جانور
هڻي ڦاڙي چيري ڇڏيندءِ، تنهنڪري توکي قسم ٿي
وجهان ته اوڏانهن نه وڃ. سهڻي جواب ڏئي ٿي ته:
ميهار مون کي سڪ جي اهڙي سرڪ پياري آهي جو لوڪ
جي ميار جي مون کي ڪا پرواهه ڪانهي ۽ جي ويندي
مُيس ته ساهڙ تان صدقي ٿيس. تڏهن سس ڪاوڙجي کيس
چئي ٿي ته: هڪ ته خدائي ڏوهه ٿي ڪرين جو پنهنجو
حق ڇڏي ڌارئين مڙس وٽ ٿي وڃين ٻيو ته جي تنهنجي
مڙس ڏم کي خبر پوندي ته ماري وجهندءِ. ته سهڻي
جواب ٿي ڏئيس ته: منهنجو مڙس ته ميهار آهي، جنهن
سان ازل ۾ منهنجو نڪاح ٿيو، اهو ڏم ته مون کي
زوريءَ ڏنل آهي. توهين ڇا به ڪريو پر آءٌ ضرور
وينديس. ان تي سس چويس ٿي ته: جيڪڏهن ميهار سان
تنهنجو اڳ نڪاح هو ته ڏم جي نڪاح وقت تو وڪيلن ۽
وارثن کي نڪاح جي قبوليت ڇو ڏني؟ ان وقت انڪار
ڪرين ها ته ملان نڪاح ئي نه پڙهي ها. سهڻي جواب
ٿي ڏئي ته: اهي ملان ته ظاهري ڳالهين ۽ مسئلن تي
ٿا هلن انهن کي اندر جي قاضيءَ جي ڪهڙي خبر !
آءٌ تقدير جي ٻڌل آهيان توکي به توبهه ڪرڻ
گهرجي. آخر ۾ شاعر انهيءَ سوال جواب جو نتيجو
ٻڌائي ٿو ته: جڏهن سس ڏٺو ته هوءَ نٿي سمجهي،
تڏهن ان جو پڪو دلو کڻي اتي ڪچو رکي ويئي. جڏهن
سهڻي اڳينءَ هير تي انهيءَ دلي سان ويئي ته
لهرين ۾ لڙهي ويئي ۽ درياءَ جي جانورن ۽ مڇين
کيس کائي ڇڏيو.[
تمهيد
چڙهي چارئي يار، آيا مُنهن تنهين ميهار،
وجهي ونگ وڇير کي، ڏڌو کير ڌنار،
پيالا پي پُر ٿيا، مانجهي مرد متار،
ڄُلي ڄاڃي آئيا، پسي دونهين جي ته دوار،
اچي ائين اتانهون، لڳي محڪم کي مهار،
ته ڪا سُتِي گهرجي سوڻ ڪاڻ، ڪارڻ گهوٽ ڪنوار،
ڪا رتي رهي هئي رچ، سانڍي تنهن سُرتدار،
اوبر تي اصيلن جي، هئي تنهين منجهه تڪرار،
هِن نه پِيتي، هُن کي ڏني، سا وٺي چٽيندي چشڪار،
سرڪ ڪرايس سار، جيڪا پيتائين پرت مؤن.
سس
منڌ جهليندينءَ ميهڻا، تان اڃا تائين توڙ،
تو سِر ٺهندا سهڻي ! ڪي اڻ جڙائيندا جوڙ،
پار پراهُون پنڌ تي، ڊڪي وڃين ڊوڙ،
مانگر مڇ ميهر ٻجهن، خواجي اندر کوڙ،
ڊوهي اٿئي نه ڊوڙ، نُنهَن ! پرائي ننگ تي.
سهڻي
جيڪي ننگ نهوڙيون نِينهن، سي ڪيئن سانگا ڪن ؟
عشق مجازي مامرو، آهي جيءَ سان لڳو جن،
لاءِ مصلحت لوڪ جي، اهي ويڳاڻيون نه وتن،
توڙي سؤ طعنا ڏين، ته به سس ! رهي سگهنديون
ڪينڪي.
سس
اهو ساهڙ توکي سهڻي ! ڪاٿئون ڪن لڳوءِ،
ڪنواري هئين ڪُٽ ۾، ڪين پرڻي کان ٿيئن پوءِ،
يا لانئن ۾ ”لالو“ چئي، يا پيڪن پڪ پڪوءِ،
ڇورِي ! لاڪون ڇَتڙن، يا نينهن ننڍي ئي هوءِ،
هاڙهي حق ڀڳوءِ، سو ڪاٽي ڏيندءِ ڪانڌ جو.
سهڻي
سر هيڻن سکڻا تون، ناحق رک نه بم،
تون تنهين جي تات ۾، ڇو وڙهي آهين مم،
ساهڙ سهڻيءَ سان هيو، اڳي کئون آدم،
لکيو لوح ميثاق جي، لاڪُون لوح قلم،
پڙهيو نڪاح منهنجو، هاديءَ ساڻ حڪم،
ڄائي پڄاڻا ڄم، پوءِ زور سان ڏنائون ڏم کي.
سس
جي ڏم نه وڻيو هئي ڏانوَ ۾، ته ڊوڙي ڪرين ها
دانهن،
وجهين ها واڪا ڪري، تنهن ملان کي منانهن
[2]،
ته ملان ”اللهم اِنّي“ نه پڙهي ها، ٻُڌي پرائي
ٻانهن،
جڏهن وڪيلن وارثي، ٿي پڇيئي برسر پناهه،
تڏهن نُنهَنَ ! ڪرين ها دانهن، ته اڄ قاضي ڪوڙو
نه هئي ها.
سهڻي
کرو قاضي قلب جو، آخوند آهه اندر،
ٻيا پڙهن ٿا ٻين کان، ٻڌي عين اَپر،
لايئون لکن نا لام جون، اهو باب نه برابر،
اهي قاضي ناهن ڪواز ۾، ماسي ! ملان مگر،
ٻانهون ڏين ٿا ٻاجهه مؤن، ذيل ڪيون لئي زر،
تن نه اٿن توحيد ۾، ٿا ٻاڪارين ٻاهر،
ڪن ٿا ڪٿ ڪتابن تي، آهي جماعت جيڪر،
پوءِ سس ! نه ٿي سڌر، تون ملن جي انهن مسئلن
تي.
سس
چئي: حافظ حديثن جا، سي ڪن مئلام،
قاضي ڪهن ٿا قاف جو، سر منجهانئي سر،
جيڪا مڃيندي نه مصحف کي، سا ڪڍي ڪندا ڪافر،
ڏيهه مڙوئي ڏوهه سان، آهي بي ڏوهو ڏاتر،
”تيوڻو“ چئي تلقين جو، آهي بيشمار بحر،
ڪي ٿا ڪن ڪٿ ڪتابن تي، ڪن جو بدين تي باور،
ڪي ماڻين صبح مڪي جو، ڪي گنگا ڪن گذر،
ڪي جامع جماعتون ڪن، ڪي ڌرمسال ڌچرا،
ڳڻي ڳڻيندو ڪيترو، ڪو ڏاهو ڏهيسر،
باري بيحساب آ، ڪن ٿيون وڇوڙي ور،
ڪٿڻ ڪل ڪريم، جيڪو توريندو تڪبر،
تون ٽڪ انهيءَ تون ٽر، صدق ٽوڙ نه سهڻي !
سهڻي
سر ته ساهڙ ڄام سين، جن جو لڳو جو،
ڏوهه نه ٿيندو ڏم جو، ڪجهه تنهين کي ڪو،
ڪونه ڏٺو هوم ڪاٿهين، ڪو اهڙو پير پڪو،
ماڻهو ڪن مَڪو، مون ته حج هتي ئي ماڻيو.
سس
حج پڙهيئي پرحق نه رکيئي، تنهنجو حج نه ٿيندو ري
حق،
وڃي پڇ پڙهين کؤن، اها ڪر پروڙي پڪ،
لوٽ بنا ”لالو“ چئي، طعام نه اچي ڪنهن تڪ،
اهي ٻوڙا ٻڌڻ سهڻي، اٿئي بيجاءِ بڪ،
ڪين وٽيندينءَ سهڻيءَ، ننهن ! منهنجون ناحق،
ماريندءِ مالڪ، تون ڇڏ ڏنگايون ڏم سان.
سهڻي
ور نه منهنجي وجهه جو، اهو ڏم مونکي نه ڏس،
اها منٿ متان ڪرين، جو مور نه مڃينديس،
سور نه ٿيندو سگهرو، مور نڪين ماڻس،
ڪِر ڪِر واري ڪانڌ کؤن، مونکي بنهه آهي بس،
اڄ کؤن اٿس، ڏاڙهيءَ وارو ڏم کي.
سس
ڀڳي ڪرڻ ڀتار سان، آهي زالن ڪاڻ ضرر،
ڪونه سُجهي ٿو سهڻي ! توکي ڏم سندو ڪو ڏر،
متان مورن کي پوي، انهيءَ ويڻ جو وڏر،
ڪين لاهيندو ”لالو“ چئي، تو ڏانهن ڏم ڏمر،
متان وڙهئي ور، ڪر دم ڦٽو ڪامڻ ! ڪانڌ سان.
سهڻي
ڏم ڏمريو ته گهوريو، شل ساهڙ تان نه رسي،
ساهڙ جي سوز جي اٿم، ڄر منجهه جيءَ جثي،
مر جان ڏم ڏسي، جو ڏيان سر ساهڙ ڄام کي.
سس
سهڻي ! سکندينءَ ڪينڪي، انهيءَ بينش تون ويندءِ
ور
[3]،
کِل خواري خلق جي، توکي ناهي ڪا نظر،
هڪ وڃين ٿي ور سامهين، ٻيو ناز ڪرين نينگر،
پادر پاڻيءَ پنڌ تي، ڪندءِ پروڙي پر،
مُک اهڙي ”لالو“ چئي، ٻي وائي ٿي ويتر،
ماريندءِ مگر، سِر هڻي ڪنهن سٽ ۾.
سهڻي
پرينءَ پريت جو ٿو، چڙو چُونگاري،
وجهي ٿو وير تنهن، ڏِيل منهنجو ڏاري،
ڪين ڪيو آ ڪست مون، سيءَ سندي پاري،
وڃان ٿي وير مان، منهن لڳ انهيءَ لاري،
پوءِ ميار نه ماري، جي مُئس ته صدقي ساهڙ ڄام
تان.
سس
سمجهه سهڻي ! صبر ڪر، تون چري ٿي آن جوءِ،
مرندي انهيءَ مرم نه جيئن، مُٺي جڳ سڻاءِ جوءِ،
ڪچي تي ڪيترو ڪرين، اهو هٺ نه هلندوءِ،
لڳ ڌڻي ”لالو“ چئي، منهنجو عرض مڃ اهوءِ،
ساتي ويهه سرير ۾، ڄڻ ڪي ميهر مئوءِ،
هڏ نه ڪي هوءِ، ڄڻ گڏينءَ ڪين گمان سان.
سهڻي
اهي متيون ڏي پاڻ کي، جو ڪجهه نه ٿيندءِ ڪم،
پر پچار نه پنهنجو تون، ڌَنئُن ويٺي ڌم،
ڪين مرندو ميهار، شل ڏائڻ مري تنهنجو ڏم،
رکندو شاهه ڄرم، اٿئي نيّت نڀاڳي پنهنجي.
سس
مت لڳنئي ٿي مهڻو، تون ڇو ٿي ڇِنين پاڻ،
کُهه ميهر، کُهه مامرو، کُهه پئي تنهنجو پاڻ،
ڪي لکن ٿا ذات ’لغامڙو‘، ڪي آکن ٿا ’آراڻ،
تو ته وڃي ڪيو تڪڙو، سنگ ’ساهڙن‘ ساڻ،
هاڻي تون ئي ڄاڻ، ڪي ڄاڻي تنهنجي جندڙي.
سهڻي
لکيو لوح قلم جو، هوندو جنهن جي حق،
سا ماڻيندي سڀڪا، برابر بيشڪ،
”تيوڻو“ چئي تڪ، تون به توبہ ڪر تقدير کئون.
نتيجو
پوءِ ڪچو رکي ڪانهه ۾، ويئي پڪو پاڻ کڻي،
مصلحت هن سهڻيءَ جي، اڄ واحد کي نه وڻي،
اٿي اڳينءَ هيِر تي، انهيءَ مهل کڻي،
ڍَرِي ڍولئي پاس وڃي، دلو ڪنڌ کڻي،
پوءِ سڏيندي ساهڙ کي، ويئي منڌ مڻي،
هن جي باب بڻي، وڃي دادلي ڌنار ڏانهن.
هِنيون هنيائين ڇوهه مان، ٻانهون ٻئي ٻيهار،
ماهه نِيَس مڇئين، سسي نِيَس سيسار،
ڄرڪيون، ڏاهيون، ڏنڀرا، ٻيا شاڪو بيشمار،
ڪهڳل ڪانون جا هئا، ڪنڌيءَ اتي ڪپار،
پکين پنهنجي پر ۾، رنو زارو زار،
لهرين لڙهي ”لالو“ چئي، طرح انهيءَ تڪرار،
سائين سڀ جوڙي هئي، جوڙ اها جنسار،
ڪلمي جي آڌار، سڀ لنگهيندا لڪيون.
No comments:
Post a Comment